بلاگنئون

اڄ جو اولاد…؟

مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته مون ڪالم لکڻ ۾ اسپيڊ ڇو ورتي آهي! مون کي دنيا جهان جا مسئلا پنهنجا مسئلا ڇو لڳڻ لڳا آهن! شايد منهنجي طبيعت وڌيڪ حساس ٿيندي پئي وڃي، جو جيڪي به سماج ۾ برو ٿيندي ڏسان ٿو اهو قلم ذريعي عام ماڻهن تائين پهچايان ٿو. جيتوڻيڪ اهڙي طبيت جي ڪري ڏاڍي تڪليف به پهتي آهي، تڪليفون پٺي ڀر ائين اڇلائي رهيو آهيان، جيئن وهنجڻ مهل اسان پاڻي پٺي پويان اڇليندا آهيون، اهو ته مان پاڻ ڪيان ٿو، پر ڪو دوست مهربان يا شاگرد به چئي ٿو ته سر هن موضوع تي لازمي لکو، ان تي به لکان ٿو ته سندن موڪليل مواد به ڪوشش ڪري سندن نالن سان مختلف اخبارن ۾ ڇپرايان ٿو. ڪافي پڙهيا لکيا ماڻهو طنز به ڪندا رهن ٿا ته اڄ جي دور ۾ ڪالم ڪير ٿو پڙهي يا اوهان جي لکڻ سان ڪهڙي تبديلي ايندي، هتي اڪثر ماڻهو لڪير جا فقير آهن، کين اهڙي ته ستي وڌي وئي آهي جو ڪک ڀنڃي ٻيڻو نٿا ڪن، اوهان وانڌا آهيو الائي ڇا؟ اوهان اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ڪري وڃو ٿا؟
اسان کي سمجھ ۾ نٿو اچي! منهنجو کين هڪ ئي جواب هوندو آهي اهو سڀ ڪجھ مون کان پنهنجو ضمير ڪرائي ٿو، جيستائين اهڙي قسم جو ڪم نٿو ڪريان مونکي پنهنجو ضمير ويهڻ ئي نٿو ڏئي، وري ڪجھ ماڻهو اهو به چوندا آهن ته توهان کي ڀلا اخبار وارا پئسا ڏيندا آهن ڇا؟ انهن جي ذهن ۾ اهو آهي ته شايد مان پئسا ڪمايان پيو، مان اهڙن ماڻهن کي سندن منهن تي به چوندو آهيان ته هن ڪالم ذريعي به اهڙن پئسن جي پوجارين کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مون ڪالم لکڻ، ڪتاب لکڻ يا نوڪرين جي امتحان جي تياري ڪرائڻ تائين سڀ مفت ۾ ڪندو آهيان، اڃان پنهنجي گهران لکين رپيا خرچ ڪيا آهن، ايتري تائين جو پنهنجي پئسن مان حيدرآباد جهڙي شهر ۾ 240 گز جو پلاٽ وٺي اتي لائيبريري ۽ سهولت گهر قائم ڪيو آهي، جتي سوين ماڻهو مفت ۾ فائدو حاصل ڪري چڪا آهن ۽ ڪري به رهيا آهن، گذريل ٽن سالن کان اها سهولت مون پنهنجي گهران ڏني آهي ۽ اڃان گهڻو ڪجھ ڪرڻ جو ارادو پڻ رکان ٿو. ان معاملي ۾ رب منهنجي غيبي مدد ڪري ٿو، مون پنهنجي والدين کان ان سلسلي ۾ هڪ رپيو به نه ورتو آهي. حيدرآباد جهڙي شهر ۾ 120 گز تي منهنجو ذاتي گهر آهي، ان سان گڏ ذاتي لائيبريري ۽ سهولت گهر پڻ آهي. منهنجو ايڪسيڊنٽ پڻ ٿيل آهي جنهن ۾ منهنجي ٻانھ ۽ جنگھ پڻ ڀڳي هئي، جنهن نوجوان مونکي ويلنگ ڪندي بائيڪ هنئين هئي ان کي به مون معاف ڪري ڇڏيو هو، منهنجي ننڍڙي کان ان ايڪسيڊنٽ واري وقت عسڪري پارڪ مان موٽر سائيڪل پڻ ڦر ڪئي وئي هئي، هي سڀ لکڻ جو مقصد اهو آهي ته مون ناچيز تي رب جا وڏا احسان آهن. ان ڳالھ تي پڪو يقين آهي ته ڪر ڀلا ته هو ڀلا، قرآن پاڪ ۾ هڪ ڳالھ جو بار بار ذڪر آهي ته آسانيون پيدا ڪيو، آسانيون پيدا ڪيو، اوهان ٿوريون به آسانيون پيدا ڪندا رب اوهان کي ان جي بدلي ۾ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آسانيون ڏيندو. اهو به ٻڌائيندو هلان ته اهو سڀ ڪجھ ڪري مان ڪنهن تي ڪو احسان نه ٿو ڪيان، هي سڀ ڪجھ ڪر ڀلا تو هو ڀلا تحت ڪري رهيو آهيان، جيڪو اسان سڀني کي ڪرڻ گهرجي. اچان ٿو مٿي ڏنل عنوان تي جيتوڻيڪ مٿيون مواد پڻ عنوان جي ئي مطابق لکيو آهي، مٿي عنوان ۾ لکيو آهي ته اڄ جي نوجوان نسل کي وات ۾ گرھ وجهي انهن کي پالتو نه بڻايو، انڊيا جي هڪ رياست ڪجھ عرصو پهريان اها قانون سازي ڪئي آهي ته جانورن کان زبردستي ڪو به ڪم نه ورتو وڃي، خاص ڪري اهو ڪم ٿيٽرن وارا وٺي رهيا هئا، انهن مٿان سختي سان بندش وڌي وئي ته اوهان ٿيٽر ۾ موجود جانورن تي ظلم ڪري رهيا آهيو، اهو بند ڪيو وڃي، ٿيٽر مالڪ سخت پريشان ٿيا ته هاڻي هنن جانورن جو ڇا ڪيون، جانورن ۾ هاٿي، ببر شير، هرڻ جا ٻچا، ڀوليون، باندر، اٺ، گهوڙا، ٻڪريون وغيره هئا، ٿيٽر مالڪن مهينو انهن جانورن جي خوراڪ ڪئي آخرڪار انهن وٽ جما پونجي ختم ٿي ۽ پريشان ٿيڻ لڳا ته هاڻي هنن جانورن جو ڇا ڪيون، مجبور ٿي انهن مان سڀ کان پهريان ببر شيرن کي جهنگل ۾ ڇڏڻ ويا، کين ڏک به ٿئي پيو ته ننڍڙا ڪري هٿن ۾ پاليا آهن، وري انهن کي پاڻ کان الڳ ڪري جهنگ ڇڏي اچون! بھرحال انهن جي مجبوري هئي شيرن کي ڀر جي جهنگ ۾ اچي ڇڏيائون، وري کين ٻئي ڏينهن دل چيو ته ڏسي اچون، جڏهن شيرن کي ڏسڻ آيا انهن کي هڪ به شير نظر نه آيو، هي ويتر پريشان ٿي ويا ته الائي ڪاڏي ويا! اتان جي ڀر واري ڳوٺ جي ماڻهن کان شيرن بابت ڄاڻ ورتي، انهن ماڻهن هنن کي چيو اوهان جيئن شيرن کي جهنگ ۾ ڇڏيو ڪلاڪ کان پوءِ کين جهنگلي ڪتا کائي ويا، اها ڳالھ ٻڌي تمام گهڻا غم زده ٿيا.
مٿين ڳالھ مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته، پالتو شير ڪتن جا شڪار ٿي ويا، جيڪڏهن اهي جهنگل جا شير هجن ها ته انهن ڪتن کي طاقت نه هئي جو هو شيرن جو شڪار ڪن ها، اسان جي معاشري جو اڄڪلھ ساڳيو قصو آهي اسان پنهنجي شيرن کي اهڙي نموني پالي رهيا آهيون جيئن ٿيٽر وارن شيرن کي پاليو هو، انهن کي دنيا جهان جي ڪا به پروڙ نه ٿي پئي، اٺ جيترا وڏا ٿين ٿا تڏهن به اڃان پاپا مامان پيا چون، نه مٽ مائٽ جي خبر اٿن نه ئي دنيا داري جي، اڳتي هلي اهي ڪنهن به ڪم ڪار جا نه ٿا رهن دنيا جهان اسان سميت سندن مٿان کلي ٿو، ڪنهن به نوجوان کي چئو بابا اوهان پنهنجي تعليم پوري ڪئي آهي هاڻي وڃي ڪنهن روزگار سان لڳو چون ٿا بابا اهو ڪم به توهان وٺي ڏيو اسان کي ڪير سڃاڻي، والدين سڄي عمر جائز ناجائز جي تميز ختم ڪري کين سکيو ستابو ڪيو، پڙهايو هر ڏک سک ۾ ٻانھ ٻيلي ٿيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هو نااهل ثابت ٿيا، نااهل اولاد اڳتي هلي ماءُ پي لاءِ اڃان کوڙ ساريون تڪليفون پيدا ڪري ٿو، ايتري تائين جو ڀائر پاڻ ۾ وڙهي ماءُ پيءُ جو به آرام وڃائين ٿا، ڪڏهن ڪڏهن اهي والدين هنن جي پرڪارن جي ڪري هي جهان پڻ ڇڏي وڃن ٿا. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته خدارا پنهنجي ٻارن کي پالتو نه بڻايو، انهن کي دنيا جهان جي هوا لڳڻ ڏيو، جيئن اوهان دنيا جهان جون هوائون کاڌيون آهن ۽ پوءِ وڃي اهي منزلون ماڻيون آهن.