Shah abdul latif bhitai

بلاگنئون

ڀٽائي هڪ مفڪر، محقق ۽ جديد دور جو فلسفي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن جديد دور جي فلسفياڻي علم جو پروفيسر اعظم، فلڪيات جو زبردست ڄاڻون، سائنسي دور جو نقاد، مشاهداتي علم جو عظيم محقق، فرقا پرستي جو سخت مخالف، انسانيت جي پيروڪار ۽ علمبردار سان گڏوگڏ هن جديد دور جو زبردست سياستدان به آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان جيڪا ڄاڻ ملي ٿي، جيڪڏھن انهن شعرن تي تحقيق ڪجي ته دنيا جو تمام علم انهن شعرن ۽ بيتن ۾ سمايل نظر ايندو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تعصبي بنياد پرست علمي، ادبي اڪابرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏنل علم تي تحقيق بجاءِ کين مسلسل نظر انداز ڪندا پيا اچن. هن دنيا جي عظيم ڏاهي پروفيسر جي علمي خزاني کي مزار تي چادرون چاڙھي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف دنيا جا محقق شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڪائناتي يونيورسٽي جي عظيم پروفيسر جي خطاب سان نوازي رهيا آهن پر بدقسمتي سان اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پير چئي چادرون چاڙھي ان جي علم ۽ شعور کي سمجهڻ کان هميشه قاصر آهيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان ڪل ڪائنات جي لاءِ فڪرمندي جو درس ملي ٿو، آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته شاهه صاحب انسانيت جو علمبردار ۽ روحاني حڪيم سان گڏوگڏ اعليٰ درجي جو عاشق يڪتا پرست نظر اچي ٿو.

Read More
بلاگنئون

ڊاڪٽر شازيه سفير جي لطيفي پرک: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس: هڪ نظر

ڊاڪٽر شازيه 20 آگسٽ 1981ع تي ديدار حسين پتافيءَ جي گهر ڳوٺ رسول بخش پتافي تعلقي سوڀيديري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ ۽ انٽر سوڀيديري مان ڪيائين، بي اي ۽ ايم اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد پهريون وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ 2009ع ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي، موجوده وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پنهنجون جوابداريون نڀائي رهي آهي. هن سنڌي ٻولي ۽ ادب تي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، سندس خاص علمي ۽ ادبي سڃاڻپ لطيف شناسيءَ تي تحقيق آهي، هِن ڏِسَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن ۾ ” سرمارئي ۽ ڪاموڏ ۾ سماجي ۽ حڪومتي نطام ۽ شاهه جو مثالي رياست بابت تصور“، ”هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون“، ”ڪتڻ هڪ پيار ڀريو پورهيو“، ”شاهه عبداللطيف جو ڪمال“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽ رهبر جو تصور“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ پورهيتن جي ٻولي، ”شاهه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج“، ”سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪردار“ ۽ ٻيا آهن.

Read More
بلاگنئون

حضرت شاهه عبداللطليف ڀٽائي رح جو عرس مبارڪ

سنڌ جي سر زمين صوفين، پيرن، بزرگن، عالمن، درويشن، شاعرن، اديبن، سگهڙن، سورمن، سورهين، مومنن جي ڌرتي آهي. جتي هميشه اهڙا عظيم انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن جي ڪارنامن، قولن، قربانين، ڪلامن، بيتن وارين خدمتن کي نه صرف سنڌي قوم پر پوري ڪائنات ۾ عزت ۽ اهميت حاصل آهي. اهڙن عظيم انسانن مان شاعرن جو سرتاج، بزرگ، درويش حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جنھن کي عقيدتمند ”ڀٽائي گهوٽ“، ”ڀٽ ڌڻي“، ”لال لطيف“ ۽ لاکيڻو لال ڪري سڏيندا رهن ٿا.

Read More
بلاگنئون

سُر ڪيڏارو جو فلسفو

دنيا جي قومن جي تاريخن کي جيڪڏهن ڌيان سان پڙهبو ته خبر پوندي، ته زوال پذير قومن تي جيڪڏهن ڌڻيءَ سڳوري جي مهر ٿيڻي هوندي آهي ته انهيءَ قوم جو ضمير ضرور سجاڳ ٿيندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ پوئتي پيل ۽ مظلوم سماج ۾ حق ۽ باطل سامهون ٿيندا آهن.

Read More
بلاگنئون

لُڙڪ نه لکڻ ڏئين، ڪِريو پُون قلم تي

لطيف سائين اسان جا زندگي جي ھر موڙ تي مددگار، رھنما، رھبر ۽ صلاحڪار آھن. سنڌ جي ماروئڙن جي ڏکن جا شريڪ، سکن جا ساٿي آھن. ھڪ ڳالھ آھي ته لطيف سائين جي ڏنل درس جي مان اسان ڪھڙو سبق حاصل ڪيو آھي؟. سنڌ جي ماڻھن سان گڏ دنيا جي ماھرن عالمن لطيف سائين جي سوانح، رسالي، راڳ ۽ طريقت تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي. پر اڃان به لطيف سائين جي اصلي فڪر تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پڻ موجود آھي.

Read More