بلاگنئون

قديمي ماڳن کي تفريح گاهن ۾ تبديل ڪريو

سنڌ جي تاريخ پڙهجي ٿي ته پتو پوي ٿو ته هيءَ ڌرتي ۽ هن ڌرتيءَ تي آباد قوم جي تاريخ ۽ تهذيب 6 هزار سالن کان به قديم آهي، جنهن جا آثار موهن جي دڙي، هڙپا، منصوره (برهمڻ آباد)، آمري وغيره جي ماڳن منجهان ملي وڃن ٿا جن تي اڄ به محقق، تاريخ نويس ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا تحقيق ڪري رهيا آهن ته گڏوگڏ انهن دڙن ۽ ماڳن جي کوٽائي ڪري نيون شيون دريافت ڪري رهيا آهن جيڪو هڪ بهترين ۽ تاريخي عملي قدم آهي ۽ انهيءَ سموري تاريخ کي قلمڪار قلم وسيلي ڪتابن جي ورقن منجھ محفوظ ڪري ايندڙ نسلن کي آگاهي ڏيڻ ۽ انهن کي تاريخ طرف متوجھ ڪرڻ خاطر مختلف شهرن، ماڳن، مڪانن تي ڪانفرنسون ڪوٺائي نيون راهون ۽ نوان رستا جوڙي تاريخ جي تسلسل کي برقرار رکيو اچن ٿا جيڪو نهايت ئي بهترين عملي ورڪ آهي. ڇو ته جيڪي قومون پنهنجي تاريخي ماڳن مڪانن جو تحفظ نه ڪري سگهنديون آهن انهن جو اهو دعويٰ وارو رستو بند يا ختم ٿي ويندو آهي ته اهي قديم قومون آهن.
سنڌ ازل کان ئي شاهوڪار ۽ خوشحال ديس رهيو آهي جنهن جي ڪري ئي مختلف وقتن تي مٿس ڪاهون ۽ يلغارون ڪري هتان جي قوم جو قتلام ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي، حقيقت ۾ هتي ڪير به نيڪ مقصد خاطر نه آيو بلڪه لٽ جي ارادي سان داخل ٿي ڪري هتان جي سادن سودن ۽ اٻوجھ ماڻهن کي مختلف ريتن ۽ رسمن ۾ جڪڙي مريد ۽ غلام بڻايو ويو آهي. سنڌ جي پاڪ پويتر ڌرتي تي اڄ به ڪاهون ۽ حملا ٿي رهيا آهن جن کي هي بهادر قوم پنهنجي صبر ۽ طاقت سان ناڪام ڪري رهي آهي. ان کان علاوه سنڌي قوم پنهنجي تاريخي ماڳن مڪانن جي تحفظ طرف به ڀرپور ڌيان ڏيئي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته هن قوم جون اکيون سجاڳ آهن، پر اڄ اسان هنن تاريخي ماڳن مڪانن بابت لکنداسين ۽ خاص ڪري سنڌ سرڪار، ثقافت ۽ سياحت کاتي جو ڌيان ڇڪائيندي عرض ڪنداسين ته سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي ماڳن ۽ مڪانن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلي ۽ بهتري خاطر تفريح گاهن ۾ تبديل ڪيو وڃي، جنهن سان عوام ۾ ماڳن ڏسڻ جي دلچسپي وڌندي ۽ گڏوگڏ اهڙن هنڌن جو تحفظ به ٿيندو ته وري اهڙي عمل سان ڪيترن ئي ماڻهن جي روزگار جو سبب به پيدا ٿيندو ته وري سرڪار کي به اتان آمدني ملندي سو اچو ته انهن ۽ اهڙن ماڳن، مڪانن تي روشني وجهي سرڪار جي آڏو ڪي صلاحون رکون.
سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ هر شهر ۾ جهڙيءَ طرح پيرن، فقيرن، اوليائن ۽ بزرگن جا مزار آهن ۽ اتي هر سال انهن درگاهن تي اوقاف کاتي يا گادي نشينن جي طرفان ميلا ۽ عرس ٿيندا آهن، جتي عوام جي دلچسپيءَ خاطر مختلف شين جا اسٽال يا وري ملاکڙن ۽ سرگسن وغيره جا اهتمام ٿيندا آهن تهڙيءَ ريت ئي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي تاريخي ماڳ، مڪان، ڪوٽ ۽ قلعا موجود آهن جتي هر موسم ۾ ماڻهو وڏي شوق سان سير و تفريح جي مناسبت سان پري پري کان گهمڻ ويندا آهن، پر جڏهن گهمڻ جي شوقينن کي اتي گهربل شيون نه ملنديون آهن ته اهي سنڌ کان نڪري ڪشمير، ڪوهه مري، ناران، ڪاغان ۽ ٻين علائقن جو رخ ڪري سنڌ جو پئسو تباهه ڪري ايندا آهن، پر ڪيترو نه بهتر ٿيندو جو انهن کي پنهنجي ڌرتي تي اهو سڀ ڪجھ ميسر ڪري ڏجي جيڪو ڪجھ هو طلبين ٿا. اچو ته سنڌ جي اهڙن قديم ماڳن ۽ مڪانن جو نمبر وائيز ذڪر ڪريون جتي جيڪڏهن عوام کي تفريح خاطر ڪجھ ڏنو وڃي ته سنڌ ۾ ڪافي حد تائين تبديلي اچي سگهي ٿي.
1. گڊو بئراج:
ڪشمور جو شهر گڊو جيڪو گڊو بئراج (64 در) ۽ بجلي گهر جي مناسبت سان ڪافي مشهور آهي جتي سنڌو درياهه کي آبپاشيءَ جي نظام ۽ ورهاست خاطر دروازا آهن ۽ انهن دروازن سبب اتي سڄو سال مهاڻن جون ٻيڙيون به مڇيءَ جي شڪار خاطر هلن ٿيون ته وري اهي ئي ميربحر ٻچن جي روزگار خاطر گڊو بئراج گهمڻ ايندڙ ماڻهن کي پئسن عيوض درياهه بادشاهه جو به سير ڪرائين ٿا، پر جيڪڏهن اتي دروازن جي ويجهو درياهه جي بندن تي زمين کي هموار ڪري پري پري کان سياحت ۽ عام يا خاص ڏهاڙن تي گهمڻ لاءِ ايندڙن خاطر ريفريشمينٽ ۽ جهولن وغيره جو اهتمام ڪيو وڃي ته هوند گڊو بئراج جي سونهن ۾ اضافي سان گڏ اتان جي مقامي ماڻهن کي به روزگار جا بهترين موقعا ملي سگهن ٿا.
2: مڇر ڍنڍ:
سيوهڻ شريف کان دادو ويندي آراضي کان کاٻي هٿ تي بوبڪ شهر کان اڳتي ٿوري پنڌ تي ايشيا جي وڏي منڇر ڍنڍ جيڪا مالڪي نه هئڻ سبب تباهه ٿي وئي آهي، جنهن جو پاڻي زهريلو ٿيڻ سبب مڇيءَ جو ناياب نسل به ختم ٿيندو پيو وڃي ته وري اتان جي صدين کان سنڀال ڪندڙ مهاڻن جي روزگار تي به وڏو برو اثر پيو آهي، سو جيڪڏهن انهيءَ ڍنڍ ۾ ٻاهران ايندڙ زهريلي ۽ خراب پاڻي کي روڪي ۽ ٻئي طرف موڙي هن ڍنڍ جي بندن/ڪپن تي سياحن ۽ عوام خاطر ننڍا ننڍا هٽ جهڙيءَ طرح هاڪس بي تي هٽ آهن جوڙي ۽ خاص ڪري ٻارن خاطر جهولا ٺاهي سنڀال ڪئي وڃي ته ان سان هتي جي مقامي آباديءَ کي روزگار جا نوان موقعا ۽ وسيلا ميسر ٿيندا ته وري منڇر ڍنڍ جو ختم ٿيل وقار ۽ حسن به بحال ٿي پوندو. جڏهن ته آراضي کان ڍنڍ تائين روڊ به پڪو آهي ۽ ڍنڍ جا بند به وڏا آهن ۽ ايئن ڪرڻ سان هن ڍنڍ طرف عوام جو لاڙو به پيدا ٿيندو. ڇو ته عوام خاص ڪري اتي ئي ويندو آهي جتي انهن کي کاڌي پيتي جي سهولت ملندي آهي.
3: رني ڪوٽ:
ايشيا جو سڀ کان وڏو قلعو يا ڪوٽ سڏجندڙ رني ڪوٽ به پنهنجي هڪ وڏي ۽ وسيع تاريخ رکي ٿو جيڪو سن شهر کان اولھ طرف 35 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي جبلن جي اوچائي تي جڙيل هڪ شاندار ۽ شاهڪار قلعو آهي، جنهن کي ڏسڻ خاطر پري پري کان ماڻهو ايندا آهن. هن قلعي تي مختلف ليکڪن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناول وغيره لکي ڪري خوب مڃتا حاصل ڪئي آهي، پر قلعي جي بهتري يا ڀلائي خاطر ملي ڪري شايد ڪجھ به ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪا سگهاري تحريڪ هلائي آهي، پر جي اهي ليکڪ ڪجھ ڪن ها ته شايد اڄ قلعي جي اها حالت نه هجي ها جيڪا موجوده وقت ۾ آهي. افسوس جو اسان جا مهان ليکڪ وغيره صرف ۽ صرف شهرت خاطر ئي لکندا آهن نه ته باقي وڃي ٿيا ست خير.
سن کان ويندي رني ڪوٽ جي سن گيٽ تائين روڊ پڪو ۽ بهترين آهي جڏهن ته سن گيٽ کان ويندي ميري ڪوٽ ۽ پرين جو تڙ تائين رستو پٿريلو ۽ ڪافي خراب آهي، ان ڪري انهيءَ رستي جي تعمير ڪرڻ سان گڏ سن گيٽ کان اندر داخل ٿيندي جيڪا پهرين پل اچي ٿي جتان پرين جي تڙ وارو پاڻي لنگهي ٿو اتي زمين هموار آهي جتي کٻڙن ۽ ٻٻرن جا وڻ اڪثريت ۾ آهن اتي پارڪ تعمير ڪري سگهجي ٿو جنهن لاءِ پرين جي تڙ وارو پاڻي نهايت ئي ڪارائتو ثابت ٿيندو. ڇو ته اهو پاڻي سڄو سال وهي ٿو، ايئن ميري ڪوٽ جتي سرڪاري آفيس ۽ ريسٽورنٽ آهي اتي سياحن جي ويهڪ يا آرام خاطر چبوترا جوڙايا وڃن ۽ ريسٽورنٽ ۾ وڌيڪ سهولتون پيدا ڪيون وڃن ۽ اهڙو ئي هڪ ريسٽورنٽ سن گيٽ تي پڻ جوڙيو وڃي ۽ ان لاءِ اتي خاص ڪري مقامي آبادي جي ماڻهن کي اوليت جي بنياد تي رکيو وڃي جنهن سان انهن کي به روزگار ملي پوندو ته وري رني ڪوٽ ۾ به عام ماڻهن جو آمد جو سلسلو وڌندو. ان کان علاوه جيئن ته رني ڪوٽ ايراضي جي لحاظ کان ڪافي وڏو، ويڪرو ۽ مٿانهين ٽڪرين تي ٺهيل/تعمير ٿيل آهي. خاص ڪري سن گيٽ وٽان ديوار تي هر ماڻهو به نٿو چڙهي سگهي انهيءَ ڪري ئي ديوار سان لڳو لڳ چيئر لفٽ ٺهرائي سياحن کي ڪوٽ کي ڏسڻ ۽ گهمڻ جا جديد دور ۾ جديد موقعا فراهم ڪيا وڃن ته بهتر ٿيندو ۽ اتي رهائش يا آرام خاطر هٽ يا لانڍي تعمير ڪري ايندڙ سياحن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
مٿي ذڪر ڪيل ماڳن کان علاوه هتي ٻيا به اهڙا ڪيترائي خاص هنڌ ۽ ماڳ آهن جتي عام ۽ خاص ماڻهو عام ۽ خاص ڏهاڙن تي پري پري کان سيڙجي گرمين توڙي سردين ۾ پر خاص ڪري برسات وارن ڏڻن ۾ وڃن ٿا انهن جا ترتيبوار نالا لکندس جهڙوڪ: ڪوٽڏيجي، گورک هل اسٽيشن، نيشنل کيرٿر پارڪ، دراوت ڊيم، عمرڪوٽ، نئون ڪوٽ، گڊي ڀٽ، ڀنڀور، ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، نريڙي ڍنڍ، ڀالوا ۽ ڪارونجهر وغيره جيڪي ڪنهن کان به ڪنهن به ريت ڳجها يا لڪل ڪين آهن، بلڪه اهي سنڌ جا اهڙا ته مشهور ماڳ آهن جو اتي سال جا 365 ڏهاڙا ميلا متل هوندا آهن ۽ عوام جي ڪافي رش هوندي آهي خاص ڪري خاص ڏهاڙن تي ته پير رکڻ جي به جاءِ نه ملندي آهي، پر افسوس جو عالم اهو آهي ته اتي ٻيو سڀ ڪجھ ته ملي ٿو، پر ننڍن ٻارن جي دلچسپيءَ جو سامان ناهي هوندو. ڇو ته سير و تفريح جي مناسبت سان ٻار پهرين صف ۾ موجود هوندا آهن جيڪو هن جديد دور ۾ ننڍن ٻارن سان ناانصافي جي ذمري ۾ اچي ٿو.
سنڌ ۾ اهڙا ڪافي سارا هنڌ ۽ ماڳ آهن جيڪي عوام جي توجھ جو مرڪز بڻيل آهن، جتي عوام سير و تفريح واسطي ويندو رهي ٿو ۽ اهڙن ماڳن تي سهولتن جي اڻهوند سبب هو مايوسيءَ جو شڪار ٿي ڪري وري ٻيهر انهيءَ طرف رخ ئي نٿو ڪري ۽ هو تفريح ۽ تازي هوا خاطر ٻين علائقن جي ماڳن ۽ منظرن طرف وڃي سڪون حاصل ڪري ٿو جيڪو سنڌ ۾ موجود ماڳن ۽ سنڌ جي عوام سان سراسر ئي ناحق ۽ ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ آهي.
آئون مٿي ذڪر ڪيل ماڳن منجهان اڪثر ماڳن تي ويو آهيان، اتان جو سراسري جائزو وٺي اتان جي حالتن کي نظر ۾ رکي هي تحرير قلمبند ڪئي اٿم ته اسان سنڌي ڀل حالتون ۽ واقعا خواهه ڪهڙا به ڇو نه هجن، پر سدائين سير و تفريح کي اوليت ڏيندا آهيون ۽ پري پري جي ماڳن تي وڃي تفريح حاصل ڪندا آهيون ان جا ٻه ننڍڙا واقعا جيڪي اکين سان ڏٺم سي هتي اوهان جي آڏو پيش ٿو ڪريان ته پهريون اهو ته تازو ئي جمعو 01.03.2024 تي ڪراچي کان حيدرآباد ويو هئس جتي سينٽرل جيل جي اولھ ۾ اکين جي اسپتال جي ويجهو ڪلهوڙا ڪالوني ۾ سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار تي وڃڻ ٿيو ته اتي ڪيترائي خاندان سير و تفريح جي لحاظ کان آيل هئا، هنن کي ماضيءَ جي حاڪم سان ڪا دلچسپي نه هئي، بلڪه هو گهران ئي ماني ڀاڄي پچائي مزار جي احاطي ۾ کائي رهيا هئا. ڇو ته هن مزار جو صحن ويڪرو آهي ۽ ڪافي گل ٻوٽا به آهن، جڏهن ته مک دروازي وٽ مختلف ريڙهين وارا به ڪاروبار ڪري رهيا هئا، چوڻ جو مطلب ته مزارن تي عقيدتمند اٽي ۾ لوڻ برابر ويندا آهن نه ته باقي مڪليءَ جهڙي قبرستان ۾ به ماڻهو عبرت بجاءِ سير و تفريح خاطر ويندا آهن، جتي رڳو ٽهڪ گونجندا آهن ۽ ٻيو ڇنڇر 02.03.2024 تي رني ڪوٽ ويو هئس جتي ڦلجي شهر کان اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين جون ٻه گاڏيون آيون هيون، پر سن گيٽ کان اڳتي رستي نه هجڻ سبب اهي ميري ڪوٽ تائين نه پهچي سگهيا، سن گيٽ وٽ ڪجھ تصويرون ڪڍي ۽ وڊيو ڀري واپس ٿيا هئا، ايتري قدر جو پيئڻ جو پاڻي نه هجڻ سبب اهي ڪافي پريشان ٿي لڳا. سچ ته ڏاڍو افسوس ٿيو هئم ته اهي شاگرد ڪيترو نه خرچ ڪري تاريخي قلعو ڏسڻ آيا هئا، پر مايوس ٿي موٽي ويا هئا. انهيءَ ڪري سنڌ سرڪار ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته مٿي ذڪر ڪيل هنڌن ۽ ماڳن جي وارثي ڪندي انهن کي تفريح گاهن ۾ تبديل ڪري ته جيئن هتان جي عوام کي گَهر جي ويجهو تفريح جا موقعا فراهم ٿي سگهن ۽ انهن ماڳن جو تحفظ به يقيني ٿي سگهي.
***