بلاگنئون

فقير يا مئل ڪتو

(ڊرامو/ناٽڪ)

ناٽڪ نويس: برٽالٽ بريخت

جرمني ڄائو برٽالٽ بريخت (1898-1956) ٿيٽر، ناٽڪ نويسي، شاعري ۽ ادب جو سگھارو نانءُ آھي. ھو پھرين ۽ ٻين عالمي جنگ جي تباهڪارين ۽ ان دور جي سياسي – سماجي ڀڃ ڊاھه جو اکين ڏٺو شاھد ھو. ھن ڪيترائي لازوال ڊراما لکيا. ھن مزاحمتي شاعري ڪئي. ھٽلر جي فاشسٽ سوچ، نازي فوج جي ظلمن ۽ مارڪسسٽ خيالن جي ھئڻ ڪري کيس جرمنيءَ مان جلاوطن ٿيڻو پيو ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ روپوشي واري زندگي گذاريندو رھيو. سندس مشھور ڊراميLife of Galileo جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سائين محمد ابراهيم جويي صاحب 1977ع ۾ ڪيو ھو. سندس ڊراميThe Beggar or The Dead Dog جو سنڌي ترجمو ھيٺ ڏجي ٿو. ھي ڊرامو اصل جرمن ٻوليءَ ۾ 1919ع ۾ ڇپيو، جنھن جو بعد ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. ھن ڊرامي/ناٽڪ جو پسمنظر چين آھي. ھي ناٽڪ ھڪ فاتح شھنشاھه ۽ ھڪ نابين فقير جي وچ ۾ مڪالمن تي مشتمل آھي. فقير جون فلسفاڻيون ۽ علامتي ڳالھيون، بادشاھه جي وائڙائپ ۽ مئل ڪتي جو ڏک ھن ناٽڪ جا اھم پھلو آھن. (مترجم ڪ.ج)

********

ڪردار:

شھنشاھه

فقير

سپاھي

********

ھڪ دروازو – جنھن جي ساڄي پاسي ھڪ فقير ڦاٽل ڪپڙن ۾ ويٺو آھي، جنھن جا وار اڇا ٿي چڪا آھن. ڦاٽل ڪپڙن ۾ ھن ھڪ بانسريءَ کي لڪائي رکيو آھي. صبح جو وقت آھي. توب جو گولو ھلي ٿو. اسٽيج تي شھنشاھه پنھنجن سپاھين سان گڏ ظاھر ٿئي ٿو. کيس ڊگھا ڳاڙھا وار آھن. کيس واڱڻائي شاھي پوشاڪ پھريل آھي. گھنڊ وڄي رھيا آھن.

شھنشاھه: مان پنھنجي سڀ کان وڏي دشمن تي سوڀ پائڻ جو جشن ملھائڻ وڃي رھيو آھيان. ھن وقت جڏھن سڄي ديس ۾ خوشبوءِ سان گڏوگڏ منھنجو نالو مھڪي رھيو آھي، اتي وري ھي بدبودار فقير منھنجي دروازي تي ويٺو آھي. بھرحال پنھنجي مصروفيت باوجود به مان چاھيان ٿو ته ھن شخص – جنھن جي ڪا به حيثيت نه آھي – ان سان ٻه ٽي ڳالهيون ڪري وٺان (سپاھي پوئتي ھٽي وڃن ٿا.) اڙي بدنصيب! ڇا توکي خبر آھي ته ھي گھنڊ ڇو وڄي رھيا آھن؟

فقير: ھا، مون کي خبر آھي. ڇو جو منھنجو ڪتو مري ويو آھي.

شھنشاھه: اھا ڪھڙي بڪواس ڪرين ٿو!

فقير: نه ڪتو پوڙھائپ سبب مئو آھي. ھن آخر تائين مقابلو ڪيو. جنھن وقت سندس ڄنگھون ڏڪي رھيون ھيون، ان سمي مون سوچيو ته ائين ڇو آھي؟ ھن پنھنجون ٻئي اڳيون ڄنگھون منھنجي سيني تي رکي ڇڏيون. اھڙيءَ طرح اسان سڄي رات گڏ گذاري ڇڏي. جيتوڻيڪ رات جو ٿڌ وڌي وئي ھئي، باک ڦٽندي ئي ھو مري چڪو ھو، مون کيس ڇڪي پاڻ ڏي ويجھي ڪيو. ھاڻ ته آئون گھر به نٿو وڃي سگھان، ڇاڪاڻ جو سندس بدن رجھڻ ۽ سڙڻ شروع ٿيو آھي ۽ ان مان بدبوءِ اچڻ لڳي آھي.

شھنشاھه: تون کيس اڇلين ڇو نٿو؟

فقير: ان ۾ تنھنجو ڇا وڃي! تنھنجي سيني ۾ اھڙو ئي سوراخ آھي، جھڙو گندي نالي ۾ ھوندو آھي. تون ته صفا بي وقوفاڻا سوال پڇي رھيو آھين. جنھن کي ڏس، اھڙا ئي احمقاڻا سوال ڪري ٿو. اھي سڀ آخر اھڙا سوال ڇو ٿا پڇن؟

شھنشاھه: خير، تنھن باوجود به آئون توکان ھڪڙو سوال پڇندس. توکي کاڌو ڪير ٿو ڏئي؟ ڇاڪاڻ جو توکي ڪير ماني نه ڏيندو ھجي ھا ته تون ڪڏھوڪو ھن جڳھه تان وڃي چڪو ھجين ھا. ھتي مڙدن جي سڙڻ جي اجازت نه آھي ۽ نه ئي ان ڳالھه جي اجازت آھي ته ڪير ھل ھنگامو ڪري.

فقير: ڇا مان گوڙ ڪري رھيو آھيان؟

شھنشاھه: ڏٺئي! ھاڻ تون پاڻ سوال پڇي رھيو آھين. جيتوڻيڪ ان ۾ ڳجھي چٿر موجود آھي، ان جو سبب مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي.

فقير: مون کي خبر نه آھي، پر ھي منھنجو ذاتي معاملو آھي.

شھنشاھه: مان توکي نه پيو سمجھي سگھان، پر مون کي اھو ٻڌاءِ ته تنھنجي لاءِ ھتي ماني ڪير کڻي ايندو آھي؟

فقير: ھتي ھڪ ڇوڪرو ايندو آھي، جنھن جو پيءُ ڪوئي فرشتو آھي ۽ سندس امڙ ٻنين مان پٽاٽا چونڊيندي آھي.

شھنشاھه: ڇا توکي پنھنجا پٽ نه آھن؟

فقير: ھئا، پر سڀ ھليا ويا.

شھنشاھه: چئبو ته چين جي شھنشاھ ٽاليءَ جي فوج جيان مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويا.

فقير: شھنشاھه ٽالي ريگستان ڏانھن روانو ٿيو ته سندس ماڻھن کيس چيو ته ”ھي سفر ڏاڍو ڏکيو آھي. بھتر آھي ته واپس ھلجي.“ پر ھر دفعي سندس جواب ھو ته ”ھن علائقي کي ضرور فتح ڪرڻ گھرجي.“ جيتوڻيڪ ھو روزانو سفر ڪندا رھيا، ويندي سندن جوتا ڦاٽي پيا، سندن چمڙي سڙي، سڪڙجي وئي، سندن ھڏا ظاھر ٿيڻ لڳا، پر تنھن باوجود به ھو ھلندا رھيا. نيٺ ھڪ ڏينھن سخت طوفان لڳو. طوفان سبب سندن ھڪ اٺ سندن اکين اڳيان مري ويو. آخرڪار ھڪ ڏينھن زرخيز باغ تائين وڃي پھتا ۽ چوڻ لڳا ته اسان جا گھر به اھڙا ئي خوبصورت آھن. بعد ۾ شھنشاھه جو ننڍو پٽ پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي مري ويو. ستن ڏينھن تائين انھن ان واقعي جو سوڳ ملھايو. سندن ماتم ختم نه ٿيو ھو. ھڪ ڏينھن ھنن ڏٺو ته سندن گهوڙا مرڻ شروع ٿي ويا آھن. ھڪ ڏينھن سندن عورتون ان قابل نه رھيون، جو ڪو ھڪ قدم به کڻي ھلي سگھن. نيٺ ھڪ ڏينھن تيز ھوا لڳي، واري سڀنيءَ کي پنھنجي ھنج ۾ ورتو ۽ ان کانپوءِ بلڪل خاموش ٿي وئي. ھاڻ اھو علائقو سندن ملڪيت ھو، جنھن جو نالو مون کان وسري ويو آھي.

شھنشاھه: اھو سڀ ڪجھه تو ڪٿان ٻڌو آھي؟ اھو تو غلط ٻڌو آھي. واقعو ان کان بلڪل مختلف آھي.

فقير: جيڪڏهن ھو ان حد تائين طاقتور ٿي وڃي، جو آئون سندس سامهون ٻار جيان ڪمزور لڳان، ته آئون ليٿڙيون پائيندي گھڻو پري ھليو ويندس، پر کيس پنھنجي پاڻ تي حڪمراني ڪرڻ نه ڏيندس.

شھنشاھه: تون اھا ڪھڙي بڪواس ڪري رھيون آھين؟

فقير: بادل برسڻ اچن پيا. اڌ رات جو تارا چمڪڻ لڳندا ۽ پوءِ خاموشي طاري ٿي ويندي.

شھنشاھه: ڇا بادل گوڙ ڪندا آھن؟

فقير: ھا، بلڪل ڪندا آھن. ڪجھه انھن خراب جھوپڙين ۾ مري ويا، جيڪي درياھ جي ڪناري تي ھيون. گذريل ھفتي درياھ بادشاھه مستيءَ ۾ آيو ۽ انھن کي ڀڄڻ جو موقعو به نه مليو.

شھنشاھه: توکي گھڻو ڪجھه معلوم آھي. ڇا تون ڪڏھن سمھندو به آھين؟

فقير: جڏھن آئون پٿرن تي ليٽندو آھيان، تڏھن پيدا ٿيندڙ ٻار روئڻ لڳندا آھن. ۽ پوءِ تازي ھوا لڳڻ شروع ٿيندي آھي.

شھنشاھه: گذريل رات ستارا چمڪي رھيا ھئا. درياھه جي ڪناري وٽ ڪوبه نه مئو ھو.

فقير: ان جو مطلب ته تون انڌو، ٻوڙو ۽ جاھل آھين ۽ اندر ۾ بغض رکين ٿو.

شھنشاھه: تون ڇا ڪندو آھين؟ مون توکي ان کان پھريان ڪٿي به ناھي ڏٺو. تون ڪٿي رھندو آھين؟

فقير: مون کي اڄ خبر پئي ته ھيل مڪئي جو فصل نھايت ئي گھٽ لٿو آھي، ڇاڪاڻ جو ھن سال مينھن نه وٺا آھن ۽ کيتن مان ڪارا طوفان اچي رھيا آھن.

شھنشاھه: تنھنجي اھا ڳالھه واقعي صحيح آھي ته ھيل مڪئي جي فصل گھٽ اپت ڏني آھي.

فقير: اڄ کان اٺٽيھه سال پھريان به ائين ئي ٿيو ھو. ڪڻڪ جو فصل ڪومائجي، ختم ٿي ويو ھو. ان کانپوءِ زبردست برساتون پيون ھيون ۽ نتيجي ۾ ڪوئا ظاھر ٿيا ھئا، جن ٻين فصلن کي خراب ڪري ڇڏيو ھو ۽ پوءِ اھي ڳوٺن ۾ پکڙجي ويا ھئا ۽ ماڻھن کي ڪترڻ/ٽڪڻ لڳا ھئا. ان وقت اھو فصل سندن لاءِ موت ثابت ٿيو ھو.

شھنشاھه: مون کي ان بابت ڪا به ڄاڻ نه آھي. منھنجي خيال ۾ پوئين ڳالھين جيان، ھي ڳالھ به تو خود ٺاھي آھي، جا ھٿ ٺوڪي لڳي ٿي. ڇاڪاڻ جو تاريخ ان سلسلي ۾ ڪجھه به نٿي ٻڌائي.

فقير: تاريخ نالي ڪا به شيءِ نه ھوندي آھي.

شھنشاھه: سڪندر اعظم، سيزر ۽ نيپولين بابت تنھنجا ڇا خيالات آھن؟

فقير: اھي ڪھاڻيون آھن. نيپولين بابت تنھنجو ڇا خيال آھي؟

شھنشاھه: ھي اھو شخص ھو، جنھن اڌ دنيا کي فتح ڪري ورتو ھو. ھو پنھنجي غرور سبب فنا ٿي ويو.

فقير: ان ڳالھه تي ھو خود ۽ دنيا يقين ڪري سگھي ٿي، پر اھا ڳالھه غلط آھي. حقيقت ۾ نيپولين اھو شخص ھو، جو جھاز جي تختي کي ھلائڻ تي معمور ھو ۽ ھو ھڪ بيوقوف شخص ھو. کيس ماڻھن چيو ھن سوڙھي جڳھه تي تختو نٿو ھلائي سگھجي. ھن تختي کي ھلائڻ بند ڪيو، نتيجي ۾ جھاز ٻڏي ويو. جيتوڻيڪ جھاز جي ھيٺين حصي ۾ رھڻ ڪري کيس اھو به پتو نه ھو ته ھو ڪھڙي طرف وڃي رھيو آھي. آخرڪار سڀ ماڻھو ٻڏي ويا. تڏھن ھن پنھنجي مٿي کي دنيا جي آڏو لوڏيو، جيئن ته اھو گھڻو ڳورو ھو ۽ ڌڙام سان اچي ھيٺ ڪريو.

شھنشاھه: مون ان قسم جون احمقاڻيون ۽ ڀوڪپائيءَ جون ڳالھيون پھريان ڪڏھن به نه ٻڌيون آھن. تو اھا ڪھاڻي ٻڌائي مون کي ڏاڍو مايوس ڪيو آھي. گھٽ ۾ گھٽ ٻيون ڪھاڻيون تو سٺي طريقي سان ٻڌايون ھيون. ڀلا، تون اھو ٻڌاءِ ته تنھنجا شھنشاھه جي باري ۾ ڪھڙا خيالات آھن؟

فقير: شھنشاھه نالي ڪو به شخص نه آھي. قوم جي خيال ۾ ته ھتي ڪوئي شھنشاھه آھي ۽ صرف ھڪ انفرادي شخص کي خيال آھي ته ھو شھنشاھه آھي. جڏھن گھڻا سارا جنگي رٿ تيار ٿي ويندا آھن ۽ جنگي نغارو وڄائڻ وارو، نغارو سکي وٺندو آھي ته پوءِ جنگ جي تياري ٿيندي آھي ۽ ڪنھن دشمن کي ڳوليو ويندو آھي.

شھنشاھه: شھنشاھ ته پنھنجي دشمن کي شڪست ڏئي ڇڏي آھي.

فقير: ھن کيس قتل ڪيو آھي، شڪست نه ڏني آھي. ھڪ احمق ٻئي احمق کي ماري ڇڏيو آھي.

شھنشاھه: منھنجي ڳالھه تي يقين ڪر! ھو تمام طاقتور دشمن ھو.

فقير: ھڪ شخص منھنجي چانورن ۾ پٿريون وجھي ڇڏيون- اھو منھنجو دشمن ھو- کيس پنھنجي ھٿن جي طاقت تي گھڻو گھمنڊ ھو، پر ھو سرطان جي مرض ۾ مري ويو. جڏھن ماڻھو سندس تابوت کي بند ڪري رھيا ھئا ته ان جو ڍڪ سندس ھٿ تي اچي ڪريو- کيس ڪنھن به نه ڏٺو- پر جڏھن کيس کڻي وڃي رھيا ھئا ته سندس لاچار، خالي ۽ ٿڌو ھٿ ٻاھر لٽڪيل ھو.

شھنشاھه: ڇا ھن طرح ھتي ويٺي ويٺي، بيزار ناھين ٿيندو؟

فقير: ڪجھه دير پھريان آسمان تي ڪڪر ائين تري رھيا ھئا، جو شايد ختم ئي نه ٿين- آئون کين ڏسان ٿو- ۽ اھي ڪٿي بيھن ئي نه ٿا.

شھنشاھه: پر، آسمان تي ته ڪي به ڪڪر نه آھن. تون ھيجاني ڪيفيت ۾ آھين. آسمان تي صاف سج چمڪي رھيو آھي.

فقير: سج نالي ڪا به شيءِ نه آھي.

شھنشاھه: منھنجي خيال ۾ تون خطرناڪ، چريو ۽ منحوس انسان آھين.

فقير: منھنجو ڪتو ڏاڍو سٺو ھو. ھو ڪو معمولي ڪتو نه ھو. ھو ساراھه جو حقدار آھي. ھو ان قابل ھو ته ساڻس سٺو سلوڪ ڪيو وڃي ھا. ھو منھنجي لاءِ گوشت کڻي ايندو ھو ۽ رات جو مون سان گڏ سمھي پوندو ھو. ھڪ رات شھر ۾ وڏو ھنگامو ۽ گوڙ ٿيو (شھر ۾ منھنجو ڪو مخالف آھي، ڇو جو مون ڪنھن کي ڪجھه به نه ڏنو آھي). ان سمي سپاھي مون ڏانھن وڌندا آيا، پر منھنجي ڪتي انھن کي ڀڄائي ڪڍيو ھو.

شھنشاھه: تون اھو سڀ ڪجھه مون کي ڇو پيو ٻڌائين؟

فقير: ڇو ته منھنجو خيال آھي ته تون ھڪ احمق شخص آھين.

شھنشاھه: تون منھنجي بابت ٻيو ڇا ٿو ڄاڻين؟

فقير: تنھنجو آواز ھيڻو آھي، ان جو مطلب ته تون ھڪ بزدل ۽ ڊڄڻو شخص آھين. تون ڏاڍا سوال پڇين ٿو، ان لاءِ ته تون چاپلوسي ڪندڙ آھين. تو ڪوشش ڪئي ته مون کي دوکي سان ڦاسائي سگھين، ان مان ظاھر آھي ته تو ۾ اعتماد جي کوٽ آھي. تو منھنجي ڪنھن به ڳالھه تي يقين نه ڪيو، پر پوءِ به تو منھنجيون ڳالھيون ٻڌيون، ان جو مطلب ٿيو ته تون ھڪ ڪمزور انسان آھين. تنھنجو خيال آھي ته سڄي دنيا تنھنجي چؤگرد گھمي ٿي، جڏھن ته ھن دنيا ۾ ٻيا به ماڻھو آھن. آئون خود ھڪ مثال آھيان. ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته تون انڌو، ٻوڙو ۽ جاھل آھين. مون کي اڃان تائين تنھنجين ٻين برائين بابت خبر نه پئي آھي، نه ته اھي به ٻڌايائين ھا.

شھنشاھه: تون ته مون کي نھايت ئي بڇڙو لڳين ٿو. ڇا توکي مون ۾ ڪا به چڱائي نظر نٿي اچي؟

فقير: تون ھوريان ڳالھائين ٿو، ان لاءِ جو تو ۾ عاجزي آھي. تون گھڻا سوال پڇين ٿو، ان لاءِ جو تو ۾ ڄاڻڻ جو شوق آھي. تون ھر شيءِ کي پرکين ٿو، ان لاءِ جو تون تشڪيڪ پرست آھين. تون ڪوڙيون ڳالھيون به ٻڌي وٺين ٿو، ان لاءِ جو تون مھربان ۽ شفيق آھين. تنھنجو خيال آھي ته ھر شيءِ تنھنجي چوڌاري گھمي ٿي، ان ڪري تون به انھن ماڻھن جيان آھين، جيڪي ان ڳالھه تي يقين رکن ٿا. تون انھن کان نه گھڻو احمق ۽ نه گھڻو بدتر آھين. تون پنھنجي خيالن ۾ منجھيل نه آھين. جنھن شيءِ سان تنھنجو تعلق نه ھجي، ان لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آھي. ۽ نه ئي پنهنجي علم کي پنھنجي عمل جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻاءِ! توکي تنھنجين ٻين نيڪين بابت مون کان وڌيڪ علم آھي.

شھنشاھه: تون ذھين انسان لڳين ٿو.

فقير: سڀني چاپلوسن کي انعام ملڻ گھرجي. پر، آئون توکي ھن وقت ڪجھه به نٿو ڏئي سگھان.

شھنشاھه: پر، آئون توکي انعام ڏيندس.

فقير: ان جي ضرورت نه آھي. پر، تنھنجين ڳالھين مان ظاھر ٿئي ٿو ته تو ۾ ھڪ خبيث ماڻھوءَ جو روح آھي.

شھنشاھه: منھنجي دل ۾ ڪا به مدائي نه آھي. ڇا اھا به خراب ڳالھه آھي؟

فقير: ھا، ڇاڪاڻ ته تون مون کي نقصان نٿو پھچائي سگھين.

شھنشاھه: مان توکي زميني تھخاني ۾ اڇلرائي سگھان ٿو.

فقير: ڇا اتي ٿڌ ھوندي؟

شھنشاھه: اتي سج جا ڪرڻا داخل نه ٿي سگھندا آھن.

فقير: سج ڪٿي آھي؟ تنھنجي يادداشت ڏاڍي ڪمزور آھي.

شھنشاھه: مان توکي قتل ڪرائي سگھان ٿو.

فقير: پوءِ ته منھنجي مٿي تي برسات نه پوندي. منھنجا ڪيئان ڀڄي ويندا. منھنجو معدو پرسڪون حالت ۾ اچي ويندو ۽ مون کي اھو سڪون ملندو، جنھن جو آئون تمنائي آھيان.

(ھڪ شخص ڊوڙندو اچي ٿو ۽ شھنشاھه سان سس پس ڪري ٿو.)

شھنشاھه: ان کي چئينس ته آئون اچان ٿو (اھو شخص ٻاھر ھليو وڃي ٿو). مان توسان وڌيڪ ھاڻ ڪا به ڳالھه نه ڪندس. پر آئون سوچيان ٿو ته تنھنجو آخر ڇا ڪيو وڃي؟

فقير: اھڙو ٻئي ڪنھن سان نه ڳالھائجان. تنھنجي عملن کي ڏسي نتيجا ڪڍيا ويندا.

شھنشاھه: مون کي نٿو لڳي ته ڪو ماڻھو مون سان نفرت ڪن ٿا.

فقير: منھنجي اڳيان سڀ ماڻھو جھڪن ٿا، پر ان سبب آئون مغرور ناھيان ٿيو. مون کي ماڻھن جي ڳالھائڻ ۽ سوال ڪرڻ تي مٺيان لڳندي آھي.

شھنشاھه: ڇا مون توکي پريشان ڪيو آھي؟

فقير: اھو تو بيوقوفاڻو سوال پڇيو آھي. تون ته صفا ڪو ڀوڪ انسان آھين. توکي ڪنھن انسان جي ذاتي حقن جو به خيال نه آھي. توکي نويڪلائيءَ جي ڪھڙي خبر ميان! تنھن ڪري تون مون اجنبيءَ کان ان بابت ڄاڻڻ چاھين ٿو. توکي ھر ماڻھوءَ جي عزت ڪرڻ کپي.

شھنشاھه: مان ماڻھن تي حڪومت ڪريان ٿو. تنھن ڪري ماڻھو منھنجي بيحد عزت ڪن ٿا.

فقير: لغام جو به اھو خيال آھي ته ھو گھوڙي تي حڪومت ڪري ٿو. ابابيل جي چھنب جو به اھو خيال آھي ته اھا ئي کيس رستي بابت ڏسي ٿي. وڻ جي چوٽيءَ کي به اھو يقين آھي ته اھا وڻ کي آسمان طرف وٺي وڃي رھي آھي.

شھنشاھه: تون ھڪ بدمعاش شخص آھين. مان توکي نيست ۽ نابود ڪري سگھان ٿو، پر اھو سوچي پاڻ کي روڪي وٺان ٿو ته ڪٿي ائين پنھنجي ذات جي ڪري ته نه ڪندس!

(فقير پنھنجي بانسري ڪڍي ٿو ۽ وڄائڻ شروع ڪري ٿو. ھڪ شخص سندس اڳيان جھڪندي، گذري وڃي ٿو.)

فقير: (پنھنجي بانسريءَ کي رکندي) ھن شخص جي گھرواري سندس پيسا چوري ڪري ٿي. رات جو ھوءَ سندس ويجھو ان لاءِ ٿئي ٿي ته جيئن ھو سندس پئسا چوري ڪري سگھي. ڪڏھن ڪڏھن ھي سڄاڳ ٿي ويندو آھي ۽ کيس پنھنجي ويجھو ڏسي، سوچيندو آھي ته ھو ساڻس محبت ڪري ٿي- ايتري محبت جو خود کي پنھنجي وس ۾ نٿي ڪري سگھي ۽ اڌ رات جو اٿي ڪري کيس ڏسي ٿي. ان ڪري ھو انھن ننڍن دوکن کي معاف ڪري ڇڏيندو آھي.

شھنشاھه: تو وري بڙ بڙ شروع ڪئي آھي. منھنجي خيال ۾ ان ڳالھه ۾ تر جيتري به صداقت نه آھي.

فقير: ھاڻ تون وڃين سگھين ٿو، ڇاڪاڻ جو تون ھاڻي ڪميڻپ واريون حرڪتون ڪرڻ لڳو آھين.

شھنشاھه: ھي سڀ ناقابل يقين ۽ ناقابل برداشت آھي.

(فقير پنھنجي بانسري وڄائي ٿو.)

فقير: سڀ ڏسي سگھن ٿا ته آسمان ڏاڍو خوبصورت ۽ زمين گھڻي اپت واري آھي، ان ڪري ئي موسيقي جو وجود آھي، ان ڪري ئي ماڻھن جون عمريون وڌي رھيون آھن ۽ ھو پنھنجي پاڙيسرين کي معاف ڪري رھيا آھن.

شھنشاھه: تون مون کي ٻڌاءِ ته صحيح، آخر توکي منھنجي صورت خراب ڇو ٿي نظر اچي ۽ تو مون کي آخر گھٽ وڌ ڇو ڳالھايو؟

فقير: ڇاڪاڻ جو تون مون کي ڪو گھڻو مغرور نظر نه آئين، جو منھنجي ڳالھه ٻڌڻ کان انڪار ڪري سگھين ۽ مون ڳالھيون ان ڪري ڪرڻ چاھيون پئي ته جيئن پنھنجي مري ويل ڪتي کي وساري سگھان.

شھنشاھه: چڱو، مان ھاڻ ھلان ٿو. تو منھنجي زندگيءَ جي خوبصورت ڏينھن کي خراب ڪري ڇڏيو. مون کي ھتي بيھڻ ئي نه کپي ھا. ھمدرديءَ سان ڪجھه به حاصل نٿو ڪري سگھجي. تنھنجي ھڪ خاصيت ”ھمت“ آھي، جنھن جي ڪري تو مون سان اھي ڳالھيون ڪيون.

(ھو ھليو وڃي ٿو. سپاھي کيس ٻيھر گھيري ۾ آڻي ھلڻ لڳن ٿا. گھنڊ ٻيھر وڄڻ لڳن ٿا.)

فقير: (ھاڻ خبر پئي ٿي ته ھو واقعي به انڌو آھي.) ھاڻ ھو وڃي چڪو آھي. منھنجي خيال ۾ صبح جو وقت آھي، ڇو جو گرمي ڏاڍي آھي. مون کي لڳي ٿو ته ڇوڪرو اڄ نه ايندو. شھر ۾ ڪا تقريب آھي ۽ ھي احمق به اتي وڃي رھيو ھوندو. ھاڻ مون کي پنھنجي ڪتي بابت ٻيھر سوچڻو آھي.

***