موسميات کاتي موجب گذريل رات سنڌ جي اڪثر حصن ۾ اتر اوڀر جي خشڪ ۽ ٿڌين هوائن ۾ اضافو رھندو. ڪجھه علائقن ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. اڄ رات کان سنڌ ۾ سياري جي پهرين لهر داخل ٿيندي۔ سنڌ ۾ سياري جي مند جي پهرين ٿڌي هوائن جي لهر داخل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ هي لهر خاص طور تي اتر ۽ اوڀر وارن ضلعن ۾ وڌيڪ محسوس ٿيندي. جڏهن ته ڏکڻ ۽ سامونڊي علائقن ۾ ٿڌ آهستي آهستي وڌندي۔ ماهرن موجب منجهند کانپوءِ ۽ رات جو گرمي پد ۾ 4 کان 6 ڊگري تائين گهٽتائي جو امڪان آهي۔
اتر اولهه کان هلندڙ ٿڌيون هوائون سنڌ جي گهڻن علائقن ۾ موسم کي خوشگوار بڻائينديون۔ سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، خيرپور، ٿرپارڪر، بدين، سانگهڙ، نوشهروفيروز، نوابشاهه ۽ ڪراچي ۾ ٿڌ ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب ڪجهه علائقن ۾ صبح جي وقت هلڪي ڌنڌ ڇانئجڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته ڏينهن جو موسم صاف رهندو ۽ ڪٿي ڪٿي بادل ڇانئجي سگهن ٿا۔ ماهرن جي چوڻ مطابق هي لهر سياري جي شروعات آهي، جيڪا نه صرف گرمي پد گهٽائيندي، پر هوا جي نمي ۽ فضا جي دٻاءُ تي به اثر وجهندي۔ سنڌ ۾ موسم خوشگوار رهندي۔ ان ڪري صبح ۽ شام وقت گرم ڪپڙا استعمال ڪيا وڃن۔ ٻارن ۽ بزرگن جي خاص سنڀال ڪئي وڃي۔ ان کانسواءِ فصلن جي بچاءَ لاءِ مقامي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي۔
سياري جي موسم جي شروعات سان ئي سڀ کان پهريان گرم ڪپڙن جو خيال ذهن ۾ اچي ٿو، جنهن لاءِ مڪمل تياري ڪئي ويندي آهي، پر ٻين سڀني ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃڻ جي ڪري هر ماڻهو پنهنجي خوراڪ جو خيال رکڻ وساري ويهي ٿو. ٿڌ جي موسم ۾ نزلي، زڪام، کنگھه ۽ هڏن جي سور جهڙيون بيماريون عام ٿين ٿيون، جن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ جسم جي مدافعتي نظام جو مضبوط هجڻ ضروري آهي. اڄ توهان کي ڪجهه اهڙين خوراڪن بابت ڄاڻ ڏيندس، جن جي استعمال سان توهان پنهنجو مدافعتي نظام مضبوط ڪري سگهو ٿا. انهن کاڌن جي ڪري توهان کي سياري جي موسم ۾ بهترين جسماني طاقت ملندي.
آنا يا بيدا: ماهرن جو چوڻ آهي ته آنا صحتمند چرٻي سان ڀرپور هوندا آهن ۽ اهي جسم جي ٽشوز جي بحالي ۾ مددگار ٿين ٿا. بالغ ماڻهو عام طور تي روزانو 2 آنا کائي ته ان جي جسماني توڙي دماغي صلاحيت بهتر ٿيندي ۽ وڌندي. آنا مڪمل خوراڪ آهن، جيڪي پروٽين سان ڀرپور آهن، انهن جي استعمال سان توهان جو پيٽ ڀريل محسوس ٿيندو آهي ۽ واڌو ڪيلوريز کي گھٽائڻ ۾ به مدد ملندي آهي.
ديسي گيهه: ديسي گيهه کي صحت لاءِ فائديمند سمجھيو ويندو آهي ۽ سياري ۾ ان جو استعمال توهان جي جسم کي گرمائش فراهم ڪري ٿو. ان کانسواءِ ديسي گيهه توهان جي جسم کي نقصان نٿو ڏئي ۽ اهو سولائيءَ سان هضم ٿي ويندو آهي، ديسي گيهه جي استعمال سان هڏا مضبوط ٿيندا آهن ۽ جسماني طاقت ملندي آهي.
ڪتل ۽ ڳُڙ: هڏن جي مرض ۾ مبتلا ماڻهو، جسماني ڪمزوري جي ڪري پريشان توڙي دماغي طاقت وڌائڻ جا شوقين ماڻهو جيڪڏهن ڪتل نٿا استعمال ڪن ته انهن جا مسئلا حَل ٿيڻ ڏکيا آهن. اهڙي مقصدن لاءِ ڪتل جو استعمال بهترين آهي، ڇو ته ڪتل وٽامنز، منرلز ۽ فائبر جو خزانو آهي. ان سان گڏ قدرتي مٺاڻ ڳڙُ به سياري جي موسم ۾ تمام بهترين ثابت ٿيندو، جيڪو ڳڙُ ڦڦڙن کي صاف ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ٿڌ کان محفوظ رکي ٿو. ڳڙ ۽ ڪتل جي استعمال سان بي انتها جسماني طاقت ماڻي سگهجي ٿي.
آنوُرا: آنوُرَن کي ميوي ۽ سياري جي سوغات ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ وٽامن سي ججهي مقدار ۾ موجود هجي ٿو، جيڪا مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائي انفيڪشن سان وڙهڻ ۾ مددگار هوندي آهي، آنوُرن جو استعمال به جسماني ۽ ذهني طاقت وڌائڻ لاءِ بهترين ثابت ٿيندو آهي.
خشڪ ميوا: جيڪڏهن توهان پنهنجي مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ چاهيو ٿا ته خشڪ ميوا استعمال ڪرڻ بهترين آهي. اهي نه رڳو ذائقيدار هوندا آهن، پر جسم کي طاقت، ضروري پروٽين ۽ فائبر مهيا ڪن ٿا. هر خشڪ ميوي جا پنهنجا ۽ الڳ الڳ فائدا آهن، پر جيڪڏهن روز جي بنياد تي ٿوري ٿوري مقدار ۾ به خشڪ ميون جو استعمال ڪجي ته نظر جي ڪمزوري، جسماني ۽ دماغي مسئلن توڙي ٻين صحت جي مسئلن کان بچي سگهجي ٿو.