شھيد نذير عباسي جي ياد ۾
ٽنڊوالھيار سميت سموري سنڌ جي سياست عجيب ٿي ڏسجي اڄ شھيد نذير عباسي جي ورسي جو ڏکوئيندڙ ڏينھن آھي، پر گھڻي ڀاڱي خاموشي درگذري ۽ بي خبري وارو ماحول ٿو ڏسجي. ڇو جو مفاد پرستي پنهنجا مضبوط چنبا کوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب اڪثر سياسي ورڪرن به ھاڻ اھا پراڻي عوامي سياست ڇڏي ڏني آهي. جيڪا اڳ ۾ غريب عوام جو آواز بنجڻ جي لاءِ ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي سياسي ورڪر ۽ دانشور فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي ئي نظر اچن ٿا. ھو خاموش رھڻ پسند ڪن ٿا ۽ پنهنجن پوسٽن تي واھ واھ پسند ٿي ويا آھن. ھنن مان ڳالھائڻ جي سگھ جھڙوڪر ختم ٿيندي وڃي. ھي پنهنجي پارٽي ۾ به تنقيدي پھلو يا سچائي واري ڳالھ ڪرڻ کان قاصر ٿا ڏسجن. ھو پنهنجن اڳواڻن کي عوام جي ڀلائي واسطي بھتر راءِ ڏيڻ ۾ به جھڙوڪر گھٻرائين ٿا.
Read More