بلاگ

وٽامن ڊي هاڻ دماغ لاءِ به فائديمند

سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته دماغي ۽ اعصابي ڪمزوري مان گذرندڙ خاص طور تي وڏي عمر جي ماڻهن جي جسم ۾ جيڪڏهن وٽامن ڊي جو مقدار وڌيڪ هجي ته تڏهن پڻ ان جو فائدو ٿئي ٿو ۽ اهڙي ريت سندن دماغ ۾ ڌيان جو عمل سست ٿي سگهي ٿو. آمريڪا ۾ ٽفٽس يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن اها تحقيق ڪئي آهي جنهن جا نتيجا جرنل آف الزائيمر ايسوسئيشن شايع ڪرايا آهن. جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته غذائي جزا خاص طور تي وٽامن ڊي پوڙهو ٿيندڙ دماغ تي مثبت اثر وجهي سگهن ٿا. ٽفٽس يونيورسٽي ۾ يو ايس ڊي اي هيومن نيوٽريشن ريسرچ سينٽر آن ايجنگ (اين اين آر سي اي) جي سربراهه سارا بوٿ مطابق وٽامن ڊي هڏين، سڻڀ واري مڇي، کير ۽ نارنگي جي رس ۾ وڌيڪ هوندو آهي جڏهن ته اُس پڻ جلد ۾ جذب ٿي وٽامن ڊي ٺاهي ٿي پر هاڻ وڌندڙ تحقيق سان اهو معلوم ٿيو آهي ته وٽامن ڊي دماغي ڪمن لاءِ پڻ فائديمند آهي ۽ ان جا ثبوت دماغي نمونن ۾ مليا آهن. وڏي عمر ۽ يادداشت تي ان تحقيق ۾ ڪل 209 شرڪت ڪندڙن جي دماغي ٽشوز جو باقاعده مطالعو ڪيو آهي. اها تحقيق 1997 کان شروع ٿي. معلوم ٿيو ته وڏي عمر سان گڏوگڏ دماغي ٽشوز ۽ خلين ۾ جيڪي بي قاعدگيون شروع ٿين ٿيون انهن جو مرڻ کانپوءِ به پتو لڳائي سگهجي ٿو. ماهرن باريڪي سان دماغ ۾ انهن چئن حصن جو جائزو ورتو جتي وٽامن ڊي موجود هو ۽ اثر انداز ٿي رهيو هو. ان ۾ ٻن جڳهن تان الزائيمر بيماري جو تعلق هو، هڪ جو تعلق دماغ ۾ رت جي وهڪري ۽ ڊيمنشيا سان هو ۽ چوٿين حصي بابت سائنسدان اڻڄاڻ هئا. جڏهن ته دماغ جي انهن چئن حصن ۾ وٽامن ڊي جي گهٽتائي يا واڌاري جا آثار ضرور مليا. پر اها پڻ خبر پئي ته دماغ ۾ جنهن جنهن جڳهه تي وٽامن ڊي وڌيڪ هو اتي ٻين جي مقابلي ۾ بگاڙ تمام گهٽ ڏٺو ويو. يعني وٽامن ڊي جي موجودگي دماغي صلاحيتن کي بهتر بڻائي ٿي جن ۾ يادداشت ۽ عام حافظو سرِفهرست آهي. پر ائين ڇو ٿو ٿئي؟ اها خبر سائنسدانن کي پڻ نه آهي جڏهن ته اڳئين مرحلي ۾ هن تي وڌيڪ تحقيق ڪئي ويندي ۽ سائنسدانن اهو پڻ خبردار ڪيو آهي ته وٽامن ڊي جي سپليمينٽ جو استعمال وڌيڪ هر گز نه ڪرڻ گهرجي پر عام ماڻهو روزانو 600 آءِ يو ۽ بزرگ ماڻهو روزانو 800 آءِ يو تائين ئي وٽامن ڊي کائن. (Copied)