Mohin jo Daro

بلاگنئون

موهن جي دڙي جهڙو مثالي ڳوٺ (سفر نامو حصو ٻيون)

گهٽين ۽ رستن تي هلندي اُها ٻه ماڙ بلڊنگ به ڏٺيسين جنهن ۾ هيٺ سيڪيورٽي گارڊن جي رهائش آهي ۽ ان جي اندران گولائي ۾ ٺاهيل لوهي ڏاڪڻ چڙهندي واچ ٽاور تي پهچي وڃجي ٿو. سڄي ڳوٺ جي نگھباني (حفاظت) لاءِ چار واچ ٽاور (مورچا) ٺھيل آھن، جن تي 24 ڪلاڪ پھريدار (سيڪيورٽي گارڊ) موجود ھجن ٿا، جيئن ڳوٺ جا ماڻھو پُر امن ماحول ۾ بنا ڪنھن خوف خطري جي پنھنجو روزمرھ جو ڪرت (ڪم ڪار) ڪري سگھن ۽ رات جو سڪون جي ننڍ سمھي سگھن.

Read More