بلاگنئون

طارق عالم ابڙو جي تيرهين ورسي

يارهين جون تي سنڌ جي ناول نگار، ڪھاڻيڪار، شاعر چتر ڪار طارق عالم ابڙو جي تيرهين ورسي جاڳرتا فورم ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان سڀاڻي ٿيڻي آهي جنھن نسبت سان طارق عالم ابڙو سان گذاريل يادو اوهان سان Share ڪريان ٿو تہ طارق سان ٻالڪپڻي ۾ 1967،68 ڌاري ملاقات ٿي هئي جڏهن بابا، يونيورسٽي جي حيدرآباد ماڊل اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر هو تڏهن اسان کي به دادو ڇڏي يونيورسٽي ڪالوني جي ڪوارٽر ۾ رھڻو پيو ۽ بابا يونيورسٽي جو ملازم هجڻ ڪري اسان جي ڪالوني جي ماڊل اسڪول (جيڪا ھاڻ ڇوڪرين جي مارُئي هاسٽل سڏجي ٿي) ۾ ڀاءُ وڏي، منھنجي ۽ ادي جي پھريون ،ٻيو، ٽيون ڪلاس ۾ داخلا ڪرائي وئي، جتي منھنجي ڪلاس ٽيچر زرينه ڀٽو هئي ۽ ڊرائنگ جي استاد مس سبحان ابڙو هئي جيڪا طارق عالم ابڙو جي وڏي ڀيڻ ۽ سائين دارا ابڙو صاحب کان ننڍي هئي ان اسڪول ۾ طارق عالم ۽ ساقي عالم ابڙو به پڙهندا هئا ۽ اسان جا ڪوارٽر به ٿوري مفاصلي تي هجڻ ڪري ملاقات ٿيندي رهندي هئي وڏي ڳالھ ته سائين دارا ابڙو صاحب به ماڊل اسڪول ۾ استاد هجڻ ڪري بابا جي ان سان دوستي هئي جنھن ڪري امان سان گڏجي طارق وارن جي گهر به وڃڻ ٿيندو هئو، انھن ڏينھن ۾ سائين ظفر ڪاظمي صاحب به ڪالوني ۾ رهندا هئا جن جي فرزند زبير سان به سلام دعا ٿيندي هئي مونکي فخر آهي ته انھن ڏينھن ۾ حيدرآباد جا ڪي مشھور چترڪار هوندا هئا انهن ۾ سائين ع، ق شيخ، ظفر ڪاظمي، دارا ابڙو ۽ بابا مصطفي شيخ انھن چئن شخصيت ۾ بابا واحد آرٽسٽ هئو جنھن کي ماڊل اسڪول ۾ هڪ تصويري نمائش ۾ ان وقت جي گورنر موسا خان بھترين چترڪاري تي انعام ڏنو هئو بابا ڪجهه عرصي کان پوءِ دادو ڪاليج ۾ لائبررين ٿي ويا ته وري اسان جي داخلا دادو پرائمري اسڪول ۾ ٿي جتان مون 1970 ۾ پنجون پاس ڪري گورنمينٽ پائليٽ اسڪول دادو جي ڇھين ڪلاس ۾ داخلا ورتي73 /1972 کان 76 ڌاري جڏهن آئون ستين ڪلاس ۾ هئس تہ ارشاد پنھور (رٽائرڊ ايگريڪلچر بينڪ آفيسر) عبدالعزيز اميرالبحر (جيڪو هن وقت ملاح قوم جو سردار آهي) مرحوم طارق گهلو ۽ نعيم پنھور سان هلال پاڪستان طرفان شروع ڪيل گلن جھڙا ٻارڙا جو بنياد رکيو هو جنھن صفحي جو انچارج مرحوم محمود يوسفاڻي هئو پوءِ سائين پير مظھر (اڳوڻو وزير تعيلم) جنھن کي اسان گلن جھڙا ٻارڙا دادو شاخ جو سرپرست مقرر ڪيو هو ڇو جو پير صاحب پروانو ڀٽي کان اڳ عبرت اخبار طرفان شروع ڪيل ٻارڙن جي صفحي جا انچارج هئا جيڪي ماما موجي جي نالي سان ٻارن لاءِ مضمون وغيره لکندا به هئا سندن جو ڏاڏو پير الاهي بخش ۽ منھنجو ڏاڏو ايڊووڪيٽ رسول بخش شيخ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ هندستان ۾ گڏ پڙهيا هئا جنھن ڪري پير صاحب مونکي تمام گهڻو ڀائيندو هئو جنھن جي مشوري تحت مونکي ٻارڙن جي ٻاري جو مرڪزي رابطا سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو جنھن ڪري منھنجو ڄامشورو ڪالوني ۾ قائم ٿيل ٻارن جي برانچ طرف وڃڻ ٿيندو هئو جتي وڏي عرصي کان پوءِ منھنجي طارق سان ڊرامائي انداز ۾ وري هڪ دفعو سڃاڻپ ٿي جڏهن هو مونکي پنھنجي گھر وٺي ويو هئو جتي مون پنھنجي استاد آپا سبحان کي سڃاڻڻ بعد پيرين پئي مليس ۽ان کي پنھنجي واقفيت ڪرايم ته آئون غلام مصطفي شيخ جو فرزند آهيان، پوءِ ته مونکي سائين قيس عالم، سائين منصور عالم سائين اياز عالم، ساقي عالم، طارق عالم ۽ سندس امڙ تمام گهڻو پيار ڏيندا هئا، انھن ڏينھن ۾ تنظيم جي ڪمن سانگي طارق سان سنڌ ۾ چڪر لڳندا هئا پر لاڙڪاڻو، قمبر جو ٽوئر ياد رهندو جتي آئون طارق سان گڏ عوامي تحريڪ جي دوستن جي قائم ڪيل ٻارڙن جي تنظيم گلن جھڙا ٻارڙا طرفان تقريري مقابلي ۾ حصو وٺڻ ويو هيس، قمبر طارق جو اباڻو شھر هئو طارق مونکي ٻڌايو هئو تہ سندس والد صاحب عالم ابڙو فوٽو گرافر طور ڪم ڪندو هئو جنھن جو نالو سڀني ڀائرن جي نالن سان ڳنڍيل آهي طارق عالم، ساقي عالم وغيره بھرحال قمبر ۾ عوامي تحريڪ جي سرگرم ليڊر ڊاڪٽر محبت ۽ ڀائو در محمد وارن سان ملاقاتون ٿيون، ڊاڪٽر صاحب ته جوانيءَ م ئي گذاري ويو باقي ڀائو در محمد مونکي 40 سالن بعد ڳولي لڌو، خير انھن ڏينھن ۾ لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ٻارن جي شاخ تمام گهڻي active هئي جنھن ۾ جميل سومرو (بلاول زرداري جو سيڪريٽري ۽ موجوده پ پ حڪومت ۾ ايم پي اي) اخلاق انصاري (پروفيسر) سکر ۾ اياز گل ۽ ادل سومرو جن ٻارن ۾ ته مشھور ٿيا پر اڳتي هلي به انهن نالو ڪمايو تن ڏهاڙن ۾ طارق بچپن جي دوستي ۽ وڏن جي قرب سبب گڏ هوندو هئو اسان ٻئي تمام گهڻا مذاقي طبيعت جا هئا سين ڪن جاين تي ته مون ڇوڪرين جا ڪپڙا پائي به طارق سان گڏ مذاقون ڪيون ، قمبر ويندي ته اسان بس ۾ اھڙي ڌمال وڌي ۽ گڏجي مزاحيا گانا ڳايا “رمضان کے ابو، هان جي.. مجهے پھلا مھينا هاں جي…. هان جي طارق، جميل سومرو، ۽ ٻين دوستن ٿي چيو بس ڇا ٻڌايان سڄي بس ۾ کل جا ڪوڪريا هجن، ايتري قدر جو چاليھن سالن کانپوءِ جڏهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ ڪامريڊ نظير شيخ جي ورسي ۾ ملاقات دوران ڀائو در محمد مونکي ڀاڪر پائي کلي چيو تہ شيخ صاحب توهان کي ياد آهي ته توهان ۽ طارق رمضان کے ابو، ڳائي ڪيئن کلائيندا هئا،
ننڍ پڻ هئو ريڊيو حيدرآباد ۾ غفران عاقلاڻي (ڪراچي ٽريزري ۾ وڏو آفيسر ٿي رٽائرڊ ٿيو) ۽ سندس وڏو ڀاءُ سبحان ميمڻ(اڳوڻو چيف سيڪريٽري جيڪو ڪوٽڙي ۾ اي ڊي ايم رهيا ۽ بعد ۾ سانگهڙ جا ڊپٽي ڪمشنر به رهيا) سان گڏ ريڊيو تي ٻارڙن جي ٻاري ۾ ڪم ڪرڻ ڪري عجيب مستي رهندي هئي طارق ۽ آئون روڊ تي به ڳائڻ شروع ڪندا هئاسين ته پرواهه ئي نه هوندي هئي،ڇو جو طارق جو ۽ منھنجو آواز سريلو هوندو هئو
وقت مُٺُ ۾ جهليل واريءَ جيئان وهندو ويو طارق عالم سنڌ جو بھترين ناول نگار، آرٽسٽ، ڪھاڻيڪار، ملڻو جلڻو ، سڀني سان پيار ڪرڻ واري شخصيت ايتري قدر جو مختلف ادارن ۾ سٺن عھدن تي رهڻ باوجود جتي ملندو هئو ته وڏي رڙ ڪري چوندو هئو منھنجو ننڍپڻ جو دوست شيخ، هن پنھنجي ڪتاب رهجي ويل منظر م به منھنجو مختصر ئي سھي ذڪر ڪيو آهي، طارق، زندگي ۾ پيار پاتو پر زندگي وفا نه ڪيس، اڄ نه آپا سبحان رهي آهي نه ساقي عالم ابڙو رهيو آهي نه طارق عالم ابڙو نه سندس جي ڀائرن مان قيس ۽ منصور رهيا رهيا آهن سائين دارا ابڙو صاحب ٻاهريون ڏيھ وسايو آهي جنھن سان هڪ ڀيري سنڌ ۾ اچڻ تي ملاقات ٿي هئي تڏهن بابا شاھ فيصل يونيورسٽي جده ۾ لائبررين ۽ آرٽ جا ڪلاس وٺندا هئا جتان هو مصر ۽ پيرس هليو ويو، دارا صاحب بابا جو تمام گهڻو پڇو ٿي، آپا سبحان جي فوت ٿيڻ تي مون اياز عالم صاحب سان رابطو ڪري دعا گهرڻ جو تمام گهڻو اسرار ڪيو پر مونکي وقت نه ڏئي سگهيا، ڏسندي ئي ڏسندي آئون هن سال 64 سال جو ٿي چڪو آهيان طارق کي دنيا ڇڏي 13 سال گذري ويا آهن شابس آهي ڄامشورو جي دوستن کي جن طارق کي ياد ڪيو آهي، طارق عالم کي ڇو نه ياد ڪرڻ گهرجي، اسان کي ته طارق هن جي تمام ڀائرن تي فخر آهي جو هُنن فن ۽ آرٽ جي دنيا ۾ وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ هو اسان جي سڃاڻپ بڻيا، پر افسوس جو کيس انھن ادارن به کين وساري ڇڏيو آهي جن ادارن جي هنن خدمت ڪئي.
جا ڀُونءِ پيرين مُون، سا ڀُون مٿي سَڄَڻين،
ڌِڱَ لَٽبا ڌُوڙ ۾، اکئين ڏٺاسُون،
ڏيِنھن مِڙوئي ڏُون ،اٿِي لوچ لطيف چئي.