پراسرار چيني فلو سبب ڪرونا وائرس دنيا ۾ پکڙجي سگهي ٿو: صحت جو عالمي ادارو

صحت واري عالمي اداري جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پراسرار فلو سبب ٺهڻ وارو ڳجهي مرض جو اصل سبب ڪرونا وائرس ئي آهي. ڊبليو ايڇ او جي مطابق وڌيڪ مريضن جي خاندان وچ ۾ ئي ان جي پکيڙ ڏٺي وئي آهي پر هي چيني حدن کان ٻاهر نڪري باقي دنيا ۾ وڃي سگهي ٿو ۽ ان بنياد تي عالمي اداري سڄي دنيا جي اسپتالن کي خبردار به ڪيو آهي. اسين ڄاڻون ٿا ته ڪرونا وائرس اهڙو وائرس آهي جيڪو ساهه ۽ نڪ سان جڙيل پوري نظام کي ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار بڻائي ٿو. ڪرونا وائرس عام ٿڌ کان وٺي سارس جهڙين موت مار بيمارين جو سبب ٿي سگهي ٿو. ٿائلينڊ چيو آهي ته انهن هڪ چيني عورت کي ان مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ Isolation ۾ رکيو آهي، چين کان ٻاهر ان مرض جو هي پهريون واقعو آهي.