خلق جو حقيقي خدمتگار محمد حنيف جانو
عوام جي ڀلائي بهترين عبادت آهي. ڀلو ماڻهو اهو آهي، جنهن مان ٻين کي فائدو پهچي. ڇو ته سماج جو سڌارو ۽ ڀلائي انهيءَ راز ۾ لڪل آهي ته انسان هڪٻئي جي ڀلائي ۽ همراهي جو پاڻ ۾ جذبو پيدا ڪري. هيءُ گڻ انسان جي عزت ۽ عظمت جو ضامن آهي. حقيقت اها آهي ته پنهنجن ۽ پراون جي دلين ۾ هي وصف انسان جو مان وڌائيندي آهي. جن انسانن پنهنجي حياتي ٻين لاءِ وقف ڪئي، غريبن ۽ بيواهن جي خدمت ڪئي، ساڻيهه جي مسڪين ماروئڙن لاءِ زندگي قربان ڪئي، تن جو نالو ساڻيهه جي تاريخ ۾ قائم ۽ دائم رهندو۔
Read More