بلاگنئون

سنڌي ٻوليءَ جي منفرد اهميت

لسانياتي اعتبار کان سنڌي ٻوليءَ جي اهم خاصيتن مان سڀ کان نمايان خاصيت اها آهي ته ان جو هر هڪ ٻول (لفظ) سُر سان ختم ٿيندو آهي، جنھنڪري هر ٻول جو آخري وينجن متحرڪ هوندو آهي.

مثال: ”کَٽَ“ لفظ ۾ ٻه وينجن (ک + ٽ)، (اَ) جا ٻه ڇوٽا سُر ۽ ٻه پدَ (کَ + ٽَ) موجود آهن، جيڪي وينجن (ک ۽ ٽ) ۽ سرُ (اَ + اَ) جو ميلاپ آهن. ان جو صرفي ڇيد هن طرح ڪري سگهجي ٿو.

ک + اَ = کَ،

ٽ + اَ = ٽَ،

(کَ + ٽَ) = کَٽَ.

کَٽَ لفظ جي آخر ۾ ڇوٽو سُر ”اَ“ هئڻ ڪري، ان جو آخري وينجنُ ”ٽ“ متحرڪ ٿي ”ٽ + اَ“، ”ٽَ“ طور اچاريو ويندو آهي.

اهڙيءَ طرح،

”آ“ ،”اَ“ ، ”اِ“، ”اِي“ ”اُ“ ،”اُو“،”او“ وغيره

جي مختلف سُرن سان ختم ٿيندڙ لفظن سان به ساڳيو ئي اصول لاڳو آهي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن به لفظ جي آخر مان ”سُرَ“ کي هٽائي ڇڏبو يا ان کي نه اچاربو، ته ان لفظ جو آخري وينجنُ غير متحرڪ يا ساڪن ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح اهو لفظ جملي جي ساخت آهر، سنڌي ٻوليءَ جي گرداني ڦيرن ۾ پنھنجون حالتون تبديل نه ڪري سگهڻ باعث، جملي ۾ گهربل وياڪرڻي ڪارج به ادا ڪري نه سگهندو ۽ ٻوليءَ جي وسيع نظام سان جڙي نه سگهندو، پر هڪ بيجان ۽ جامد لفظ جي حيثيت سان واهپي ۾ رهندو. ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين کان مختلف ۽ منفرد بڻائڻ جي خاصيت آخري وينجن جو متحرڪ هئڻ آهي. وينجن جي ان متحرڪ هئڻ جو محرڪ وري آخري سُر جو اچارڻ آهي. مطلب ته سنسار جي ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نمايان ۽ منفرد حيثيت ڏيارڻ جو راز اصل ۾ آخري سُر جي اچارڻ ۾ سمايل آهي. اهو آخري سُر ئي آهي، جنھن جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ جي اسمن، ضميرن، صفتن ۽ فعلن جي عدد، جنس، زمان ۽ حالتن بابت مقرر ڪيل وياڪرڻي اصولن جي عمارت بيٺل آهي. ان ڪري ڪيترو نه ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي هر هڪ لفظ جي آخري وينجن کانپوءِ ايندڙ سرُ کي متحرڪ انداز سان اچاريو وڃي. ڇاڪاڻ ته ان سان نه صرف سنڌي ٻوليءَ جون وياڪرڻي تقاضائون پوريون ٿين ٿيون، پر آخري سُر جي تحرڪ واري ادائگيءَ جي ڍنگ مان ئي سنڌي ٻوليءَ جو نج سڀاءُ ۽ سواد پيدا ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آخري وينجن کي غير متحرڪ يا ساڪن ڪري ورتائڻ جو عمل هڪ طرف سنڌي لفظن جي وياڪرڻي ڪارج ادا ڪرڻ جي رستاروڪ جو باعث بڻجي ٿو، ته ٻئي پاسي اهو عمل، سنڌي ٻوليءَ کان ان جو سڀاءُ، نج پڻو ۽ سنڌي سڃاڻپ کسڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي. ان جو بنيادي سبب اسان جي پرائمري سطح جي سنڌي نصاب جي سٽاءُ آهي، جنھن ۾ ٻولي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ آواز بجاءِ اکر کي بنيادي اهميت ڏني وئي آهي. جنھنڪري اسان جي پرائمري اسڪولن ۾ شروع کان ئي استادن پاران سنڌي ٻوليءَ کي آواز بجاءِ اکر کي بنياد بڻائي پڙهائڻ جي غلط روايت جاري آهي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻوليءَ کي آوازن بجاءِ اکرن ذريعي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ جو غير فطري عمل شروع ڪيو ويندو آهي. ان طرف نه اسان جي عالمن ۽ ماهرن جو ڪو سنجيده رويو نظر اچي ٿو، نه ئي اسان جي نئين نسل کي ان جي ڪا پروڙ ئي آهي. انڪري انتھائي ضروري آهي ته ان طرف ٻوليءَ سان لاڳاپيل ادارن جي ماهرن، استادن ۽ عالمن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي. ان قسم جي مامرن جو جائزو وٺي، ان مطابق سنڌي پڙهائڻ جو نصاب ترتيب ڏنو وڃي. ان سان گڏ ان بابت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ٻوليءَ جي ماهرن ذريعي سنڌي پڙهائيندڙ استادن کي انتھائي سنجيدگيءَ سان موثر ۽ عملي تربيت ڏني وڃي. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي آخري سُر کي نه اچارڻ جو ٻيون مکيه ڪارڻ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيائي ادارن ۾ غير مادري سنڌي زبان وارن ملازمن پاران مذڪوره معاملي تي توجهه نه ڏيڻ آهي. ڇاڪاڻ ته غير مادري سنڌي زبان وارا سنڌي ٻولن جي آخري وينجن کي متحرڪ ڪري نه ڳالهائي سگهندا آهن. انڪري اهي ٻوليءَ جي معيار جو خيال رکڻ بجاءِ، جنھن قسم جي ٻولي روزمرھ جي زندگيءَ ۾ ڳالهائن ۽ ٻُڌن ٿا، اها ٻولي ئي سُڌ سماءَ واهپي ۾ ڪتب آڻي رهيا آهن، جنھن جا ناڪاري اثر سموريءَ دنيا جي سنڌي ڳالهائيندڙ نئين نسل تي پئجي رهيا آهن. انڪري اهو پڻ ضروري آهي ته ٻوليءَ سان لاڳاپيل ادارن پاران پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مالڪن، ايڊيٽرن، پروڊيوسرن، ڪمپوزرن، پروف ريڊرن، خبرن پڙهندڙن، مختلف پروگرامن جي ميزباني ڪندڙن ۽ شاگردن سميت نئين نسل کي آگاهي ڏيڻ جي سلسلي ۾ خصوصي پروگرام منعقد ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.

***