بلوچ سوال کان سواءِ ڪو به اهڙو مسئلو ناهي يا اهڙو ٻيو ڪو ٻرندڙ اشو ناهي جنهن تي رياست کي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي يا رياست ان اشوءَ تي ڪنهن مونجهاري جو شڪار هجي. ٻيا صوبا ان اهڙي صورتحال ۾ ڦاٿل ناهن، انهن وٽ ايتريون گمشدگيون نه ٿينديون هونديون جيتريون بلوچستان ۾ ٿين ٿيون. ڪي پي وٽ پنهنجا مسئلا آهن، پنجاب پنهنجي ونڊ ۽ ڪٽ ۾ پورو آهي، سنڌ سان ڪا ٻي ويڌن آهي جنهن تي پنا ويهي ڪارا ڪجن. ملڪ جو اهڙو ٻيو ڪو صوبو ناهي جتي انساني بحران هجي، اها ڳالهھ مڃجي ٿي ته گمشدگيون ڪيترين ئي مائرن جون جهوليون خالي ڪري ٿيون ڇڏن، ڪيترين ئي ونين جا سهاڳ اجاڙن ٿيون، ڪيترن ئي پيئرن جا سهارا کسي ٿيون وڃن، جن جو احساس انهن ماڻهن کي هوندو جن جا پيارا انهن کان زوريءَ کسجي کنڀجي ٿا وڃن. وري بحران اهو به آهي ته رياست ڀلا ڪنهن کي ذميوار ٿي سمجهي، جن مان رياست کي شديد خطرو لاحق هجي ٿو يا اهي باغي گروھه رياست کان ان جي ساک ۽ ساخت کسي ويندا، جيڪي به پيرا ملٽري فورسز آهن جن مان رياست سمجهي ٿي اهي جي خاموش ٿي وڃن ته هوندَ رياست جو مسئلو نبيرجي پئي. ان ڪري ته رياست جي رٽ کانسواءِ پنجاب جي ٻين صوبن ۾ چيلينج ٿي ٿي پئي جو اتي رياست جون “ايل اي ايز” به نه ٿيون پهچي سگهن. جيئن وزيرستان ۾، جيئن صوابي ۽ سوات جهڙن علائقن ۾ يا جيڪي علائقا فيڊرلي ايڊمنسٽريٽڊ هئا (۽ هاڻي ڪي پي سان ملايا ويا آهن) ته اتي سرڪار جي رٽ ختم هئي يا اتي سواءِ باغي گروهن جي (جيڪي گهڻي ڀاڱي بيروني طاقتن جي ٻَلَ تي عسڪري ادارن سان جنگ لڳايو ويٺا هئا)، پر وري 2021 ۾ اهڙو به دور ڦريو جنهن آمريڪي اختيارين کي لاچار ڪيو ته اهي “جنرل ايمنيسٽي” جو اعلان ڪري ڇڏين، جنهن ۾ سڀ گڏھه گهوڙا برابر ٿي ويا، اسيٽيٽ جا عسڪري آپريشن به مات ٿي ويا. پوءِ ڀلي هاڻي چمن کان افغاني حملا آور ٿين، ڪي پي جي علائقن مان پاڪستاني فورسن تي هٿيار سڌا ٿين، ڳالھه ته پوءِ به نبري ٿي وڃي، پر هاڻي جي ٻين صوبن ۾ رياست هڪڙو لهجو ٿي ڳالهائي وري بلوچن سان ٻئي لهجي ۾ ڳالھه ٿي ڪري ته اها ٻه چاپڙائپ آهي. پوءِ جي مذهبي گروهن سان ڳالهيون ٿين ٿيون ته بلوچ باغين سان به ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ مسئلي جو مستقل حل ڳولهيو وڃي.