literature

بلاگنئون

ادب جي آڪاس تي چمڪندڙ ستارو

قمر شھباز ھڪ اھڙو نالو جنھن جي اچارڻ سان انساني ڪيفيت ڪيترن ئي رنگن سان سرشار ٿي وڃي ٿي، قمر شھباز صاحب سنڌ، پاڪستان جي هڪ گهڻ رخي ٽيلنٽ، ادب، شاعري، ڊرامي ۽ اسڪرين رائٽنگ جي دنيا ۾ انمول نشان ڇڏي ويو آھي، قمر شهباز جي زندگي سندس تخليقي اظهار جي جذبي جو ثبوت آھي. ھو پنھنجي جذبن احساسن ۽ ڪيفيتن ۾ پيڙھجي سنڌي عوام، سماج جا سور بي راھ رويا، مفلسيءَ جي ماريل ماڻھن جا درد ۽ پيڙائن کي پنھنجي قلم سان پنن تي پکيڙڻ جو ئي ماھر نه ھو, پر ھو ھر صنف ۾ پنھنجو پاڻ ملهائيندڙ ڪردار ھو سندس اظھار جي بلندي بيان ڪندي ننگر چنا صاحب قمر شھباز جون ھي لائينون پيش ڪيون آھن ته ملڪ ۾ هاهاڪار متل هجي، گولي بارود جي بُوءِ ۾ دم گُهٽبو هجي، در دريون بند ۽ رستا ويران هجن، سوچَ تي پَھرا ۽ آزاديءَ تي تيرَ تاڻيل هجن ۽ شاعر گل ۽ بلبل جو داستان کڻي ويھي. عام ماڻهو بُکَ جو بَکُ ٿيندا هجن، ڳڀي جي ڳولا ۾ للنگ لِيلائيندا هجن، معصوم ٻارڙن کي چنڊ ۾ مانيءَ جو عڪس نظر ايندو هجي ۽ شاعر جام و مينا جي ڳالهڙي ڇيڙي ويھي.

Read More
بلاگنئون

علم، ادب ۽ سگھڙائپ جو نشانبَرُ: فقير ميانداد سيلاني چانڊيو

ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ اھڙي شخص جي آمد ٿيندي آھي، جنهن جي اثر هيٺ زندگيءَ جو نقشو ئي بدلجي ويندو آهي. سوچڻ جو نظريو، ڳالهائڻ جو انداز تان جو زندگيءَ جو مقصد به مٽجي ويندو آھي. اتفاق سان منھنجي به زندگيءَ ۾ هڪ اھڙي شخص جي آمد ٿي، جنھن جي اثر ھيٺ آئون به علم ۽ ادب ڏانھن مائل ٿيس.

Read More
بلاگنئون

فڪري زاوين جو شخصيت جي آدرشن سان سنگم:

تجربيت جي سائنسي اصولن موجب جيتوڻڪ اخلاق؛ آدرشَ ۽ قدرَ ڪنهن به پيمائش ۽ پيماني ۾ نه ئي پيوند ٿا ٿين نه ئي پرکجن ٿا، پر مشاهدي جي آڌار اسان اِهي شعور ۽ ضمير سان جُڙيل ۽ ڳنڍيل ڳرا ڳرا وڏين ٻرانگهن جهڙا اکر ۽ وکر کڻي ”هڪ آدرشي انسان“ ۽ ”رول ماڊل شخصيت“ جهڙا اصطلاح جوڙيا ويا آهن. ”آدرشن وارو انسان“: علم ۽ فهم، سمجهه ۽ ساڃاهه، پُرجهه ۽ پروڙ تان جو ويندي يڪتا ۽ يگانو!

Read More