ڪهاڻي: اداس مُرڪ
هوءَ مسلسل کڙڪيءَ ڀر سان بيٺي هئي۔ بلڪل اداس ۽ ملول۔ اک آسمان ۾ کُتل هُئس. ڄڻ پروردگار سان خاموش شڪايت ڪندي هجي۔ ڄڻ آسمان تي ڪا مبهم تحرير پڙهندي هجي، پر آسمان تي ته ستارن جي تحرير لکيل هئي۔ تارن جي ڪڙيءَ ۾ تقدير جي تحرير کي ڪيئن ٿو پڙهي سگھجي۔ ڪاتب تقدير ته جيڪو لکيو آهي سو ته لوح قلم ۾ محفوظ آهي۔ جنھن کي نه پڙھي سگھجي ٿو نه ئي ان تحرير کي مٽائي سگھجي ٿو۔ هوءَ جيڪا تحرير آهي سا ته پٿر تي لڪير آھي، اٽل آهي، اڻٽر آهي۔
Read More