بلاگنئون

27 ڊسمبر 2007 جو سانحو اميد جو قتل آهي

ڏاڍ ڏمر جون قوتون امن ۽ خوشحالي کي وڌڻ، ترقي ڪرڻ نه ڏينديون آهن، انهي جي باوجود دنيا ۾ اهڙا لازوال، بيمثال ڪردار پيدا ٿيندا رهيا آهن، جيڪي امن ۽ خوشحالي جي اميدن کي پنهنجي رت سان ريج ڏئي، انهن ڪمزور ٻوٽن کي مضبوط ۽ ڇانو وارو وڻ بڻائيندا رهندا آهن. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو نالو به دنيا جي انهن عظيم ڪردارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن پنهنجي زندگي جو آخري ساهه به عوام جي اميدن جي پورائي لاءِ وقف ڪيو هو. سندس شهادت پوري ملڪ لاءِ هڪ وڏو سانحو هئي. خاص طور تي عوام جي انهيءَ طبقي لاءِ جيڪي سندس ان وقت جي واپسي کي پنهنجي خوابن جي تعبير سان ڳنڍي رهيا هئا. “بينظير آئيگي روزگار لائيگي” 27 ڊسمبر 2007 جي اها نحوست ڀري شام هئي، جڏهن ترقي، خوشحالي ۽ اميدن جي قاتلن پنهنجي ناپاڪ مقصد کي پورو ڪيو. پر محترمه جي شهادت سندن ڪاميابي کي ناڪامي ۾ تبديل ڪيو. اڄ به سندس نالو آسمان تي سج جيائن جرڪي رهيو آهي. لطيف سرڪار چواڻي:
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻين
محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار غريب عوام لاءِ تمام اتساهيندڙ رهيو آهي. هوءَ مسلم دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم هئي. سندس ٻالڪ پڻ ۽ شروعاتي جواني ۽ تعليم انتهائي بهتر انداز ۾ گذري ۽ ڇو نه گذري؟ جنهن جو والد صرف پاڪستان جو ليڊر نه، پر پوري اسلامي دنيا جو اڳواڻ هجي، سڀئي مسلمان ملڪ ان تي اعتماد ڪندا هجن ۽ هن پاڻ کي ٽين دنيا جي اڳواڻ طور دنيا ۾ مڃرايو هجي. انهيءَ جي تربيت ۾ وڏي ٿي آڪسفورڊ جي تعليم يافته نرم ۽ نازڪ ڇوڪريءَ تي جڏهن مصيبتن ۽ ڏکن جا پهاڙ ڪريا، جڏهن کيس بي قصور زندانن ۾ وڌو ويو. جڏهن هن سکر جي گرميءَ ۾ بنا پکي جي جيل جي کوليءَ ۾ گرم ڏينهن گذاريا ته يقينن آمر ضياءَ کي به تصور نه هوندو ته هڪڙي نرم نازڪ ڇوڪري ايڏيون تڪليفون سهي سگهي ٿي. شايد اها ئي سنڌ جي مٽي ۽ سنڌوءَ جي پاڻي جو امتزاج آهي، جنهن کيس رُڪ وانگر مضبوط ڪري ڇڏيو هو. شيخ اياز چواڻي: “هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪ ٿيا، جيئن لُڪ لڳي تيئن رُڪ ٿيا”. 1977 ۾ جڏهن هڪ چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت کي مارشل لا هڻي ختم ڪيو ويو ان وقت بينظير ڀٽو شهيد جنهن کي سندس والد پيار مان “پِنڪي” چوندو هو جي عمر صرف 24 سال هئي. 1979 ۾ سندس والد کي عدالتي قتل ذريعي شهيد ڪيو ويو، ان وقت هوءَ 26 سالن جي هئي. جڏهن فرانس مان شهيد شاهنواز جو لاش کڻائي پنهنجي ملڪ پاڪستان پهتي ته 30 سالن جي به نه ٿي هئي، پر سندس حوصلو، يقين، متزلزل نه ٿيو. هوءَ پاڪستاني عوام جي اميد بڻجي جڏهن 10 اپريل 1986 ۾ لاهور ايئرپورٽ تي لٿي ته کيس ڪوريج ڏيڻ جي لاءِ پوري دنيا جا صحافي ايئرپورٽ تي موجود هئا ۽ پورو پاڪستان سندس راهه نهاري رهيو هو. اهڙو والهانه استقبال اڄ تائين ڪنهن به پاڪستاني ليڊر جو نه ٿيو آهي ۽ پوءِ هن عوام جي طاقت سان حڪومتي ايوانن کي لوڏي ڇڏيو. “پورب ڄائي” پنهنجي ڪتاب “ڊاٽر آف اِيسٽ” ۾ پاڻ لکي ٿي ته جڏهن سندس جهاز لاهور جي شهر جي مٿان پهتو ته جهاز جي پائليٽ ايئرهوسٽس کي موڪلي محترمه شهيد کي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ گهرايو، پاڻ سان گڏ ويهاري کيس ڏيکاريو ته پورو لاهور ماڻهن سان ڀريل هو، جيئن جيئن جهاز لينڊنگ ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ طرف اچي رهيو هو، عمارتن تي، روڊن تي ۽ وڻن تي صرف انسانن جا ميڙ نظر اچي رهيا هئا.
1988 ۾ 36 سالن جي خوبصورت پِنڪي سائو وڳو پهري ايوانِ صدر مان سندس پيءَ جي قتل ۾ حصيدار اسحاق خان کان قسم کنيو. ان وقت گئلرين ۾ ويٺل جيالن جڏهن ڀٽي جا نعره هنيا ته اسحاق خان جو مُنهن ڏسڻ وٽان هو، پر محترمه جي اکين ۾ نمي هئي، اهڙي نمي جهڙي اڄ ڪلهه بلاول ڀٽو جي اکين ۾ تڏهن اچي ويندي آهي، جڏهن هن جي سامهون محترمه شهيد جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. طاقتور حلقه ڪڏهن به محترمه شهيد کي وزيراعظم طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ کيس ذاتي محفلن ۾ بدتميزي وارن لفظن سان ياد ڪندا هئا. ان ڳالهه جو اظهار نامياري صحافي اظهر سهيل پنهنجي ڪتاب “ايجنسيون ڪي حڪومت” ۾ پڻ ڪيو آهي. سندس پهرين حڪومت کي صرف 20 مهينا هلڻ ڏنو ويو، ان دوران هڪ عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن جي ذريعي انهن حلقن محترمه جي حڪومت ڪيرائڻ چاهي، پر ختم ڪري نه سگهيا، پوءِ انهن 58(2B) جو سهارو وٺي 1990 ۾ سندس حڪومت کي ختم ڪيو. جڏهن پهرين حڪومت جي دوران سنڌ جي امن امان جي صورتحال بهتر نه هئي ۽ ڌاڙيل ڪلچر وڌي رهيو هو، جيڪو پڻ آمر جي پيداوار هئي. ان بهاني سان ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ ۾ فوجي عدالتون قائم ڪيون وڃن، جنهن جو پڻ محترمه جي مٿان دٻاءُ هو. ان دٻاءُ کي محترمه شهيد صرف ٻن جملن ۾ ختم ڪيو هو ته اسانجي پارٽي جي ورڪرن ۽ عوام 11 سال فوجي ڪورٽن ۾ بي گناهه سزائون ڀوڳيون آهن ۽ اسان 11 سال فوجي ڪورٽن جي مخالفت ڪندا رهيا آهيون ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي جو اسان اوهان کي سنڌ ۾ فوجي ڪورٽون قائم ڪرڻ جي اجازت ڏيون. 1990 ۾ “آئي جي آئي” جي حڪومت جهڙي نموني ٺاهي وئي ان جو شاهد ان وقت جو آئي ايس آئي چيف اسد دراني آهي، جنهن انهيءَ سڄي ڪارنامي جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي ۽ اهو ڪيس اصغر خان مرحوم کڻي سپريم ڪورٽ ۾ پهتو هو، پر اڄ به اهو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هزارين فائلن جي هيٺان دٻجي ويل آهي، پر اها حڪومت به صرف 3 سال هلي سگهي ۽ ملڪ جي مجبوري بڻجي وئي ته هڪ دفعو ٻيهر حڪومت جون واڳون محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي حوالي ڪيون وڃن، پر طاقتور حلقن کان سندس ٻيو دور به هضم ٿي نه سگهيو. 1996 ۾ سندس ئي دورِ حڪومت ۾ سندس موڀي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽي کي 70 ڪلفٽن جي اڳيان بي ڪفنو ماريو ويو، جنهن جي ڪيس جي اڄ تائين پوئيواري نه ٿي سگهي آهي. تاريخ جو اهو به هڪ وڏو الميو آهي. ان وقت پاڪستان جو صدر پيپلز پارٽي جو جيالو فاروق لغاري مرحوم هو جيڪو محترمه شهيد کي پنهنجي ڀيڻ ڪوٺيندو هو ۽ سندس گاڏي ڊرائيو ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندو هو. اهڙي ويجهي ماڻهو 58(2B) جو ڪارو قانون استعمال ڪندي، سندس حڪومت کي ختم ڪيو. فيض چواڻي:
“ديکا جو کا ڪي تير ڪمين گاهه ڪي طرف،
اپني هي دوستون سي ملاقات هو گئي”
انهيءَ ڳالهه جي تڪليف محترمه کي زندگيءَ ۾ رهي ته جيڪو ماڻهو کيس ڀيڻ چوندو هو انهيءَ جي ئي هٿان سندس حڪومت جو خاتمو آيو، طاقت جي ايوانن جو اهو ئي وڏو الميو آهي ته اتي رشتا ۽ احساس نه هوندا آهن. پوءِ ان سان نواز شريف ڪهڙو سلوڪ ڪيو، اهو پڻ تاريخ جو هڪ حصو آهي. 1999 ۾ آمر نواز شريف جي ٻيو دفعو واري حڪومت کي به ختم ڪيو، نيٺ انهن ٻنهي پارٽين پي پي پي ۽ نون ليگ کي ميثاقِ جمهوريت ڪرڻو پيو، ان لاءِ ته انهن سمجهيو ته ملڪ هلائڻ سياستدانن جو ڪم آهي. جيڪا ڳالهه طاقتور ڌرين کي نه ٿي وڻي ۽ اهي سياسي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڪمزور ڪن ٿا. ان لاءِ اهو ميثاقِ جمهوريت ڪيو ويو ته جيئن سياسي اڳواڻ پاڻ ۾ وڙهي ڪمزور نه ٿيندا، پر هڪ ٻئي جو ساٿ ڏئي سياسي نظام کي طاقتور بڻائيندا. آڪٽوبر 2007 ۾ جڏهن سندس جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو ته هڪ دفعو ٻيهر ماڻهن جو سمنڊ سندس آجيان لاءِ آيو هو ۽ محترمه جي اکين مان پڻ ڳوڙها ڳڙي پيا. صرف 4 ڪلاڪن کانپوءِ ڪارساز وٽ هڪ ٻئي پٺيان ٻه ڌماڪا ڪيا ويا، جن ۾ محترمه ته محفوظ رهي، پر سوين بيگناهه ڪارڪن شهيد ٿي ويا، جن جي پوئيواري 15 سال پيپلز پارٽي سنڌ مٿان حڪومت ڪندي به ڪري نه سگهي. اهو به تاريخ جو سياهه باب آهي، پر محترمه جي بهادري جو اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو ته ٻئي ڏينهن صبح جو اڪيلي گاڏي ۾ چڙهي جناح اسپتال ۾ داخل زخمي ڪارڪنن جي عيادت ڪئي ۽ لياري ۾ وڃي شهيد ٿيل ڪارڪنن جي وارثن سان عذرخواهي ڪئي، پر تاڪ ۾ ويٺل شڪاري پنهنجا تير تکا ڪندا رهيا ۽ نيٺ هو 27 ڊسمبر تي ڪامياب ٿيا، ان ڏينهن جي حوالي سان ڪيترائي سوال آهن. جنهن گاڏيءَ ۾ محترمه گولي کائڻ کانپوءِ آخري ساهه کنيا، ان گاڏيءَ ۾ مخدوم امين فهيم مرحوم، صفدر عباسي، ناهيد خان پڻ موجود هئا، جيڪي محفوظ رهيا. امين فهيم صاحب ته الله کي پيارو ٿي ويو آهي، پر صفدر عباسي ۽ ناهيد خان زنده آهن، هي اهي ٻئي ماڻهو آهن، جيڪي جلاوطني دوران انگلستان ۾ محترمه سان گڏ هڪ فليٽ ۾ رهندا هئا ۽ ناهيد خان محترمه جي پاڇي وانگر هوندي هئي اهي ڇو خاموش آهن؟ اهي ڪڏهن ڳالهائيندا، ڪڏهن ٻڌائيندا ته جڏهن جلسي ڪرڻ کانپوءِ اوهان بم پروف گاڏي ۾ ويهو ٿا، ڇو ته اوهان جي جان کي خطرو آهي ته پوءِ اوهان کي اها ڪهڙي شئي مجبور ٿي ڪري جو توهان پنهنجي گاڏي مان ٻاهر نڪري ۽ ماڻهن جي نعرن جا جواب ڏيو ٿا؟ جڏهن انهي سوال جو جواب ملندو ته اهو ڪيس واضح ٿيندو، خبر ناهي ڇو ناهيد خان اڄ به خاموش آهي، سندس عمر باقي ڪيتري بچي هوندي ان جي مٿان محترمه جو قرض آهي جنهن کي هو فرض سمجهي دنيا جي آڏو وائکو ڪري. محترمه جي شهادت کانپوءِ پوري پاڪستان جي وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي کي ملي، جيڪا 5 سال هلي، پر سنڌ صوبي ۾ مسلسل 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت هلي رهي آهي، ڪجهه سوال ٻيا به آهن، ته اهي اميدون جيڪي محترمه پنهنجي عوام لاءِ کڻي آئي هئي ۽ عوام وٽ محترمه جي اچڻ کانپوءِ اهي اميدون هڪ دفعو ٻيهر جاڳيون هيون ته انهن جو روزگار، انهن جي ترقي انهيءَ پارٽي سان سلهاڙيل هوندي ڇا پيپلز پارٽي اهڙي ڪا به ڪوشش ڪرڻ وئي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ صوبي ۾ روزگار، امن امان، تعليم، روڊ رستن جي ترقي ٿي آهي؟ جيڪڏهن نه ٿي آهي ته پوءِ ان ۾ پيپلز پارٽي مڪمل قصور وار آهي.