Second World War

بلاگنئون

ٻي عالمي جنگ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي فتح جي تاريخ

ٻي مهاڀاري لڙائي جنهن ۾ 53 قومن 6 سالن تائين وڙهي ساڍا چار ڪروڙ ماڻهو ماريا، اربين ماڻھو بک، بدحالي، بيمارين ۽ خوف جي ور چڙھيا. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ تقريبن ساڍا چار ڪروڙ ماڻهو گولين ۽ بمن جو شڪار ٿيا، تقريبن 71 مهينن تائين لڳاتار جاري رهندڙ هن تاريخ جي سڀ کان وڏي لڙائي ۾ دنيا جون 53 قومون (ملڪ) پاڻ ۾ بمن، توپن، ٽينڪن، جنگي ھوائي ۽ بحري جھازن سان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيون ڪروڙين ٽن بارود ماڻهن ۽ آبادين مٿان وسايو ويو، سوويت يونين جي هڪ شهر اسٽالن گراڊ ۾ 10 لک ماڻهو ماريا ويا، جاپان جا 2 وڏا شهر هيروشيما ۽ ناگاساڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائٽمي هٿيارن سان نقشي تان مٽايا ويا، يورپ، آمريڪا، ايشا ۽ آفريڪا کنڊ هڪ ئي وقت لڙائي جي نتيجي ۾ وڏي حد تائين متاثر رهيا لڙائي جي خاتمي کانپوءِ دنيا جو نقشو بدلجي ويو ۽ دنيا جي معشيت تي انتهائي ناڪاري اثر ظاهر ٿيا، بک، بيروزگاري، خوف جهڙين آفتن منهن ڪڍيو، ٻئي طرف ان وڏي لڙائي جي نتيجي ۾ اقوام متحده جهڙو وڏو ادارو به قائم ڪيو ويو ۽ سائنسي ايجادن ۽ انڪشافن جي هڪ دوُر جي شروعات ٿي، پاڪستان ٺھڻ جو سڀ کان وڏو سبب برطانيه جو ٻي عالمي جنگ ۾ وڏو نقصان ٿيڻ ھو جنھن جي ڪري برطانيه برصغير واري بيٺڪيت مان ھٿ ڪڍيا.

Read More