غير معياري ۽ غير ملڪي سگريٽن جو وڪرو ڪير روڪيندو؟
سگريٽن تي ٽيڪس وڌائي ڊبل ڪرڻ جي نتيجي ۾ سرڪار کي ھڪ ڌڪ ۾ 4 ارب 60 ڪروڙن جو اضافي ٽيڪس مليو ۽ ھول سيلرن کي سگريٽ اسٽاڪ ڪري رکڻ ۾ رات وچ ۾ ڪروڙين رپيا بچت به ٿي، ڪنھن به قسم جي دانھن به نه ٿي، ڇو ته سگريٽ روز مره جي استعمال جي شين ۾ اچي ٿو، پر صحت لاءِ هاڃيڪار شيءِ آھي ان جي مھانگي ٿيڻ تي ڪير ايئن دانھن نٿو ڪري سگھي جيئن اٽي ۽ ٻين شين جي مھانگائي تي دانھون ٿيون آھن، گولڊ ليف سگريٽ جي 500 رپين ۾ وڪامندڙ ھڪ پاڪيٽ تي 330 رپيه سرڪاري ٽيڪس جا لڳن ٿا ايئن باقي 170 رپين ۾ خام مال ۽ ليبر جي ڪاسٽ، ھول سيلر ۽ ريزڪي وڪرو ڪندڙن جو نفعو ڪاٽو ڪجي ته سگريٽن تان ڪمپني کي فائدو گھٽجي وڃي ٿو، نتيجي ۾ انھن جا معيار به خراب ٿي ويا آھن، سادن ۽ نقلي سگريٽن جا گرھاڪ وڌي ويا آھن، جنھن سان سگريٽ وڌيڪ هاڃيڪار شيءِ بڻجي ويو آھي.
Read More