(انسان ذات جي اڄوڪي سماجي، اقتصادي، سياسي، فڪري ۽ روحاني اوسر جي سموري سفر ۾ جيتوڻيڪ انسان جي لڳاتار اجتماعي، جسماني ۽ ذهني پورهئي جو بنيادي عمل دخل رهيو آهي، پر ان جي باوجود تاريخ جي انيڪ عظيم فردن جي غير معمولي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ڪجهه معاملن ۾ ته انساني تهذيب توڙي فڪر جي تاريخ شايد اهڙن غير معمولي فردن (سائنسدانن، فلسفين، شاعرن، انقلابين، فنڪارن، اديبن، جنگي سورمن، قانوندانن وغيره) جي عجب ۾ وجهندڙ ڪارنامن کانسواءِ ڇال نه ڏئي سگهي ها. تاريخ جا سڀ بنيادي ۽ وڏا ڪارناما، جن انساني تهذيب جي سفر کي هن اڄوڪي اوج تي رسايو آهي، اهڙن ئي فردن هٿان سرانجام ٿيا. جيتوڻيڪ انساني تهذيب جي تاريخ جو سفر ڏاڍو گهڻ رُخو آهي. يعني اهو سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي به آهي ته ساڳئي وقت جسماني، روحاني ۽ فڪري به آهي، پر جيڪڏهن پنهنجي ڪُليت ۾ ان جو بنيادي محرڪ ڳولبو ته اهو ان جي بنيادي عنصر طور فقط ۽ فقط انسان جو شعور ۽ پورهيو ئي آهي. ان ڪري انساني تهذيب جي گهڻ پاسائين سفر جي حوالي سان، ان جي فڪري اوسر ۽ پورهئي کي ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم ۽ مٿانهون لقاءُ سمجهيو ويندو آهي. انساني شعور ۽ فڪر جي تاريخ به زندگيءَ جي ٻين شعبن جيان ارتقا جي نارمل ۽ سنئين سڌي دڳ تان نه گذري آهي. ان جو سفر به ڪڏهن تمام سُست، ڪڏهن رسمي ۽ رواجي رفتار سان، ڪڏهن بنهه ڍرو ته ڪڏهن غير معمولي طور تيزيءَ سان وڏا ڇال ڏئي اڳتي وڌيو آهي. ڪارل مارڪس به انسان جي فڪري تاريخ جو اهو عظيم ترين مفڪر ۽ انقلابي رهنما آهي، جنهن جي فڪري مهانتا کي تاريخ جا وقتي لاها چاڙها لوڏي نٿا سگهن. هتي ڪارل مارڪس جي زندگيءَ بابت ويهين صديءَ جي هڪ ٻئي عظيم مفڪر ۽ انقلابي ڪامريڊ لينن جو اهو مضمون ڏجي ٿو، جيڪو ڪتاب Marx and Engles, through the eyes of their contemporaries تان کڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي- جامي)