بلاگنئون

اسرائيل آخر ڪٿي دنگ ڪندو؟

غزا کي رت جو ريج ڏئي به فلسطيني عرب ان ڳالھه ۾ ڄڻ ناڪام ٿي ويا آهن اهي پنهنجي ڌرتي جو دفاع نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري ته انهن جي مقابلي ۾ اسرائيل وٽ وڏي طاقت آهي ۽ اسرائيل جي وڏي پٺڀرائي آهي، آمريڪا سميت جيڪي به غيرمسلم ملڪ آهن اهي سرڪاري طور اسرائيل جي پويان بيٺا آهن، اهي چاهن ٿا ته جتي ٻيون مذهبي رياستون جڙي ويون آهن اتي اسرائيل به ملڪ طور اڀري اچي. جيڪي به فلسطيني آهن اهي پنهنجي ڌرتي ڇڏي هليا وڃن نه ته ماريا ويندا. هاڻي جيڪي به فلسطيني علائقا آهن جن ۾ اهي سڀ يهودي نسل جا ماڻهو ڪنهن دور ۾ رلندا ڦرندا ۽ ڀٽڪندا وتندا هئا اهي هاڻي سمجهي ويا آهن ته اهي ئي ان ڌرتي جا هزار سالن کانپوءِ به وارث آهن. اهي پنهنجن ڪليسائن ۾ اهڙي قسم جي تبليغ ڪندا ٿا رهن. اهي سمجهن ٿا ته اهي ان طرح ئي ڪامياب ويندا ۽ عرب به چاهن ٿا ته اسرائيل ڀلي وڌي ۽ فلسطيني وري ايسٽ ۽ ويسٽ بينڪ وانگي غزا جي پٽي ڇڏي هليا وڃن، ان ڪري ته جيڪي به تباھه حال غزا جا علائقا آهن، اهي وري اسرائيل پنهنجي نئين سر آبادي جوڙي ويندو ۽ دنيا جي سمورن اسرائيلن کي دعوت ڏيندو ٿو رهي ته اهي هاڻي پنهنجي هزارين سال پراڻي ڌرتي تي موٽي اچن ۽ ان ڌرتي جي وراثت جا حقيقي مالڪ بڻجن.
غزا جي پٽي جيڪا 41 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ رڳو 11 ڪلوميٽر ويڪري آهي ۽ ان جي ٽن طرفن کان اسرائيلي آبادي آهي، ان ڪري ته ايسٽ بينڪ ۽ ويسٽ بينڪ ۾ هاڻي اسرائيلي ناهن رهيا، انهن کي هڪ هڪ ڪري 1948 کان وٺي 1967 تائين ۽ وري آهستي آهستي جنگيون وڙهي وڙهي هيل تائين ڀڄائي ماري ويا آهن ۽ اهي فلسطيني مصر ۽ اردن جي علائقن ۾ پناھه وٺي ويا آهن، پر اهي جيڪي ڌرتي تان قربان ٿي ويا، انهن جي رت ۾ ڪو اثر نه هو يا انهن فلسطينين جو رتُ سستو هو ۽ دنيا به ان ڳالهھ تي خاموش تماشائي آهي، ان ڪري ته جيستائين غزا ۾ پهرين اڏيل 25 هزار گهر آباد ٿين، تيستائين اسرائيل جوشيلو ٿي رڙيون ڪري فلسطين جي ڌرتي کي اهڙو مقدس بڻايو اٿن جو هر عورت ۽ مرد انهن جو ويڙهو آهي، اهي سمجهن ٿا 1947 ۾ جيڪي دنيا ۾ 2 لک جي آبادي جا به نه هئا اهي هاڻي 90 لک ٿي ويا جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن جنهن ۾ پاڻ اسرائيل 71 لک، سموري يورپ ۽ آمريڪا ۾ 16 لک مس آهن، هي سموري آمريڪا ۾ 2 سيڪڙو به ناهن، پر آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ ضرور آهن جيڪي آمريڪا کي هلائن ٿا جيڪي سموري معيشت تي قابض به آهن.
هاڻي به يو اين او به ساڳيو حال آهي ته انهن جا ادارا ڪجھه به نه ٿا ڪن، سڀ جا سڀ يورپ ۽ آمريڪا طرف مائل آهن، انهن جي اک ڪڏهن به ڪشمير تي ۽ فلسطين جي حالتن تي نه ٿي روئي، اهي ڪڏهن به فلسطين جي ڌرتي تي ويهي اها ڳالهھ نه ٿا سوچن ته جيڪي به فلسطيني آباد آهن، اها انهن جي پنهنجي ڌرتي آهي ۽ جنيوا جي ڪنهن به مذمتي ٺهراءَ جي نه اسرائيل پوئواري ٿو ڪري نه آمريڪا پوءِ هاڻي مسلمان ملڪن جي اک کلڻ کپي ته اسرائيل جي جارحيت جي نه روڪي سگهيا ته سڀاڻي اهي فلسطين جهڙن نتيجن جي لاءِ به تيار ٿي ويهن، ان ڪري ته اسرائيل جيئن دنيا جي نقشي تي اڀري آيو ۽ دنيا ان کي گريٽر اسرائيل طور مڃڻ شروع ڪيو ته اهي سڀ ڪم آمريڪا جا سولا ٿي پوندا جن ۾ اهي مسلمان ملڪن کي ان نور کان به ڪڍي ڇڏين، هونءَ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن جو اهو ئي ڪم آهي ته اهي رڳو آمريڪا جي فيصلن ۽ مرضي جي پوئواري ڪري اهي سڀ ڪم ڪن جن ۾ اسرائيلي ٿنڪ ٽينڪ ۽ آمريڪا جو راضپو هجي، ڏسجي ته دنيا ۾ “بيلينس آف پاور” ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو، ان ڪري ته اسرائيل جي معاملي ۾ آمريڪا جتي ٽنگ اڙائي بيهي ٿو ۽ جرمني به انهن اسرائيلين کي هٿيارن جي رسد جاري ٿو رکي ان ڪري ته اهي ڄڻ “هولوڪاسٽ” يا جنهن کي 19 آڪٽوبر واري ڏينهن کي نازي ڪرسٽل ناچ پروگرام ڪري مڃن ٿا يا جرمني ۾ ڳچ حصو اڃان به يهودين جو رهي ٿو جن جي دل ۾ اهي نازي ڪيمپ وارا درد آهن جن ۾ يهودين کي ڳڻي ڳڻي ماريو ويو هو.
مڃون ٿا ته ڪنهن به ملڪ جو وچ ۾ پوڻ وري ٽين عالمي جنگ جوٽڻ جا سانباها هوندا ۽ ائين دنيا وري جنگين جي دونهين ۾ ٻوساٽجي ويندي ان ڪري ته سڀني وٽ ايٽم بم پيا آهن، ڪير به ڪنهن تي جي بم اڇلائڻ جي ڪندو ته انهن جا ري ايڪٽر ته بچائي ويندا، پر ان بدلي جي باھه ڪير وسائيندو يا ڪير انهن کي وري وچ ۾ پئجي ٺاهيندو ان ڪري دنيا جون اهي قوتون جن کي ويٽو پاور آهي، جن ۾ آمريڪا، روس، چين، فرانس ۽ برطانيا شامل آهن، انهن مان ڪنهن به ملڪ کي ڪهل نه ٿي اچي ته دنيا جي امن کي اسلامي ملڪن مان خطرو ناهي، پر دنيا جا ملڪ اسرائيل يا خاص اسلامي ملڪ اسرائيل ۽ آمريڪا هٿان تباھه ٿيندا (هڪ ته معاشي طرح تباھه ۽ برباد ته آهن، پر جنگي حالتن ۾ هليا ويندا) ۽ اهي ويٽو پاور رکندڙ ملڪ پوءِ ڪنهن ڪم جا نه ٿيا ان ڪري ته ليگ آف نيشن جي به اها ئي خامي هئي ته اهي پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ جرمني، جاپان ۽ اٽلي جي طاقت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀ جو سڀ قوتون هڪ مُٺِ ٿي ويون هيون ته جيئن جاپان، جرمني ۽ اٽلي کي مات ڏجي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ آمريڪا، روس، برطانيا ۽ چين هڪ پاسي هئا ان ڪري ته چين پاڻ جاپان جي جارحيت هيٺ هو ۽ جاپان وارا صبح شام موچڙي ۾ هٿ وجهي پيا ان ڪمزور ملڪن کي ڪٽڪا چاڙهيندا هئا ۽ جاپان جي جارحيت مان ته آمريڪا به تنگ هو ۽ انهن سڀني گڏجي اهو پلان ڪيو ته جرمني کي ٽوڙجي جو جرمني پاڻ روس تي قبضو ڪيو ويٺو هو، پر ان ڀيٽ ۾ انهن کي برطانيه جون ڪالونيون نظر نه آيون، پر ٿيو وري ائين جو ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ جرمني جيڪا روس جي پاسي هئي معنيٰ ايسٽ جرمني ان تي روس قبضو ڪري ويهي رهيو، معنيٰ اها جرمني جنهن روس کي ڪنٽرول ڪري ڇڏيو اهو ان تي روس وري قابض ٿي ويهي رهيو (جو اوڀر ۽ اولهھ جرمني وري آڪٽوبر 1990 تي وري گڏجي ويون ۽ ايسٽ جرمني روس جي چنبي مان آزادي ورتي) ۽ سڀ حرڪتون آمريڪا جون هيون ته اهي انهن قوتن کي خاموش ڪرائن ته جيئن دنيا ۾ امن بحال ٿئي، پر ليگ آف نيشن ڪجھه به نه ڪيو ۽ اهي سڀ انگريز ۽ غيرانگريز قوتون پاڻ ۾ وڙهي وري هڪ به ٿي ويون، پر مسلمان سلطنتون وري بحال نه ٿي سگهيون جو سلطنت عثمانيا ٽٽي ته وري ٽاڪو ئي نه لڳن.
پر سوال اهو آهي ته اهي ايترا ويڙها ۽ هٿيار ڪاڏهون آڻن جن سان اسرائيلي بربريت ۽ ظلم جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهجي يا نه ٿو ڏئي ان ڪري جرمني جنيوا جي ميٽنگ ۾ اسرائيل کي ڪيترو به نندي يا ترڪي جو احمد محمد ڪيتري به هاءِ گهوڙا ڪري ته اسرائيل کي هٿيارن پڄائڻ وارو ئي آمريڪا آهي ۽ اهو ظلم ٽرمپ جي دور ۾ ايترو نه هيو جيترو جو بائيڊن ڪرائي ٿو ۽ چار ڪلاڪن جي وقفي مان ڇا مراد آهي ته اهي ماڻهو جيڪي غزا ۾ آهن جيڪي غزا جي پٽي ۾ فلسطيني آباد آهن اهي پنهنجي ڌرتي ڇڏي ڀڄي وڃن ۽ غزا جي پٽي خالي ڪن ته جيئن اسرائيل دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان يا خاص يورپي ملڪن مان رهيا کهيا اسرائيل آڻي اتي آباد ڪري ۽ گريٽر اسرائيل جو خواب ساڀيان ڪري، ان ڪري ته اهي اسرائيلي ۽ يهودي قوتون چاهن ٿيون ته انهن وٽ به اهڙا ويڙهاڪ پيدا ٿين يا اهڙو ملڪ اچي جيڪو مسلمان ملڪن کي ڌمڪي ڏئي سگهي ته اهي ڪڏهن به ڪهڙي وقت به مسلمان ملڪن تي ايٽم بم ڪيرائي سگهن ٿا جيئن هاڻي اسرائيل فلسطيني مسلمان کي ڌمڪي ٿو ڏئي يا اهي سمجهن ٿا ته جيڪي به فلسطيني عرب آهن اهي هنن جي ڌرتي تي رهيا پيا آهن ان ڪري اهي ڌرتي ڇڏي هليا وڃن ان ڪري ته اها ڌرتي هنن کي تحفي طور ملي آهي ۽ اها ڌرتي انهن جي لاءِ پاڪ پوتر آهي ان ڪري اهي سڀ فلسطيني اها ڌرتي ڇڏي هليا وڃن ته جيئن اسرائيل خلاصو ٿي ويهي، پر ڳالهھ اها ٿي ماري ته انساني حقن جو تنظيمون ننڊ پيون آهن، اهي ڪجھه نه ٿيون ڪن، اهي خون جا ڳوڙها نه ٿيون وهائن ته اهي ظلم ۽ بربريت رڳو فلسطيني عربن جي لاءِ ڇو يا دنيا جي آڏو اهي سڀ فلسطيني اها اهميت نه ٿا رکن ۽ هزارين سال پنهنجي ڌرتي تي رهي به ڌرتي پنهنجي نه ڪري سگهيا ۽ 1948 کان وٺي وري يا ائين چئون ته 1919 کان وٺي وري 1967 تائين ۽ هاڻوڪين لهرن ۾ جيڪي به ظلم، جنگيون ۽ خون ٿيا آهن انهن جو ڪو داد فرياد ناهي يا انهن جي ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. دنيا جون انساني حقن واريون تنظيمون پوءِ ڪهڙي ڪم جون جيڪي انهن مظلومن جو ساٿ نه ٿيون ڏين يا دنيا وري ڪنهن آسماني قوت جي آسري انهن سڀني فلسطينين کي مارائي ٿي، پوءِ ڪير ناهن جي مدد ڪندو.