July 2024

بلاگنئون

ڊائري جا ورق

مان هاڻ عمر جي ان حصي ۾ پهچي چڪو آهيان، جتان کانپوءِ نوجواني جي حد ختم ٿي، پيري وارو دور شروع ٿو ٿئي. 38 يا 40 سالن تي پهچي ويو آهيان ۽ هاڻ مان ڏسي رهيو آهيان ته منهنجو جسم، عضوا ۽ وار به جواني جا آثار ڇڏڻ لڳا آهن. ڏاڙهي ته اڌ کان مٿي اڇي ٿي چڪي آهي. هاڻ جسم ۾ اها طاقت به ڪانه رهي آهي. محنت واو معمولي ڪم به سهڪايو ڇڏي. ٻه چار ڀيرا مُڇن کي خضاب جو رنگ لڳايم، پر پوءِ اهو سڀ مونکي فضول لڳو ۽ ڇڏي ڏنم. سوچيان ٿو ته وقت کي روڪڻ واري ڪوشش اجائي آهي.

Read More
بلاگنئون

سنڌي صحافت جو وھائو تارو، اسحاق مڱريو

شايد ئي گذريل پنجاھ سالن ۾ ڪنھن صحافي سنڌ کي ائين ووڙيو ۽ ڦلھوريو ھجي جيئن اسحاق مڱريو ڪري ڏيکاريو. سنڌو درياءَ، سنڌو جو ڊيلٽا، سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جون ٻوڏون، سنڌ جا ٿر بر، ڪچا ۽ ڪاڇا، سنڌ جا واھڻ ۽ وسنديون ھن شخص ائين اٿلائي پٿلائي ڏٺا، جنھن ڳالھين شخص کي سنڌ شناسي جو سونھون ۽ سنڌي صحافت جو نرالو ڪردار بڻائي ڇڏيو،

Read More