خاص

فارن فنڊنگ ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي: عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ جو سڀ کان وڏو دشمن هو، جنهن ڪري پرڏيهي فنڊنگ واري ڪيس جي فيصلي ۾ دير ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي کليل عدالت ۾ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن خوف هجي ها ته ان ڪيس جي کليل عدالت ۾ ٻڌڻي جو نه چوان ها، پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته اڳوڻو چيف اليڪشن ڪمشنر مخالف ڌر جو مقرر ڪيل هو ۽ هو پي ٽي آءِ جو سڀ کان وڏو دشمن هو، هو پي ٽي آءِ جي خلاف گيم کيڏي رهيو هو، ان ڪري ڪيس ۾ دير ٿي، پي ٽي آءِ خلاف فارن فنڊنگ ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي، براڊ شيٽ واري مامري سان اسان جو ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي، پرويز مشرف اين آر او ڏنو، براڊ شيٽ معاملي تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪو فيصلو ڪندي ته ان ڪيس کي ڪيئن حل ڪرڻو آهي. ٻئي طرف وزير اعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت تي زور ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ان حوالي سان عدالتي فيصلي جو احترام ڪندي. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان سينيٽر سجاد خان طوري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي معاملن وارو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به شريڪ هو. ملاقات ۾ سينٽ چونڊن جي حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽر سجاد خان طوري وزير اعظم کي پارٽي جي وڏي ايوان مان رٽائرڊ ٿيندڙ سينيٽرز جي قانون سازي ۾ مثبت ۽ موثر ڪردار کان آگاهه ڪيو. عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت تي زور ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت عدالتي فيصلي جو احترام ڪندي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ماضي ۾ ٿيل هارس ٽريڊنگ جي تاريخ شاهد آهي، چاهيون ٿا ته ايوان جا قانون ساز شفاف طريقي سان چونڊجي اچن. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوامي نمائندن کي پنهنجي تڪن جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ قانون ساز اسيمبلين ۾ آواز اٿاري مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن جمعي ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر لياقت ترڪئي، ايم اين اي عثمان خان ترڪئي، صوبائي وزير شهرام ترڪئي، ايم پي اي محمد علي ترڪئي ۽ خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. ان موقعي تي صوابي ۾ جاري ميگا پراجيڪٽس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کانسواءِ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي تڪ جي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام کي رليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوامي نمائندن کي پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ قانون ساز اسيمبلين ۾ آواز اٿاري مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.