زهران ڪوامي ممداني، اڄ دنيا جي ترقي پسند سياست جو هڪ نئون ۽ اميد ڀريو نالو آهي. هڪ اهڙو نالو جيڪو آفريقا جي مٽيءَ مان نڪتل آهي، پر جنهن جا نقش نيويارڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هو نه صرف سياستدان آهي، پر هڪ شاعر، سوشل ايڪٽيوسٽ، فڪر رکندڙ ۽ عوامي خدمتگار به آهي، جنهن جو مقصد سماج کي وڌيڪ منصفاڻو، محفوظ ۽ برابريءَ وارو بڻائڻ آهي. زهران 18 آگسٽ 1991ع تي يوگنڊا جي گادي واري شھر ڪمپالا ۾ ڄائو. سندس والد پروفيسر محمود ممداني هڪ عالمي شهرت يافته مفڪر ۽ محقق آهي، جنھن نو آبادياتي تاريخ ۽ سامراج تي بيشمار ڪتاب لکيا آهن. والده ميرا نائر ڀارت جي مشهور فلم ساز آهي، جنھن سلام ممبئي ۽ مون سون ويڊنگ جهڙيون شاهڪار فلمون ٺاهي، دنيا ۾ سماجي حقيقتن کي پردي تي آندو. اهڙي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ زهران وٽ علم، فن ۽ سماجي شعور کيس ورثي طور حاصل ٿيو.
1998ع ۾ سندس خاندان نيويارڪ منتقل ٿيو، جتي زهران هڪ نئين سماج ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڳولهڻ لڳو. هو اسڪول جي ڏينهن ۾ ئي نسل پرستي ۽ سماجي ناانصافين جي خلاف آواز بڻيو. برانڪس هاءِ اسڪول آف سائنس ۾ پڙهندي به هو شاگرد يونينن ۾ فعال رهيو. بعد ۾ هن باؤڊوئن ڪاليج مان آفريقا اسٽڊيز ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ اتي ئي هن کي پهريون ڀيرو سماجي تحريڪن سان عملي واسطو پيو. ان دوران زهران مارڪسزم، سماجي انصاف ۽ مزدورن جي جدوجهد بابت اڀياس ڪيو. هن لاءِ سياست طاقت حاصل ڪرڻ جو وسيلو نه، پر خدمت ۽ تبديلي آڻڻ جو ذريعو بڻجي وئي. زهران جي زندگيءَ جو هڪ دلچسپ رخ سندس موسيقي آهي. هو ريپر جي حيثيت سان “مسٽر ڪارڊموم” جي نالي سان مشهور ٿيو. هن جي موسيقي صرف تفريح لاءِ نه، پر هڪ تحريڪ هئي، جنهن ۾ نسل پرستي، غربت ۽ اميگريشن جي تڪليفن جو اظهار ملي ٿو. هن جي گيتن ۾ اهڙا جملا آهن جيڪي سماج جي اڻبرابريءَ تي ضرب لڳائين ٿا، جيئن:
“مان انهن لاءِ ڳايان ٿو، جن کي ڪو ٻڌندو ئي ناهي.”
فن ذريعي هن هزارين نوجوانن تائين اهو پيغام پهچايو ته سياست ۽ فن گڏجي به تبديلي آڻي سگهن ٿا. تعليم کانپوءِ زهران ڪيترن سالن تائين هائوسنگ ڪائونسلر طور ڪم ڪندو رهيو. هن ڏٺو ته ڪيئن آمريڪا ۾ هزارين ماڻهو ڪرائي جي وڌندڙ قيمتن سبب بي گهر ٿي رهيا آهن. هن ماڻهن کي قانوني ۽ سماجي مدد فراهم ڪئي ۽ بعد ۾ “رھائشي انصاف” کي پنهنجي سياسي جدوجهد جو مرڪز بڻايو. 2018ع ۾ زهران ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽس آف آمريڪا (DSA) ۾ شامل ٿيو، جتي هو برني سينڊرز ۽ اليگزينڊريا اوڪاسيو- ڪارٽيز جهڙن اڳواڻن سان گڏ ترقي پسند تحريڪ جو حصو بڻيو.
2020ع ۾ هن نيويارڪ اسٽيٽ اسيمبليءَ جي 36 ضلعن مان چونڊ وڙهي ۽ 56 سيڪڙو ووٽن سان ڪامياب ٿيو. اها فتح هڪ نئين دور جي شروعات هئي، جتي عام ماڻهن جو نمائندو قانون سازيءَ ۾ داخل ٿيو. اسيمبليءَ ۾ زهران ڪيترائي اهم بل پيش ڪيا، جن مان “گڊ ڪاز اي وڪشن بل” خاص طور تي مشھور ٿيو. هن قانون ذريعي ڪرائي وارن کي بي دخليءَ کان تحفظ فراهم ڪيو. ان سان گڏوگڏ، هو ماحولياتي تحفظ، پوليس سڌارن ۽ فلسطين جي حمايت ۾ به کلي ڳالهائيندو رهيو آهي .زهران جو سياسي فلسفو سادو، پر مضبوط آهي، سندس مشھور جملو اھو آھي ته: “جيڪڏهن حڪومت ماڻهن جي مدد نٿي ڪري ته اها حڪومت ماڻهن لاءِ ناهي.”
2024ع ۾ زهران نيويارڪ سٽي جي ميئرشپ لاءِ ميدان ۾ آيو. هن جي مهم ۾ نوجوانن، لاطيني، ايشيائي ۽ آفريقي آمريڪي برادرين جي زبردست حمايت ڏٺي وئي. زهران پنهنجي اخلاص، ايمانداري ۽ جدت سان عوام جون دليون کٽي ورتيون. آخرڪار، 4 نومبر 2025ع تي، زهران ممداني 62 سيڪڙو ووٽن سان نيويارڪ جو ميئر چونڊجي ويو. هڪ 34 ورهين جو، يوگنڊا ۾ ڄاول، ڀارتي نزاد مسلمان نوجوان آمريڪي تاريخ جو نئون صفحو لکيو. زهران جي قيادت ۾ اميد آهي ته نيويارڪ هڪ اهڙو شهر بڻجندو جتي رهائش هر انسان جو بنيادي حق هوندو، جتي پوليس عوام جي خدمت ڪندي، جتي ماحولياتي انصاف سياست جو حصو هوندو ۽ جتي تعليم ۽ فن هر ٻار تائين پهچندو. زهران جي ڪاميابي دنيا جي هر ڪنڊ ۾ انهن نوجوانن لاءِ الهام بڻجي وئي آهي، جيڪي سماج ۾ تبديلي آڻڻ چاهين ٿا. هو اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته اصلي طاقت قوم، مذهب يا نسل ۾ نه، پر عزم ۽ ايمانداري ۾ آهي. زهران ممداني، نئين نسل جو اهڙو ليڊر آهي، جيڪو ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو ۽ عمل ڪري ٿو ۽ شايد اها ئي سچي سياستدان جي سڀ کان وڏي وصف آهي.