Sawan Hingorjo

بلاگنئون

منهنجو مُحسن منهنجو بابا سانوڻ هنڱورجو

سونَ ورني سنڌ ڌرتي جي اوڀر پاسي واري ڪنڊ تي آباد هڪڙو حَسين خطو ٿرپارڪر پُڻ آھي، جيڪو هر لحاظ کان مالامال آھي، هن خطي تي اهڙين انمول هستين جنم ورتو آھي جن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ نه رڳو پنهنجي علائقي، پنهنجي خِطي جو نالو روشن ڪيو آھي مگر پنهنجي ڌرتي جو نانءُ پُڻ سونن اکرن ۾ لکرايو آھي، ٿر جي مُکيه شهر مٺي جيڪو ضلعي هيڊڪوارٽر پُڻ آھي انهي گڍي جي هنج ۾ آباد مٺي شھر کان 14 ڪلو ميٽر جي مُفاصلي تي اوڀر طرف اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ٻُگهار هنڱورجا ۾ ھڪ پورهيت ۽ هاري جي گهر ۾ 14 آگسٽ 1958ع ڌاري اک کوليندڙ سانوڻ هنڱورجو پُڻ هڪ آھي. جنهن کي سَموري سنڌ چاچي سانوڻ هنڱورجي جي نالي سان ڄاڻي سُڃاڻي ٿي.

Read More