ٻارن لاءِ سائنس فڪشن ڪھاڻي: سارنگ
رات اٺين وڳي جو وقت ھو. شھر جي ھڪ مشھور علائقي جي پنج ماڙ عمارت جي ڇت تي ڪا چُرپُر ٿي رھي ھئي. اُھو زبير ھو، جيڪو پاڻيءَ واري ٽانڪيءَ تي اونڌو ليٽيو پيو ھو. زبير، سامهون ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کاتي واري ستَ ماڙ عمارت ڏانھن، رات جو به چٽو ڏيکارڻ واري (Night Vision) دوربين وسيلي نھاري رھيو ھو.کاتي جي ان عمارت ۾ انسانَ جيان لڳندڙ مشيني ماڻهن ( Humanoid Robots) بابت تحقيق جو شعبو قائم ھو.
Read More