بلاگنئون

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ ڪرڪيٽ جي تاريخ

اڄ پھرين جون کان فوٽبال کانپوءِ پوري دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ پسند ڪئي ويندڙ راند ڪرڪيٽ جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿي رھيو آھي. پوري دنيا ۾ لکين شوقين اڄ کان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا ڏسي دل وندرائيندا. اسان سنڌي به ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ڏسڻ جا تمام گهڻا شوقين آھيون. مان سمجھان ٿو سڄي سنڌ جو ڪو واھڻ وستي رھيل نه ھوندو جتي بيٽ بال راند ڏٺي ۽ کيڏي نه ويندي ھجي. اسان وٽ ھن راند کي گھڻي قدر بيٽ بال ئي ڪوٺيو ويندو آهي. مان ته چوندو آهيان اسان کي ڀلي نيشنل ليول تي ڪرڪيٽ ۾ نه چونڊيو وڃي، پر صحتمند رهڻ لاءِ ڪرڪيٽ سان گڏ سڀ رانديون ضروري آهن ۽ کيڏڻ گهرجن. ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپس ۾ وڌ ۾ وڌ روينيو پاڪستان ۽ انڊيا جي ميچ مان ڪٺو ڪيو ويندو آهي. انڊيا ۽ پاڪستان جي ميچ ڏسڻ وارن جو انگ تمام وڏو آهي.
ڪرڪيٽ جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪٿان ٿي ان بابت تاريخدان مختلف رايا ڏين ٿا. ڪجهه تاريخ نويس اهو چون ٿا ته ڪرڪيٽ جي شروعات تيرهين صديءَ کان سائوٿ ايسٽ انگلينڊ ۾ سيڪسن Saxon ۽ نارمن Norman جي دورن کان ٿي. جتي هن راند کي ٻارن جي راند جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هو. هن راند ۾ بال جي جاءِ تي پَٿر/ڀِتر يا رڍن جي اُنَ مان ٺهيل ڪپڙي ۽ بيٽ جي جاءِ تي لٺ استعمال ڪئي ويندي هئي، پر ڪجهه تاريخ نويس اهو لکن ٿا ته ڪرڪيٽ چوڏهين صديءَ ۾ ڪنگ ايڊورڊ ٻيو King Edward II جي دور ۾ شروع ٿي ۽ ان جو نالو ڪرڪيٽ نه بلڪه ڪريگ Creag هو. بعد ۾ ڪريگ لفظ ڪرڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو جنهن جو لکت ۾ پهريون ثُبوت سترهن جنوري 1597 ۾ سَسيڪس Sussex ۾ هڪ پلاٽ جي قبضي واري ڪورٽ ڪيس مان ملي ٿو. جنهن ۾ هڪ شخص ڪورٽ ۾ اها گواهي ڏي ٿو ته ان زمين جي ٽڪري تي اسان ننڍي هوندي ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين.
سورهين صديءَ تائين ته اها خبر پوي ٿي ته ڪرڪيٽ ٻار کيڏندا هئا. 1611ع ۾ ٻن نوجوانن کي جيل ۾ وڌو ويو. جڏھن جاچ ڪئي وئي ته انهن نوجوانن کي ڇو جيل ۾ وڌو ويو ته خبر پئي ته هو ٻئي آچر واري ڏينهن جيڪو عيسائين لاءِ مقدس ۽ عبادت وارو ڏينهن آھي ان ڏينهن هي ڪرڪيٽ راند ڇو کيڏيا….؟ حقيقت ۾ ان ڏينهن هنن کي ڪليسا ۾ اچي عبادت ڪرڻي هئي. ساڳي ئي سال انگلش ڊڪشنريءَ ۾ لفظ ڪرڪيٽ به شامل ڪيو ويو ته ڪرڪيٽ اها راند آهي جيڪي ٻار ۽ نوجوان کيڏندا آهن.
1642 کان 1651 تائين انگلينڊ ۾ سول وار لڳي، هڪ ڌر جي اڳواڻي ڪنگ چارلس پھريون King Charles I ته ٻئي جي اوليور ڪرام ويل Oliver Cromwell ڪري رهيو هو. سڄي ملڪ ۾ افراتفريءَ جو ماحول برپا لڳو پيو هو جنهن جي ڪري ڪرڪيٽ راند تي به اثر پيو. بعد ۾ 1660 ۾ جوا کيڏڻ جي لاءِ قانون سازي ڪئي وئي ان ۾ ڪجهه حدون مقرر ڪيون ويون. هن ملڪ ۾ جيئن ڪرپشن ختم نه ٿي ٿئي ان لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ۽ هڪڙي حد مقرر ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي پئسا ڏيڻ ۾ پريشاني نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته ڪرپشن کي قانوني حيثيت نه ڏيڻ جي ڪري ٿورا گهڻا ايماندار ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿين ٿا. هن وقت ڪرپشن جي ڪري وڌ کان وڌ شريف ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، جيڪو هاڻي ان حالت تي پهتو آهي ته يا ڪرپشن ڪري يا ملڪ ڇڏي، پر جيڪڏهن ڪرپشن ڪرڻ لاءِ هڪڙو قانون هوندو ته هو ان کي قانون جي دائري اندر سمجهي پاڻ کي گھٽ ۾ گھٽ ڪرپٽ ته نه سمجهندو. بهرحال جوا کي قانوني شڪل ملڻ کانپوءِ جوارين ڪرڪيٽ ۽ ڪرڪيٽ کيڏندڙن کي هن دور ۾ ڏاڍو پروموٽ ڪيو ۽ ڪرڪيٽ جا ڪائونٽي ڪلب ٺهڻ شروع ٿيا. مختلف ڳوٺن مان سٺن سٺن رانديگرن کي آڏو آندو ويو.
سترهين صديءَ ۾ ڪرڪيٽ برطانيا کان سفر ڪري اتر آمريڪا، ويسٽ انڊيز، آفريڪا، ننڍي کنڊ، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا تائين پهچي وئي.
جون 1815 ۾ واٽرلو Waterloo جي ميدان تي ڊيوڪ آف ويلنگٽن ۽ نيپوليئن جي وچ ۾ تاريخي جنگ لڳي. هيءَ جنگ نيپوليئن هارائي ويو ۽ هن جو يورپ فتح ڪرڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو. هن جنگ کان ڪجهه وقت اڳ انگريز فوجين برسلز Brussels ۾ موجود هڪ پارڪ ۾ ڪرڪيٽ ميچ کيڏي جنهن پارڪ کي اڄ تائين English man’s Lawn جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته انگريز فوجي جنگيون وڙهڻ سان گڏ ڪرڪيٽ راند به کيڏندا وتندا هئا.
ڪرڪيٽ جا قانون پھريون دفعو 1744 ۾ ٺاهيا ويا. ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين ان ۾ وقت بوقت تبديليون ڪيون وڃن ٿيون. پھريون ڪرڪيٽ ڪلب 1760 ۾ هيمبليدن Hambleden ۾ ٺاهيو ويو. ان کانپوءِ مشهور ميرلبون ڪرڪيٽ ڪلب Marylebone Cricket Club (MCC) جو بنياد 1787 ۾ وڌو ويو. ڇا ٿا سمجهو اڄ کان ڪيترا سال اڳ انگريزن معاشري کي صحتمند سرگرميون ڏيڻ لاءِ ڪلب ٺاهيا. اسان وٽ به ڪرڪيٽ راند تمام گهڻي کيڏي وڃي ٿي. جيڪڏهن اڄ به سنڌ جو سرمائيدار سٺا ڪرڪيٽ ڪلب ڏين ته هن راند ۾ سنڌي رانديگرن کي پروموٽ ڪري سگهجي ٿو. هنن ڪلبن ۾ ڪجهه اهڙا رانديگر به ظاهر ٿيا جن ميچ فڪسنگ ڪئي. هن دور جو مشهور رانديگر وليم ليمبرٽ William Lambert ميچ فڪسنگ ۾ پڪڙيو ويو جنھن کي لارڊز جي گرائونڊ تي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان تاحيات پابندي لڳائي وئي.
پهرئين ٻين الاقوامي ڪرڪيٽ مئچ آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ 1844ع ۾ نيو يارڪ شهر ۾ کيڏي وئي. وڏي ڳالهه ته هنن ملڪن جي وچ ۾ پهرئين بين الاقوامي مئچ کيڏي ته وئي، پر هنن ملڪن ۾ ڪرڪيٽ راند کي اها پذيرائي نه ملي سگهي. ڪرڪيٽ راند ۾ ٻانهن کي وڪڙ ڏئي بال اڇلائڻ، هڪ اوور ۾ چئن کان اٺ بال هلائڻ، ايل. بي. ڊبليو، ڊي آر ايس ۽ ٻيا ڪجهه رولز آهستي آهستي اختيار ٿيندا ويا.
1890 کان وٺي پھرئين جنگي عظيم جي شروع ٿيڻ کان اڳ واري دور کي ‘ڪرڪيٽ جو سونهري دور’ لکيو وڃي ٿو. هن دور ۾ ڪرڪيٽ جو ابو ڊبليو. جي. گريس W. G. Grace ڪرڪيٽ تي ڇانيل رهيو. ان کان علاوه هن دور جا مشھور رانديگر ولفريد رهوڊز، سي. بي. فراءِ، وڪٽر ٽرمپر ۽ ٻيا به ڪرڪيٽ جي دنيا تي ڇانيل رهيا.
1909 ۾ امپيريل ڪرڪيٽ ڪانفرنس Imperial Cricket Conference جو بڻياد پيو. جنهن جا بنيادي ميمبر انگلينڊ، آسٽريليا ۽ سائوٿ آفريڪا هئا. بعد ۾ ويسٽ انڊيز (1928)، نيوزيلينڊ (1930)، انڊيا (1932) ۽ پاڪستان (1952) ۾ ميمبر بڻيو. 1987ع ۾ امپيريل ڪرڪيٽ ڪانفرنس جو نالو مٽائي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل رکيو ويو جنهن جو هيڊڪوارٽر هن وقت دبئي ۾ آهي.
پهريان ڪرڪيٽ ۾ ٽيسٽ مئچون کيڏيون وينديون هيون. 1971 ۾ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ميرلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندڙ ٽيسٽ مئچ جي پھرئين ٽن ڏينهن جي دوران مينهن وسي پيو. مينهن وسڻ جي ڪري آخر ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته لميٽيڊ اوورن تي راند کيڏي وڃي ته جيئن راند جو فيصلو اچي. ايئن لميٽيڊ اوورن لاءِ راھ هموار ٿي ۽ اها پهرئين هڪ ڏينهن واري مئچ ٿي جيڪا آسٽريليا وارن انگلينڊ وارن کان کٽي. هڪ ڏينهن واريون مئچون کيڏڻ سان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي ۽ ڪرڪيٽ جو پھريون ورلڊ ڪپ 1975 ۾ کيڏيو ويو. هي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ويسٽ انڊيز وارن کٽيو. هن دور ۾ اهو قصو مشهور ٿيو ته ڪرڪيٽ کي جنم انگلينڊ وارن ڏنو، نپايو آسٽريليا وارن ۽ ڪرڪيٽ کي جوان ويسٽ انڊيز وارن ڪيو.
هن وقت ڪرڪيٽ کي ٽيسٽ، وَنِ ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ورجين ۾ ورهايو ويو آهي. پھرئين جون 2024 کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ راند جو نائون ايڊيشن شروع ٿي رهيو آهي. پھريون ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2007 ۾ کيڏيو ويو هو. اڄ کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا شروع ٿيندا جيڪي شوقينن کي لطف اندوز ڪندا. ڏسون ته هي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪير ٿو کٽي. هن وقت ڪرڪيٽ جي تجزيا نگارن ۽ شوقينن جا مختلف ۽ دلچسپ تبصرا ميڊيا جي رونق لڳا پيا آهن..!