بلاگنئون

ميهڙ تعلقي جو ايم پي اي ۽ اربين ڊالرن جي گهوٻين وارو سوال

تعلقو ميهڙ جيڪو ضلعي دادو جو سڀ کان خوبصورت شهر هئڻ سان گڏوگڏ سياسي، سماجي، معاشي ۽ تعليمي لحاظ کان پڻ بهترين سڃاڻپ رکندڙ هي تعلقو جنهن ادبي کيتر ۽ ٻين ڪيترين ئي خوبين سان ٽمٽار ماڻهو پيدا ڪيا. هي تعلقو گذريل 20 سالن کان هڪ اهڙي فرد جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن وٽ ڪابه صلاحيت، ڪوبه طريقيڪار نه هئڻ جي برابر آهي. نسيم نگر فيز ٽو جي ٻن ڪمرن جي بنگلي ۾ رهندڙ ۽ مسلسل 20 سالن کان پنهنجي ڳوٺ جي يو سي هارائيندڙ پي ايس 81 ميهڙ جو ايم پي اي فياض ٻٽ هر ڀيري فريال ٽالپر ۽ زرداري جي معرفت تي هارائڻ جي باوجود به کٽيندو رهيو آهي۔ مان اها ڳالهه وڏي دعويٰ سان ٿو چوان ته جيڪڏهن کيس پيپلزپارٽي جي وڏن جي حمايت حاصل نه هجي ته هي ماڻهو ميهڙ تعلقي جي پي ايس 81 تان 5000 هزار به ووٽ کڻي سگهڻ جي حيثيت نٿو رکي. فياض ٻٽ جي 20 سالن جي ڪرتوتن جي ڪري تعلقي ميهڙ نه صرف پنهنجي سڃاڻپ وڃائي آهي، پر هتان جي عوام کي زندگيءَ جون ڪي به سهولتون ميسر ناهن ٿي سگهيون۔ ميهڙ شهر جيڪو جڏهن پاڻ پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهي ته ان جي باقي ٻهراڙين جي ڪهڙي حالت هوندي۔ تازو نيب جو نوڙ سندس ڳچيءَ ۾ پيو آهي، جنهن جي متعلق نيب جو چوڻ آهي ته هن اربين رپين جي فنڊن ۾ گهوٻيون هنيون آهن، يعني گهوسٽ اسڪيمون ٺاهيون۔ هزارن جي انگ ۾ نقلي ڀرتيون ڪرايون ۽ عوامي منصوبن کي ذاتي مفادن ۾ استعمال ڪيو.

ڪيتريون ئي اسڪيمون صرف ڪاغذن ۾ ڄاڻايون ويون آهن، نه اسڪول تعمير ٿي سگهيا، نه پاڻي جون لائينون وڇايون ويون، ايستائين جو اڄ تائين ميهڙ جا ماڻهو ذاتي پئسن تي پاڻي وٺڻ تي مجبور آهن. نه صرف اهو بلڪه ڪيترائي منصوبا نقلي سرٽيفڪيٽن جي وسيلي مڪمل ڏيکاريا ويا۔ خاص طور تي “ڳوٺن جا سولر اليڪٽريفڪيشن” جو منصوبو جيڪو 51 ڪروڙن جي ماليت جو هو. 19_2018  ۾ صرف ڪاغذن تائين محدود رهجي ويو، حقيقت ۾ ڪٿي به ان جي ڪا نشاني نٿي ملي.

نيب جو اهو به چوڻ آهي ته ترقياتي ٺيڪا ٻٽ صرف پنهنجن دوستن، مٽن مائٽن ۽ سياسي وفادارن کي ئي ڏنا، جنهن جو عوام کي ڪوبه رليف نه ملي سگهيو۔ ٻٽ جن جن پنهنجن ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا سڀ کان پهرين انهن کان ايڊوانس 30 سيڪڙو ڪميشن ورتي ۽ جن به کيس ڪميشن نه ڏني انهن کي بليڪ لسٽ ڪري چڏيائين، جنهن منجهان اهو چٽو ثابت ٿو ٿئي ته هڪ منظم مافيا ترقياتي فنڊن کي ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو.

ٻين ڳالهين کي ڇڏي صرف تعليم جهڙي شعبي جي متعلق جيڪي ڳڻتي جوڳيون ڳالهيون سامهون آيون آهن. انهن ۾ پ پ جي ايم پي اي فياض ٻٽ جي مڪروهه چهري ۽ عوام سان ويساھ گهاتي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته هن درجنين گهوسٽ اسڪولن ۽ نقلي ڀرتيون ڪرايون، جن اسڪولن جو نه ئي ڪو وجود آهي ۽ نه ئي شاگردن جو ڪو وجود آهي۔ باوجود ان جي استادن ۽ ملازمن جون پگهارون هر مهيني جاري ٿينديون رهيون۔ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي رڪارڊ ۾ به “فرضي شاگردن” نالي تي سيڪڙو جي حساب سان ڪتاب ڪڍرائي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا ويا۔

جڏهن ٻٽ صاحب جون اهي ڳالهيون ليڪ ٿيون ته فورن صوبائي اسيمبلي ان مامري تي 20 آگسٽ 2025 تي اعليٰ سطح جو اجلاس گهرايو، جنهن ۾ نيب جي شڪايت ۽ هلندڙ انڪواري تي ويچاريو ويو، جنهن کي بعد ۾ نيب جي حوالي ڪيو ويو ۽ هاڻي صرف انتظار انهيءَ ڳالھ جو آهي ته جيڪڏهن اهي نيب جا الزام درست ثابت ٿين ٿا ته پوءِ اهو اسڪينڊل سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو گهوسٽ اسيڪينڊل ٿي سگهي ٿو، جيڪو نه صرف گورننس تي سوال اٿاري ٿو، بلڪه عوامي وسيلن جي سرعام ڦرلٽ جو به پردو کولي سگهي ٿو ۽ عوام کي به خبر پوي ته جن کي هو ووٽ ڏين ٿا اهو سندن ووٽن تي اندر ئي اندر ۾ ڪيئن راتاها هڻندو رهيو آهي. اسان نيب کي اها به گذارش ڪنداسين ته ميونسپل ڪاميٽي ۽ ان سان لاڳاپيل يوسيز جي به جاچ ڪري ته جيئن انهن جي معرفت اڃان به وڌيڪ ڪرپشن بي نقاب ٿي سگهي ٿي۔ ميونسيپل ڪاميٽي جي 20 سالن واري بجيٽ جي پڻ آڊٽ ڪري جتي سون جي انگن ۾ بنا ڊيوٽي جي سياسي ماڻهو پگهارون کڻي رهيا آهن.

جڏهن اهي گهوٻيون منظر عام ته آيون آهن ته ميهڙ ۽ دادو جي عوام ۾ سخت بي آرامي جو ماحول ڇانئجي ويو آهي ۽ عوام جو اهو مطالبو پڻ زور وٺندو پيو وڃي ته پ پ جي ايم پي اي 20 سالن کان علائقي کي اونداهين ۽ محرومين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. عوام جو مطالبو آهي ته شفاف انڪوائري ڪري ذميوارن کي نه صرف ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏني وڃي، بلڪه عوام جي ڦريل دولت کي واپس ڪرائي عوام جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪئي وڃي.