موجوده دور ۾ علم جي اهميت ۽ صفا لائبريري جون ڪيل ڪاوشون
لائبريري جو لفظي مطلب ڪتابن جو مجموعو آهي، جيڪي ڪنهن خاص جڳهه تي رکيل هجن. وقت جي تيزيءَ جيئن دنيا جي هر شئي ايڊوانس ٿي رهي آهي، ساڳئي طرح لائبريري جو تصور به بدلجڻ لڳو آهي. ڪتاب ٽائيپ ٿي ڪري سافٽ ڪاپي جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. موجوده دور جنهن کي ”معلومات جو دور پڻ چيو وڃي پيو“ ڇو جو تمام گهڻي معلومات سمارٽ فون ۽ ليپ ٽاپ ذريعي عام ٿي چڪي آهي. سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽلائيزيشن تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، جنهن سان تمام گهڻيون آسانيون پڻ ٿيون آهن. هڪ لِنڪ ذريعي مختلف ڪتابن تائين رسائي آساني سان حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر جيئن ته اسڪرين جون شعائون جيڪي انساني اک لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون ۽ ڊاڪٽر به ان کي گهٽ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪن ٿا، ان ڪري اڄ به ڪتاب جي اهميت ڪتابي صورت ۾ وڌيڪ آهي. هن وقت سماج وقت جي ڪمي ۽ ٻين مصروفيتن جي ڪري پڙهڻ کان پري ٿي رهيو آهي. ڪتاب علم جو سرچشمو آهن، جنهن سان سوچ ۽ سمجهه ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ انسان پنهنجي شعور سان سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن جي حل جي تلاش ۾ اڳيان وڌي ٿو. سائنس اڄ تائين جيڪا ترقي ڪئي آهي، ان جو بنياد علم آهي. مغربي ملڪن سائنس ۽ تحقيق ۾ اڳيان وڌندي تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ مشرقي ملڪ تعليم جي ميدان ۾ پٺيان هجڻ ڪري سائنس ۽ تحقيق ۾ به پوئتي رهجي ويا آهن. اٺين صدي کان يارهين صدي تائين مسلمان سائنسدانن تمام گهڻي ترقي ڪئي، مگر پوءِ مسلمان زوال جو شڪار ٿي ويا، ڇو جو انهن علم جو رستو ڇڏي ڏنو ۽ ان طرح علم جون واڳون ٻين قومن سنڀاليون ۽ اڄ هو مسلمانن کان ڪافي اڳتي نڪري ويا آهن. يقينن علم جي اهميت تي اسلام تمام گهڻو زور ڏنو آهي ۽ هر مرد ۽ عورت تي علم حاصل ڪرڻ فرض ڪيو آهي. اهو علم ئي آهي، جنهن سان هڪ مضبوط ۽ محفوظ معاشري جو بنياد پئجي سگهي ٿو. علم جڏهن لکت جو روپ اختيار ڪندو آهي ته ان کي ڪتاب چئبو آهي ۽ ڪتابن ۾ سمورو علم سمايل هوندو آهي. ڪتاب ڪنهن قوم جي تهذيب ۽ ثقافت جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو. ڪتاب هڪ عام ماڻهو کي خاص بنائي ٿو ۽ روشن خيالي ڏئي ٿو. صفا لائبريري ڪتاب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، ان کي عام ڪرڻ لاءِ ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ نرالو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هي سنڌ جي اها لائبريري آهي جيڪا ڪنهن هڪ جڳهه تي ڪتاب گڏ ڪرڻ بجاءِ پوري سنڌ جي مختلف ڳوٺن، شهرن ۾ موجود گهرن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ روزمره جي گڏجاڻين، علمي ادبي پروگرامن ۾ مختلف ڪتاب ۽ رسالا انعام طور يا وري تحفي طور ڏئي ٿي، جيئن ماڻهن توڙي شاگردن ۾ وڌ ۾ وڌ علم جو شوق ۽ تعليم جو جذبو عام ٿئي. ان کان علاوه مختلف لائبريريون پڻ صفا لائبريري کان ڪتابن جي گُهر ڪنديون آهن جن کي صفا لائبريري پنهنجي ڪتابي ذخيري موجب مدد فراهم ڪندي آهي. هي لائبريري جنهن جي شروعات نوشهروفيروز جي هڪ ڳوٺ ”سبب ابڙو“ کان ٿي، پر اڳتي هلي لائبريري هڪ وسيع دائرو اختيار ڪيو ۽ هڪ نرالو انداز اپنايو، جنهن کي موجوده دور جي عام ماڻهن توڙي علم سان واسطو رکندڙ شخصيتن ساراهيو آهي. هن لائبريري جي ڪتابي صورت ۾ مدد، معاشري جا مختلف ماڻهو ۽ سرڪاري ادارا جيئن (انفارميشن ڊپارٽمينٽ جيڪو مختلف ماهوار رسالا ۽ ڪتاب ڇاپيندو آهي) ڪن ٿا. ان کان علاوه مختلف ڪتاب ڇپيندڙ اڪيڊميون جنهن ۾ عائشه ڀاواني ۽ سنڌ ٽرسٽ اڪيڊمي پڻ نمايان آهن. صفا لائبريري کي خيال کان وجود ۾ آڻڻ محمد سليمان ابڙو جو پنهنجو شوق ۽ معاشري لاءِ ارپيل تحفو آهي. جنهن پنهنجي ڪاوشن سان ڪتاب گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف جڳهن تي پهچي ٿو ۽ ڪتابن جي فراهمي کي يقيني بنائي رهيو آهي. هي لائبريري شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ جي تقريب پڻ منعقد ڪندي آهي، جنهن سان پٺتي پيل ڳوٺن جي غريب شاگردن جي حوصلا افزائي پڻ ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ تعليم ۾ اڳيان وڌڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. ٻئي طرف، سماج ۾ تيزي سان وڌندڙ برايون ۽ انسان کي درپيش مسئلن جي بنياد لاشعوري ۽ علم کان پري هجڻ ڪري آهي، انهن مسئلن کي سمجهندي صفا لائبريري معاشري جي سوچ کي بدلڻ لاءِ ڪتابي صورت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
***