ڪهاڻي: پوپري
ملهار جي نظر جيستائين وئي ٿي، اوستائين فقط پاڻي ئي پاڻي هو. هُن جي سڄي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو هو. اهوئي سمنڊ جيڪو سدائين سنڌوءَ جي ڇولين سان پيو ڌڪبو هو، اڄ ڪنهن چور وانگر اُن ملهار جي زمين چورائي ورتي هئي. سمنڊ کي هو چور سمجهندو هو، بلڪه وڏو ڌاڙيل هو، جنهن سندس آباد زمين تي ڌاڙو هنيو هو. لوڻياٺي ٿي ويل زمين هاڻ ڪنهن ڪم جي ڪونه رهي هئي.
Read More