بلاگنئون

سنڌ کي ورهائڻ وارا بيوقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا!

اها حقيقت آهي ته نانگ کي ڪيترو به کير پيارجي، پر اهو کير پيارڻ واري کي ضرور ڏنگيندو، ڇو ته هو پنهنجي ڏنگڻ واري عادت کان مجبور هوندو آهي. سنڌ جي ماڻهن سان به ڪجهه 1947ع ۾ ايندڙ ماڻهن ساڳي ڪار ڪئي آهي، جن 78 سال سنڌ جو نيمڪ کاڌو، پر پنهنجي نانگ واري ذهنيت بدلائي نه سگهيا. هتي اهي ماڻهو مقصود آهن جيڪي لسانيت جهڙي غليظ، بدبودار سوچ کي اڃان تائين سيني سان لڳايو اچن. اهڙن ماڻهن کان مان هڪ سوال ڪرڻ چاهيان ٿو ته جڏهن توهان آيا هئا ته توهان کي پنهنجي حالت ياد آهي ته ڪيئن توهان کي سنڌ جي ماڻهن پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ پنهنجا گهر خالي ڪري انهن ۾ رهڻ ڏنو.

برصغير جي تاريخ ۾ ڪٿي به نه اوهان جي ڪا ٻولي هئي، نه ثقافت هئي نه ڪٿي ڪو اوهان جي نالي تي پرڳڻو هو، بلڪه اتي ته اوهان جي حيثيت نه هئڻ جي ڪري هر وقت خوف ۽ نراسيل زندگي گذاريندا هئا، انگريزن کي دعا ڪريو جو انهن ننڍي کنڊ جي ورهاست ڪئي ۽ پاڪستان ٺهيو ۽ اوهان جهڙا ماڻهو جن وٽ ڪا ڌرتي ڪونه هئي سنڌ جي مقدس سر زمين تي اچي پهتا.

 نه ته پاڪستان صرف سنڌ نه هئي، بلڪه ان سان ٻيون وحدتون به لاڳاپيل هيون۔ مثلا پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان وغيره، پر انهن منجهان ڪنهن به اوهان کي پنهنجو نه ڪيو۔ اوهان ته جڏهن هندستان کان لڏپلاڻ ڪري آيا هئا ته ان وقت اوهان جي بدن تي نه ڪپڙو هو، نه پيرن ۾ جتي هئي ۽ نه ئي پيٽ ۾ ڪو مانيءَ جو ڳڀو هو، پر سنڌ جي ماڻهن اوهان کي اهو سڀ ڪجهه بنا ڪنهن نسل، ذات يا فرقي جي دل کولي ڏنو. حالانڪه ان وقت به اوهان پنهنجي مڪاري واري تسلسل ۽ ذهنيت کي استعمال ڪندي جائيدادن جا ڪوڙا ڪليم داخل ڪرايا ۽ سنڌ ۽ سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ دڪان، گهر، زمين ۽ ڪاروبار حاصل ڪيا، جنهن جو ذڪر قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب “شهاب نامه” ۾ تمام گهڻي تفصيل سان ڪيو آهي. جيڪي پڙهيل لکيل مهاجر هئا انهن کي نوڪريون مليون. حالانڪه اوهان جو سنڌ ۾ ڪو حصو ته نه هو. ڇاڪاڻ ته سنڌ برصغير جي وقت به الڳ ملڪ هو، جتي مهاجر نه پر اتان جا هزارين سال انڊيجينيئس ماڻهو رهندا هئا. يعني ٻن ملڪن جو ميلاپ هو، هڪ هند ۽ ٻيو سنڌ، سنڌ جي رهواسين انسانيت کي نظر جي سامهون رکندي اوهان کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتو۔ پنهنجن بند پيل واڌو گهرن ۽ ڪاروبار کي اوهان جي حوالي ڪيو۔ جنهن جو احسان اوهان زندگي ڀر به نٿا لاهي سگهو۔ سنڌ جا ماڻهو صوفين ۽ اوليائن جا پوئلڳ آهن، پر هتي به اوهان چالاڪي ۽ مڪاري وارو فارمولو استعمال ڪندي هٿرادو سيد بڻجي سنڌين کي بيوقوف بڻائيندا رهيا.

اوهان ته سنڌ ڌرتي ۽ ان جو نمڪ کائيندي به فقط تعصب جي بنياد تي هتان جي مادري ٻوليءَ کي ڪڏهن سکڻ جي ۽ اپنائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، بلڪه اڄ تائين سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تمدن کان شديد نفرت ڪندا رهيا آهيو. مهاجر جو مطلب ڇا هوندو آهي، جنهن جو ڪو وطن ئي نه هجي ۽ اهي ڪيمپن ۾ رهائش پذير هوندا آهن۔ اوهان جو بار بار سنڌ جي ثقافت کان نفرت جو اظهار ڪندا رهو ٿا، حالانڪه جنهن کي به پنهنجي ثقافت هوندي آهي اهي ڪڏهن به ڪنهن جي ثقافت کان ائين نفرت ناهن ڪندا، پر اوهان کي جڏهن پنهنجي ثقافت ئي ناهي ته ٻئي جي ثقافت جو اوهان احترام ان ڪري نٿا ڪريو جو اوهان کي اندر ۾ هڪ خوف آهي ته ڪٿي توهان تاريخ ۾ ايئن نه سڃاتا وڃو ته هڪڙو گروهه هو جنهن جي نه ڪا ڌرتي هئي ۽ نه ڪا ثقافت، پر ٻي ڌرتيءَ تي وڃي به انهن ان کان نفرت ڪئي.

78 سالن کان توهان سنڌي ته ڇا اڃان پاڪستاني به ناهيو بڻجي سگهيا۔ اڄ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ انهن ۾ موجود گهرن، ڪاروبارن، نوڪرين سان گڏ گهڻو ڪجهه اوهان وٽ آهي، پر پوءِ به مک جيان مٿو پٽڻ جي اوهان کي عادت آهي۔ هڪ ٻئي ڳالهه ته جنهن شخص اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي مهاجر جو ليبل هڻي ڇڏيو هو۔ اهوئي اوهان جو محسن سالن کان لنڊن ۾ ويٺو آهي، جنهن اوهان کي مهاجر هجڻ جو  سبق ڏنو. هن متعلق ايترو چئي سگهجي ٿو ته “شرم تم کو مگر آتي نهين” اوهان وٽ سنڌ جي ننڍن شهرن کان وڌيڪ سهولتون آهن.

دنيا ۾ اوهان جو واحد نسل اهڙو آهي جيڪو 78 سال گذرڻ باوجود تعصب جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي ۽ جنهن ڌرتيءَ جو نمڪ کائي رهيو آهي، ان کي پنهنجائڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، پر اهي اوهان جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نٿي سگهندا بلڪ خواب ئي بڻجي ڪري رهجي ويندا۔ ڇاڪاڻ ته اسان کي پنهنجي سنڌ انهيءَ ماءُ کان به ستر ڀيرا وڌيڪ پياري آهي، جنهن پنهنجي ڪک کان جنم ڏنو آهي۔ اسان پاڻ کي قربان ته ڪري سگهون ٿا، مگر سنڌ جي چپي چپي جي حفاظت کي پنهنجو قومي فرض سمجهون ٿا۔ توهان ڀائرن کي اهو مشورو آهي ته سنڌي بڻجي هن ڌرتيءَ جا پٽ بڻجي وڃو ۽ اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻون بڻجي امن ۽ سڪون سان رهو، توهان کي ڪوبه ڇيهو رسائي نه سگهندو.