Part 1

ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ساحر صاحب (حصو پهريون)

ڪراچيءَ جي هڪ پوش علائقي جي هڪ مشهور ڪلب جي ڪشادي هال جي ڪنڊائتي ٽيبل ڏانهن چاليهه سالن جو ساحر احمد هلندو آيو ۽ ڪاري رنگ جي گول ڪرسي ڇڪي ان تي ويهي ٽيبل جي چمڪندڙ شيشي ۾ پنهنجو منهن ڏسڻ لڳو. هن پنهنجي شيو ٿيل منهن جو عڪس ڏٺو ته منهن تي مرڪ اچي ويس. خبر ناهي اهو ڪمال هال ۾ چمڪندڙ لائيٽن جو هو يا سچ به هن جي منهن ۾ هوريان هوريان نور موٽي رهيو هو. گذريل ٻن سالن کان جڏهن کان هو ڪلب جو ميمبر ٿيو هو هن ئي ڪنڊائتي ٽيبل تي ئي ويهڻ لڳو هو ۽ هاڻي اسٽاف اها ٽيبل هن لا ريزرو ڪري ڇڏي هئي.

Read More