فن، تاريخ ۽ تحقيق جو مختصر جائزو : عابد مهيسر
تاريخ جو تعلق انسان ۽ انساني قدرن سان آھي، تاريخ وسري ويل وقت ۽ گذري ويل زماني جي حالتن ۽ واقعن جي قلمبند ذخيري کي چيو وڃي ٿو ۽ تاريخ پراڻي وقت ۾ گذاريل زندگي جي سمورن رخن ۽ پهلوئن کي اجاگر ڪندڙ به آھي. ڇو ته تاريخ جو آغاز به انسان جي اچڻ سان ئي ٿيو ۽ پڄاڻي به انسان جي واپسي تي ٿيندي، ان ڪري تاريخ جو ازل کان ابد تائين انسان سان ئي سٻنڌ رھندو. بظاھر تاريخ کي ماضيءَ جي ڪٿا چئجي ٿو، پر ماضي ڪنهن جو؟ يعني انسان جو، ڇو ته باقي سڀ ڪجھ به انسان جي ڪري ئي خلقيو ويو ۽ انسان کي اشرف المخلوقات جو اعزاز ارپيو ويو، ان ڪري انسان جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي افاديت ۽ اھميت حاصل آھي ان ڪري انسان ۽ ساڻس تعلق رکندڙ ھر اسم کي به ساڻس گڏ يا سندس لاءِ ئي سمجھيو ۽ محسوس ڪيو پئي ويندو رھيو آھي ان ڪري ان جو ذڪر به سندس ذڪر سان گڏ ڪيو ويندو رھيو آھي سو ان جي قلمبندي به انسان سان ئي پوري لوزامات سميت ڪئي ويندي رھي آھي. اهڙيءَ طرح انسان ۽ سندس زندگيءَ سان تعلق رکندڙ ھر شعبي کي به تاريخ جو حصو سڏي سگھجي ٿو ۽ تاريخ جي تصديق ۽ تحفظ جو انحصار معياري تحقيق تي آھي.
تاريڪي، اونداهيءَ ۾ دفن يا گم ٿيل ۽ اڻ ڏسجندڙ عڪس ۽ اولڙي کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪرڻ، ظاهر ۽ پڌرو ڪرڻ کي تاريخ چئجي ٿو ۽ وري ان عڪس ۽ اولڙي کي وڌيڪ ڇنڊي ڇاڻي، ڳولهي ڦولهي، چٽو ۽ خاطريءَ سان واضح ڪري، سڃاڻپ ڏيڻ کي تحقيق چئجي ٿو.
تاريخ جي لفظ جو مفهوم آھي، ”گذري ويل وقت جي حالات واقعات جو احوال آھي“ تاريخ لفظ تاريڪ مان نڪتل ٿو معلوم ٿئي ۽ تاريڪ معنيٰ اونداهو، پر ڪنهن حد تائين جي ڏٺو وڃي ته گذري ويل وقت جو احوال اونداهو ۽ متشڪي ئي محسوس ٿيندو آھي پوءِ ڀلي سچو ۽ جيئن جو تيئن، حقي واجبي سامهون اچي، پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪجھ قدر تحقيق طلب پيو محسوس ٿيندو آھي. ان جو سبب انسانن جون ذھني ۽ جسماني مصروفيتن جو هجڻ آھي يعني انساني سوچ ويچار يا خيال ۽ نظريا، آدرش ۽ خواهشون، وقت جي حساب سان بدلجنديون، ڦرنديون ۽ تبديل ٿينديون رهنديون آھن، جنهن سبب اکين سامهون بدلجندڙ حالتون ۽ جنم وٺندڙ واقعات، حادثات ۽ ان جا سبب معلوم هوندي به ذھنن تان اک ڇنڀ ۾ ميسارجي ويندا آھن يا بعض اوقات ته سڀ ڪجھ ڏسندي به نه ڏسجندي ڀاسنديون آھن. ذھن تي ان جا عڪس نه عڪسجي سگھجندا آھن، پر ڪڏهن ڪڏهن وري ذھن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پراڻي راک جيان اُهي عڪس، عڪسجي رهجي ويندا آھن، پر وقت اچڻ تي بيان نه ڪري سگھبا آھن ۽ ايئن به لڳندو آھي ته ”فلاڻو واقعو يا حادثو منهنجي سامهون ئي ٿيو هو، پر چٽيءَ طرح ياد ناهي“، يعني وسري ويندو آھي، پر جي ڪجھ ياد به هوندو ته به مشڪوڪ پيو ڀاسجندو آھي ۽ ان طرح ذھنن ۾ اهي اکين اڳيان ٿيندڙ واقعات ۽ حادثات، تاريڪ يعني اونداها يا اڻ ڏسجندڙ بڻجي رهجي ويندا آھن.
هونئن به عام طرح ترڪ، تارڪ، تاريڪ، لفظ به تاريخ لفظ جي مفهوم سان ملندڙ جلندڙ مفهوم رکن ٿا ۽ ترڪ مطلب ڇڏيل يا رد ڪيل ۽ ان طرح تارڪ به معنيٰ ڇڏيل يا رد ڪيل آھي. جي گذريل وقت يعني ماضيءَ جو سمورو احوال لکت ۾ ملندو ته ان کي اسان عام زبان ۾ تاريخ ئي چونداسين ۽ جنهن جي صداقت تي به ڪئين انديشا ۽ گمان هوندا ۽ ڪيترائي وهم وسوسا ذھنن ۾ جنم وٺندا رھندا آھن، جنهن کي بعد ۾ تحقيق يعني کوجنا ڪري ڇنڊي ڇاڻي صاف ڪري پڌرو ڪيو ويندو آھي. ان مان اهو ڀليءَ ڀت ظاهر ٿو ٿئي ته تاريخ لفظ جو اٽوٽ تعلق تَرڪَ لفظ سان آھي. اسان زماني جي ڪارگذارين ۾ مصروف ٿي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن يا سانحن ۽ حادثن کي نظر انداز ڪري وساري ويهندا آھيون ۽ ان طرح ترڪيت ۽ تاريڪيت مان تاريخ جڙندي جڙندي جنم وٺي ويندي آھي. وقت، حالتون ۽ واقعا تاريخ جا پير ۽ پسمنظر يا ماحول جو روپ ڌاري تاريخ جي پيدائش جو سبب بڻجندا آھن. ان طرح پراڻي وقت جو حال وٺڻ لاءِ واقعن جا پيرا کڻي وڃي ڳولهي لهبو آھي.
”تارِيخَ، ث، [ع. اَرَخَ (= ڏينهن لکڻ) < تاريخ] مهيني جو هڪ ڏينهن، ڏينهن، روز، مقرر ڪيل ڏينهن، تٿ، خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت، روزانو لکيل احوال، ماضيءَ جي واقعات جي ياداشت، ماضيءَ جي واقعات جي ياداشت بابت لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، ”تاريخ طَبَري“، واقعات جي ياداشت جو علم، علم التاريخ، بادشاهن ۽ واقعن جو تذڪرو.“ (جامع سنڌي لغات، تحقيق ۽ ترتيب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ).
عام طور تاريخ، ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سال جي حساب ۾ هلندي آھي جيئن عام طور پڇبو آھي ته ”اڄ تاريخ ڪهڙي آھي؟“، جنهن جي جواب ۾ ٻڌايو ويندو آھي ته ”اڄ تاريخ 27، ڏينهن جمعو ۽ مهينو مارچ آھي، جي سال پڇبو ته جواب ملندو ته سال 2021ع آھي ان ريت تاريخ وقت جو به تعين ڪندي آھي. هڪ دور يا زماني جو تعين ڪري ٿي ۽ ان طرح ”سن“ يا ”عھد“ جي عڪاسي به ڪري ٿي. جيئن ”ق. م سن“ (قبل مسيح) يعني حضرت عيسيٰ مسيح کان اڳ جو دور ۽ زمانو، وري ”ع“ (عيسوي) مطلب حضرت عيسيٰ جي دنيا تي نبي بڻجي اچڻ واري عھد کانپوءِ شروع ٿيل آھي. تنهن بعد وري سن نبوي سن يعني نبي آخر زمان حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن نبوت ملڻ کانپوءِ مسلمانن سن نبوي ڳڻڻ شروع ڪيو، اهو ايستائين ڳڻپ ۾ رهيو، جيستائين ھجري سن جو آغاز ٿيو. (1) وري تنهن بعد ھجري سن، ”ھجري سن“ يعني نبي آخر زمان حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جو مڪي کان مديني ھجرت (8 ربيع الاول سومر بمطابق 20 سيپٽمبر 622ع) ڪرڻ واري وقت شروع ٿيل سن آھي، (2) ان کانپوءِ وري سنڌي سن، جيڪو سنڌ جي حاڪم ”راءِ سهارس جي موت سان يعني 4 ھ /626ع کان شروع ٿيو. (3) اھڙيءَ ريت قديم زماني ۾ مختلف حوالن سان سن ۽ تاريخ سان بطور وقت ۽ عھد تعين مقرر ڪيا ويا، جيئن وري ان کان اڳ قديم زماني ۾ ھندن جا پنج مکيه سن،
1 . ھرشا سنبت مٿرا ۽ قنوچ ۾
2 . وڪرمي سنبت ڏاکڻي ۽ الهندي واري علائقي ۾
3 . ساڪا سنبت اتر ھندستان ۽ ڪشمير سميت سمورن علائقن ۾
4 . ولڀي سنبت فقط گجرات تائين محدود
5 . گپتا سنبت گجرات ۽ ڪن ٻين علائقن ۾. (4)
ان طرح تاريخ هڪ سن ۽ زماني ڏانهن به ڌيان جو سبب بڻجي ٿي وئي ۽ مختلف علائقن ۾ مختلف سن رائج ٿيندا رهيا ۽ هڪ دور جو تعين ۽ سڃاڻپ پئي ٿيندي رهي. وري عام طرح اسان جي سماج ۾ لفظ تاريخ مزدوري تي ڏهاڙي يعني هڪ ڏينهن جي ڪم لاءِ ڪو مزدور پورهيت مقرر ڪبو آھي جيڪو هڪ ڏهاڙي ۽ تاريخ مزدوريءَ تحت ڪٿي مزدوري ڪندو آھي ته شام جو مزدوري گھرڻ مهل اهوئي چوندو ته ”تاريخ“ يعني مزدوريءَ جا پئسا ڏيو يا وري مسئلن، مسائلن ۽ تڪراري نوعيت جي معاملن تحت ڌرين جو ڪورٽن ۽ عدالتن ۾ وڃڻ ٿيندو آھي تڏهن به پيشي ۽ حاضريءَ واري مقرر ڏينهن بابت به پڇا ”تاريخ“ جي لفظ تحت ڪئي ويندي آھي. ان طرح پَلَ، لَمحا، مِنٽ، ڪلاڪ، پَهر، ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سال ورهيه گذري حالات ۽ واقعات جي پسمنظر سميت تاريخ بڻجي ويندا آھن، جنهن کي اڳتي هلي اسان ماضي يعني گذري ويل وقت جا ”قصا“ ۽ ”ڪٿائون“ يا ”تاريخي احوال“ چوندا آھيون ۽ تاريخ جي پُختگي ۽ اِدراڪ تحقيق تي آھي. جنهن جو مطلب ته وڌيڪ جاچي جونچي، ڇنڊي ڇاڻي ۽ ڳولا ڦولا ڪري، سچائيءَ کي پڌرو ڪرڻ، يعني تحقيق سان ئي حقيقتون وڌيڪ چٽيون ۽ ظاهر ڪري سگھبيون آھن. جنهن کانپوءِ مذڪوره تاريخي احوال جي تصديق يا ترديد ڪري سگھبي ته اها تاريخ صحيح آھي يا غلط! يعني تاريخ جو بنياد تحقيق تي آھي ۽ تحقيق جي توسط سان ئي تصديق يافته تاريخ مرتب ڪري سگھبي آھي ۽ اڪثر مورخ تحقيق جي روشنيءَ ۾ تاريخ مرتب ڪندا آھن ۽ تحقيق جي روشني ۾ ئي لکيل تاريخ کي ڪنهن حد تائين سند يافته تاريخ چئي سگھجي ٿو.
تحقيق جي لفظي معنيٰ آھي جاچي، ڳولهي حقيقت کي ظاهر ڪرڻ، مطلب ته حقيقت يا سچائي جيڪا تصديق ٿيل هجي ۽ تصديق مطلب صداقت ڀريو سچ يا ٻين لفظن ۾ هڪ سچ جي ٻيهر پرک ڪري، ثابت ڪرڻ. ان طرح جاچ جوچ مان اخذ ڪيل نتيجا تصديق يافته يا صداقت ڀريا ظاهر ٿيندا ۽ حقيقتون پڌريون ٿينديون ۽ سچائي صاف اڇي اجري بڻجي منظر عام تي ايندي.
تحقيق، تَحقِيقَ جمع تَحِيقُون ث. [ع. حَقَ < حَقَقَ، تَحقيق = خاطري ڪرڻ، ثابت ڪرڻ، سرڪاري طور جاچ ڪرڻ] اصليت معلوم ڪرڻ جي حالت (ڪنهن واقعي يا شيءِ جي). دريافت، جاچ، ڳولا، يقين، پَڪ ڪرڻ اصل واقعات متعلق ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، ثبوت هٿ ڪرڻ، (جامع سنڌي لغات، تحرير و تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ).
تحقيق لفظ حق حقيقت مان نڪتل آھي جنهن جي معنيٰ آھي حق ۽ سچ سان تعلق يا ربط. يعني جيڪا اصليت آھي يا جيڪي حقيقتون آھن پوءِ ڪنهن به مسئلي جي ڳالھ ھجي يا گذري ويل زماني جي هجي، جڏهن ته عام طور تي تحقيق يا تحقيقات ڇنڊ ڇاڻ ۽ کوجنا يا جاچ جوچ ڪري، ڳولا ڦولا ڪري اصليت يا اصل حقيقت کي ثابت ڪرڻ کي چيو ويندو آھي ته (ح)- حقيق، تهه معنيٰ ترو يا هڪ سطح جي مٿان ڪجھ فُٽن جي ڀرائي تي وري ٻي سطح، ان طرح سان وري ڪجھ فُٽن جي ڀرائيءَ مٿان ٽي سطح يا وري ورق در ورق، ورق معنيٰ ڪاغذ/پَنو ۽ عام طور تي ٻھراڙين ۾ زمين جي تهن کي به ورق چيو ويندو آھي. تھ- در تھ يا تھ مٿان تھ ۽ حقيق معنيٰ حقيقت، سچ يا سچي ڳالھ ۽ سچو احوال، ان جو مفهوم آھي ته وڌيڪ کوٽي کاڻي، ڇنڊي ڇاڻي سچائيءَ کي يا حال حقيقت کي صاف ظاهر ثابت ڪرڻ. سچ کي ثابت ڪرڻ لاءِ کوجنائون ڪرڻيون پونديون آھن ته جفاڪشيون به ڪرڻيون پونديون آھن، ڪڏهن سچ کي ڳولڻ لاءِ زمين جي تمام اونهي کوٽائي ڪرڻي پوندي آھي ۽ کوٽائيءَ مان مليل مواد کي پرکي پروڙي ڪي نتيجا اخذ ڪري گھربل معلومات حاصل ڪري سچ ظاهر ڪبو آھي يا وري نسل در نسل دفن ٿيل روايتون گھربل فردن کان پڇي ڪري انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچي سچ جي ثابتي ڏبي آھي. تڏهن وڃي سچائي ثابت ٿي سامهون ايندي آھي ۽ تحقيق هر مسئلي ۽ هر معاملي سان لاڳاپيل هوندي آھي. پوليس ڏوهارين جي حوالي سان تحقيق ڪندي آھي، پر ان لاءِ وري پوليس اهلڪار لفظ انويسٽيگيشن (Investigation) ڪتب آڻيندا آھن ليڪن معاملو سڄو تحقيقات جي زِمَري ۾ اچي ٿو ۽ وڪيل وري عدالتن ۾ اڃان به وڌيڪ جاکوڙ ڪري سچ کي دليلن ۽ حوالن جي روشنيءَ ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ هڪ مورخ ۽ محقق گذري ويل وقت جي وارتا کي پڌرو ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪندو آھي ۽ ان طرح ھر معاملي ۽ هر مسئلي جي تحقيق ڪرڻ جو طريقو ۽ انداز الڳ هوندو آھي، پر مقصد ساڳيو هوندو آھي، يعني حقيقت کي صاف ظاهر ۽ ثابت ڪرڻ.
پراڻن احوالن، واقعن ۽ تذڪرن کي جڏهن مورخ مرتب ڪندو آھي يا سهيڙيندو آھي ته هو به ان تي محقق بڻجي وڏي جفاڪشي ۽ جاکوڙ ڪندو آھي ۽ پراڻن زخيم ڪتابن يا ماخذن جي ورق گرداني ۽ عرق ريزيءَ کانپوءِ وري وڌيڪ تسليءَ لاءِ انهن معاملن سان لاڳاپيل علائقن ۾ جاءِ وقوع تي به کيس وڃڻو به پوندو آھي ۽ سر زمين کي گھرائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان ڏسي مشاھدا ماڻي ۽ علائقي واسين سان ملي رهاڻيون، ڪچھريون ڪري کانئن حال احوال وٺي، نسل در نسل هلندڙ صدري روايتون پڇي رقم ڪري پوءِ ان تي غور ويچار ڪري ڪو مستند نتيجو اخذ ڪندو آھي، پر مورخ ۽ محقق لاءِ اهو به نهايت ئي ضروري آھي ته ڪنهن به موضوع تي تحقيق ڪرڻ مهل پنهنجي پسند ناپسند کي هڪ پاسي رکي هڪ امين ۽ جج وانگر غير جانبدار بڻجي، معلومات يا مواد کي ڇنڊي ڇاڻي، پرکي پروڙي، معياري ۽ حقيقي نتيجو ڪڍي. ان کي مطلوبه اهميت ۽ افاديت سان قلمبند ڪري يا اظھار ڪري. اڄڪلھ گھڻي ڀاڱي مورخ ۽ محقق سهيڙ ۽ تحقيق کان اڳ ۾ ئي پنهنجي پسند جي راءِ ۽ نظريو مقرر ڪري پوءِ ان جي ڄاڻي ٻجھي سطحي تحقيق ڪندي اڳ اخذ ڪيل نتيجي يا راءِ ۽ نظريي تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهندا آھن جيڪو تاريخ ۽ تحقيق سان دوکو ھوندو آھي. جيئن محترم حافظ عبدالستار ڪوريجو پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جون رياستون ۽ شھر“ (روپاھي ڪوريجا پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ڇاپو پهريون 2011ع) ۾ پنهنجي پسند مقرر مفروضي تحت لکت ڪندي گھڻو تڻو پنهنجي ذات ۽ برادري ڪوريجا جي تعريف ۽ ذڪر ڪيو آھي ۽ سنڌ جي تقريبن سمورن قديم ۽ تاريخي ماڳن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪوريجا ذات سان ڳنڍيو آھي ۽ مذڪوره پورو ڪتاب ان جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. ايتري قدر جو ڪوٽڏيجي، رني ڪوٽ ۽ ڪراچيءَ جو احوال پنهنجي من پسند مفروضن تحت لکندي پوري سنڌ جي قيام ۽ آباد ٿيڻ ۽ موجود رھڻ تائين پنهنجي ذات ۽ برادريءَ جي ڪوريجا سان منسلڪ ڪيو اٿس ۽ ان طرح مذڪوره ڪتاب سنڌ جي رياستن ۽ شھرن بجاءِ پنهنجي ذات ۽ برادري معزز ”ڪوريجا جي تاريخ“ ٿو محسوس ٿئي. جيڪو تاريخ ۽ تحقيق سان خطرناڪ حد تائين دوکو ۽ ويساھ گھاتي ڪيل آھي. جڏھن ته سنڌ جي چند جيد ۽ مڃيل محققن جي ڪيل تحقيق جو جڏھن اڀياس ۽ مطالعو ڪبو ته پوري حقيقت پڌري نظر ايندي.
تاريخ ۽ تحقيق جي عمل دوران غير جانبداري ئي تاريخ ۽ تحقيق جي مستند ھئڻ جي ضمانت آھي. جيئن سنڌ جي مڃيل جاکوڙي محقق محترم اشتياق انصاري جي تحقيقي تصنيف سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2015ع) ۾ مفروضي نظرين کي سائنسي انداز ۾ مڪمل طور رد ڪري ٿو ۽ سنڌ جي قديم ۽ تاريخي ماڳن بابت حقيقي حقيقتن کي پڌرو ڪري ٿي.
تاريخ کي مختلف علمي ماهرن سائنسي علم ۽ ادبي علم ڪوٺيو آھي، ان ڏِس ۾ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو، مختلف تاريخ جي علم جي ماهرن جي ”تاريخ“ بابت قائم ڪيل نظرين جو جائزو وٺندي لکي ٿو ته:
”تاريخ جنهن کي اسين رڳو ماضي جي حڪمرانن جي ڪارڪردگيءَ جو قصو سمجھون ٿا سو ته رڳو تاريخ جو اڻپورو پھلو آھي. تاريخ جي ٻين علمن، معاشيات، سياست، ادب ۽ ثقافت، ملڪي لاڳاپن، واپار ۽ وڻجار سان پڻ گھرو تعلق آھي. تاريخ کي انهن کان ڪڏهن به الڳ ڪري نٿو سگھجي، انهن رُخن جي تحقيق، ترتيب ۽ تدوين به نهايت ئي سنجيدگيءَ سان پوري ڪرڻ جڳائي. تاريخ ڪا اهي سڀئي پھلو جڏهن پاڻ ڀرا ٿي ويندا تڏهن ڪنهن حد تائين تاريخ کي تاريخ سڏي سگھبو ۽ ڪي درست نتيجا حاصل ڪري سگھبا.“ (5)
مطلب ته تاريخ جو تعلق زندگيءَ سان گڏوگڏ زندگيءَ جي هر شعبي سان آھي ۽ مختلف رخن ۾ تاريخ جو سفر به هلندو رهي ٿو. انساني سوچ ۽ فڪر جي مختلف پهلوئن جي پسمنظر ۾ ثقافت ۽ تھذيب جي اڀياس جي عڪاس پڻ آھي. سماجي، سياسي ۽ معاشي معاشرتي متڀيد ۽ لاهن چاڙھن کي به قلمبند ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح تاريخ هڪ علم جو روپ وٺي ٿي، پر وقت جي حساب سان جدت يا سانئسي طريقي ۽ انداز سان مذڪوره احوال يا تذڪرو سهيڙجي.
محترم مشڪور ڦلڪارو جي چواڻيءَ ۾ تاريخ سمورن علمن جي ماءُ يا موجد آھي يعني تاريخ ئي ٻين علمن کي جنم ڏنو آھي، پر جي غور ڪجي ته تاريخ جي وڏي اهميت ۽ افاديت آھي جنهن ۾ قومن جي تهذيب ۽ تمدن سميت زندگيءَ جي هر رُخ جو احوال ملي ٿو جنهن کي مذڪوره قومن ۾ ھڪ اهم ۽ قيمتي دستايز جي حيثيت حاصل آھي.
”تاريخ کي امُ العُلومُ يعني علمن جي ماءُ چيو ويو آھي. تاريخ انسان جي ارتقا جي پنڌ جي حساب ڪتاب جو ھڪ اھم دستاويز آھي جنهن کي ھر دور ۾ ھڪ اعتبار جوڳي سَندَ جي حيثيت حاصل رهي آھي.“ (6)
درحقيقت تاريخ اسان جي گذاريل وقت جي ليکي چوکي جو حاصل ڪيل احوال آھي جنهن ۾ اسان جون ڪار گذاريون ۽ يا ڪرت ڪاريون، جيئن جو تيئن قلمبند ڪيل آھن ۽ ان ماضيءَ جي احوال يا تذڪري کي ڪڏهن ڪنهن کي فخر ته ڪڏهن پشيماني محسوس ٿيندي آھي، اها ھڪ الڳ ڳالھ آھي، پر تاريخ جي پنهنجي ھڪ الڳ حثيت ۽ افاديت آھي. محترم مشڪورو ڦلڪارو تاريخ جي قدر ۽ قيمت بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”تاريخ ھڪ اھڙو آئينو آھي، جنهن ۾ قومون پنهنجي شڪل صورت ڏسي پنهنجي ارتقا جي سگھ کي محسوس ڪري اتساھ وٺنديون آھن.“ (7)
مطلب تاريخ قومن جي سفر کي جٽادار ۽ سوڀارو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ارتقائيت کي بقائيت جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ھڪ سگھارو دڳ مهيا ڪري ٿي ۽ وڌ کان وڌ اوج عروج تي پھچائڻ ۾ سهارو بڻجي ٿي ۽ اڳئين نسلن کي ترقي يافته ۽ مھذب پڻي تائين پهچڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ اتساهه ارپي ٿي ته جيئن قومون پنهنجي آب و تاب سان تنزليءَ کان ڪونهين ڏور ترقيءَ جي منزل تي پهچن ۽ پنهنجو وجود رهندي دنيا تائين برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿين ۽ گڏوگڏ پوري دنيا لاءِ تجسس جو سبب پڻ بڻجن، تاريخ جي حوالي سان ڊاڪٽر ابراھيم خليل لکي ٿو ته:
”ڪنهن به واقعي جو وقت ڏيکارڻ کي تاريخ چئجي ٿو ۽ شاعرن جي اصطلاح ۾ تاريخ ان کي چون ٿا جو ڪو لفظ، فقرو، عبارت، مصرع يا بيت اھڙو تجويز ڪجي ان جي مڪتوي حرفن جي عددن سان جمل جي حساب رستي سن ۽ سال، ڪنهن واقعي جھڙوڪ: موت، ڄم، خوشي يا ڪنهن عمارت يا تصنيف جي ختم ڪرڻ جو نڪري اچي.“ (8)
مطلب ته شعر جي لکاوت ۾ به ڪنهن جو ڄم يا موت جي تاريخ، وقت ۽ ڏينهن به رقم ڪيا ويندا آھن. ان طرح به واقعن يا سانحن ۽ مصروفيتن کي قلمبند ڪري تاريخ مرتب ڪري سگھجي ٿي ۽ اڳ به ان طرح تاريخ مرتب ٿيندي رهي آھي. جنهن ڪري وقت جا مورخ واقعن يا سانحن کي جڏهن حوالي سان جاچين ۽ پرکين ٿا ته سگھڙن يا شاعرن سان به رابطو قائم ڪري کانئن مطلوبه واقعن جو احوال وٺندا رھيا آھن جيڪو سندن (سگھڙن ۽ ڏاھن جي) سينن ۾ محفوظ ھوندو آھي. جيڪو نسلن کان نسلن تائين نسل در نسل محفوظ سفر ڪندو رھندو آھي ۽ اھا وارتا به تاريخ جي ھڪ اھم ڪڙيءَ جي حيثيت رکي ٿي ۽ انهن روايتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن وڏي جاکوڙ به ڪرڻي پوندي آھي يعني تحقيق ڪئي ويندي آھي. در حقيقت محقق ئي تاريخ جو تعميرڪار ۽ محافظ ھوندو آھي ۽ محقق ئي پنهنجي قوم ۽ تھذيب جي حوالي سان اھم حيثيت رکي ٿو. مثال طور: نامور اديب پروفيسر احسان احمد بدوي جي شھات 1965ع مطابق 1385ھ ۾ ٿي ته ساجد سرشادي ھيئن ان سن کي شعر ۾ قلمبند ڪيو.
سدائين روڄ غم آ، رحلت، نقاد، لاثاني
1385 ھ 1385 ھ
شھيد سرخرو لئي ٿيو، آ وارد فضل رباني
1385 ھ 1385 ھ
خير خواھ، دوستان بدوي جو غم ڇا ٿا پڇو
1965ع
رحلت، پير، جوان، ناسور رسته آھ واءِ. (9)
1965ع
ان طرح شاعريءَ ذريعي تاريخ جو ھڪ احوال قلمبند ڪيو ويو ۽ اھڙيءَ طرح تاريخ جو ھڪ گمنام پهلو تحقيق جي توسط سان پڌرو ٿي سامهون اچي ٿو ۽ جي سنڌ جي اوائلي تاريخ تي نظر ڪجي ته گھڻي ڀاڱي ان طرح شعر و شاعريءَ ۾ به سنڌ بابت احوال ميسر ٿيو آھي. تحقيق بابت محترمه شبنم گل جو خيال آھي ته: ”تحقيق، ڪنهن به قوم جي ترقيءَ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي، تحقيق جو عمل ماضيءَ کي زنده رکڻ سان گڏ حال کي مقصد عطا ڪندي، مستقبل کي ھڪ نئين تخليقي سگھ عطا ڪري ٿي.“ (10)
عام طور اھو به چيو ويندو آھي ته حال جي مناسب ھلت ۽ مستقبل جي بهترين اڏاوت لاءِ ماضيءَ کي دل جي گھرائيءَ سان ياد رکڻ نهايت ضروري آھي. ان جو مطلب اسان کي شخصيتي تعمير کان وٺي زندگيءَ جي بهتريءَ ۽ ايندڙ وقت جي آسودگيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ محاسبو ڪرڻ ضروري آھي يعني پنهنجي ڪيل اوڻائين ۽ غلطين مان سکڻ گھرجي ۽ ان کان ڇوٽڪاري ۽ بچاءُ لاءِ وڏي سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي.
يعني ماضي ياد رکڻ سان حال ۽ مستقبل کي سڻائي ۽ ساڀيان ملندي ۽ ان سان قومون پنهنجي تھذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ڪندي پنهنجي پاڻ کي (قوم) ھميشه ھميشه لاءِ محفوظ پڻ بڻائي سگھنديون آھن ۽ آئنده لاءِ ماضيءَ کي سامهون رکي بهتر حڪمت عملي بڻائي سگھجي ٿي. ان سڄي احوال کي حقيقت جي ڪسوٽي تي پرکڻ ۽ جاچڻ لاءِ ۽ مشاھداتي نظر مان گذارڻ لاءِ وري جامع ۽ منصوبا بند تحقيق جي گھرج پڻ ھوندي آھي ۽ تحقيق مشڪل ۽ جاکوڙيت يا کاھوڙيت آميز عمل ھوندو آھي، پر ان جي انوسار مليل يا اخذ ڪيل نتيجا جامع، ڀرپور ۽ سند يافته ھوندا آھن ۽ تحقيق جي متحمل احوال کي ترتيب ڏيندڙ محقق ان جفا ڪشيءَ جي صرف متعلقه ڪرت سان ئي سرت سميت جڙيل ۽ ڳنڍيل ھوندو آھي. اھڙيءَ طرح ھو ان مصروفيت دوران باقي مسئلن معاملن کان لاتعلق بڻيل ھوندو آھي. محقق جي ۽ تحقيق جي حوالي سان سنڌ جو جفاڪش محقق اشتياق انصاري بٽلر فيلڊ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”جيئن ھڪ ماھر جاسوس جاچ ڪري ڪنهن به ڪيس جون لڪيل ڪنڊون ۽ مخفي راز فاش ڪندو آھي تيئن ھڪ محقق کي به تاريخ جي گمنام پوشيده ۽ پيچيده ڳالھين کي ڦلھوري عوام آڏو اصل حقيقتون پيش ڪرڻ گھرجن.“ (11)
دراصل تاريخ جي جسم ۾ تحقيق روح جيان آھي، جھڙيءَ طرح جسم روح کانسواءِ اڌورو آھي تھڙيءَ طرح تاريخ به تحقيق کانسواءِ اڌوري آھي تاريخ، عام طور تي روايتن، صدري روايتن ۽ ڳاھن جي بنياد لکي ويندي آھي، پر ان کي متشڪي به سمجھيو ويندو آھي. ڇو ته جڏھن ان تي تحقيق ڪبي آھي ته بعض اوقات ڪئين نوان پراسرار راز کلندا آھن ۽ پورو احوال يا تذڪرو بدلجي سامهون ايندو آھي ۽ اڳ مليل احوال خود بخود ڪوڙو بڻجي رد ٿي ويندو آھي تحقيق جي حوالي سان اھو به طئي آھي ته تحقيق جي تناظر ۾ پڌرو ٿيل ڪوبه نتيجو يا رايو آخري نتيجو يا رايو نه ھوندو آھي، پر ان جو مطلب اھو به ناھي ته ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ مان تحقيق جھڙي اھم ۽ نازڪ عمل ۾ ڪچايون اوڻائيون ڇڏيون وڃن!، سو ان مورخ جي لکڻين کي لائق اعتبار نه سمجھو ويندو آھي ۽ سندس ايندڙ يا آيل تاريخ تي لکڻين کي به ڪوڙو سمجھي نظر انداز ڪيو ويندو آھي پوءِ ڀلي مذڪوره مورخ جون ٻيون تاريخ تي لکڻيون درست ڇو نه ھجن! مطلب ته تحقيق سان ئي تاريخ مستند تاريخ بڻجي ٿي نه ته محض ڏند ڪٿائن جو ڀنڊار!
تاريخ ۽ تحقيق جا به ڪجھ قائده ۽ ضابطا آھن جن تحت ئي سچي ۽ کري تحقيق ڪري سگھجي ٿي. مستند تحقيق جي روشنيءَ ۾ ئي مستند تاريخ مرتب ڪري سگھجي ٿي. موجوده وقت جي اڪثر محققن جو خيال آھي ته لائبريري ۾ ويهي ڪتابن جي اڀياس جي بجاءِ ٻاھر نڪري ماڳن مڪانن ۽ مورخن محققن سان رھاڻيون رچائي مشورن ۽ ماڻيل مشاھدن جي پسمنظر ۾ ئي جامع ۽ مستند تحقيق ڪري سگھجي ٿي. ھو ان نظرئي کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪندي چند اڌوگابري تحقيق تي ڪتاب لکي پاڻ کي محققن جي ميڙ ۾ مٿانهون سمجھن ٿا. جڏھن ته اھوئي نظريو تحقيق جي شاگردن کي گذريل ڪافي وقت کان ٻڌايو سمجھايو وڃي پيو ۽ ٻي ڳالھ ته قديم ماڳن مڪانن جي تاريخ ۽ تحقيق جي نسبت سان اھو نظريو مناسب ۽ اھم آھي، پر ان لاءِ اھو به ضروري آھي ته تاريخ ۽ تحقيق تي محيط ماخذن جو به نهايت گھرائيءَ سان اڀياس ۽ مطالعو ڪجي، جنهن سان ھڪ ته مستند روايتون يا حوالا دليلن طور ميسر ٿيندا، جنهن سان تحقيق جي روءِ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿيندي ۽ ٻيو ته ذاتي طور تاريخ جي ڄاڻ ۽ پرک پوندي ۽ تحقيق جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ ۾ به آساني ٿيندي. باقي ادبي تحقيق لاءِ لائبريرين ۾ ئي ويهي لاڀ پائي سگھبو آھي. يعني ويهڪ، اڀياسي سفر ۽ مشاھدن تحت ماڻيل نظريا، جن جي بدولت ئي مستند تحقيق تڪميل تائين پهچي سگھندي آھي، تحقيق جي اھميت ۽ افاديت جي حوالي سان شيخ اياز جا چيل لفظ ورجائيندي ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو لکي ٿو ته: ”محقق ٿيڻ سولو نه آھي، تحقيق لاءِ نه فقط اهرمن جو آنڊو چيرڻو پوي ٿو، پر يزدان جي گجيءَ ۾ به ليئو پائڻو پوي ٿو.“ (12)
مطلب ته تاريخ جي تحرير جي سِٽِ سِٽِ کي، لفظ لفظ کي، جملي جملي کي ۽ اکر کي بار بار جاچي ۽ غور ۽ فڪر جي پئڪر سان پرکي پروڙي سوچ ۽ ويچار جي واٽ وٺي مشاھدي جي ماڳ تان ماڻيل موتين کي منظر عام آڻڻ ئي حقيقي تحقيق آھي.
ان کانپوءِ تاريخ ۽ تحقيق جي ڪم جي تدوين ۽ ترتيب يا تحرير به سادي ۽ سلوڻي عام فهم زبان ۾ ڪرڻ ضروري ھوندي آھي. يعني لکاوت به اثر انگيز اسلوب ۾ ڪرڻ ضروري ھوندي آھي جنهن سان پڙھندڙ يا تاريخ ۽ تحقيق جي شاگرد کي پوري ماجره سمجھڻ ۾ ۽ نتيجي تي پهچڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿئي ۽ نه ئي ڪو مونجھارو پيدا ٿئي، جنهن سبب مذڪوره پوري تاريخ ۽ تحقيق تي خدشا ۽ انديشا جنم وٺن! ۽ پورو احوال لائق اعتبار نه رھي!، يعني تاريخ ۽ تحقيق جي لکت کي ڪارگر بنائڻ لاءِ ان جي تدوين ۽ ترتيب به سيبتي ۽ مناسب تحريري اسلوب ۾ ھئڻ ضروري آھي ۽ لفظن جو استعمال به سيبتو ڪجي جيئن پڙھندڙ کي ڪو مونجھارو نه ٿئي. مثال طور: ڪنهن بزرگ جي رياضتن جو احوال قلمبند ڪندي، ايئن لکڻ ته: ”رياضت ڪڍي“ ته بلڪل نامناسب ۽ غلط آھي بلڪه اتي ھيئن لکبو ته: ”رياضت ڪئي“ ۽ ان طرح لفظ ”زاري ايلازي“ يا روڄ راڙو جي بجاءِ ”روڄ ايلازي“ لکڻ ڪجھ انوکو محسوس ٿيندو، ڇو ته لکت ۾ سادن سلوڻن لفظن سان پڙھندڙ تي اثر انداز ٿي سگھجي ٿو. خاص ڪري تاريخ ۽ تحقيقي تحرير ۾ ان جو خاص خيال رکڻ نهايت ضروري ھوندو آھي. ڇو ته اکرن، لفظن، اصطلاحن ۽ جملن سان ئي عبارت جنم وٺي ٿي ان ڪري عبارت جي عمدگي يعني تحرير جي تقويت ليک کي وسعت ۽ وقعت بخشي ٿي. ان ڪري ان طرف به ڌيان ڏجي ۽ ڪوشش ڪجي ته وقتائتي نواڻ سان به ھمسر رھجي ۽ گڏوگڏ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي اھم پهلوئن کي نظر ۾ رکي تحرير ۽ تدوين جون گھرجون پوريون ڪيون وڃن. جنهن سان نه صرف تاريخ ۽ تحقيق جون گھربل تقاضائون پوريون ٿينديون، پر ھڪ جامع ۽ پر اثر تاريخ ۽ تحقيق جو جنم ٿيندو ۽ گڏوگڏ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جا ڪيئي پهلو به اجاگر ٿيندا ۽ نون محققن کي تحقيق جي ميدان ۾ وک وڌائڻ ۾ آساني ٿيندي. در اصل تحقيق جو محور بحث مباحثي تي ئي ھوندو جنهن ۾ موضوع ۽ عنوان جي مناسبت سان دليل گھربل ھوندا آھن يعني روايتون يا حوالا (References) گهربل حوالا يا روايتون به موزون ۽ مناسب ترتيب سان تحرير ڪرڻ گھرجن. جيئن محترم عبدالقادر منگي جي مرتب ڪيل تحقيقي ڪتاب ”ٿر“ (تاريخ ۽ آثار، ثقافت ۽ ادب، وسيلا ۽ حقيقتون، روشني پبليڪيشن چوٿون ڇاپو 2019ع) وغيره ۾ روايتون يا حوالا ذريعن سميت ڏنا ويا آھن. باقي محترم خليل کوسي جي تحقيقي ڪتاب ”پاڪ سنگھار“ (سيد عبداللطيف عرف پاڪ سنگھار جي تاريخ، خواب پبليڪيشن ٽنڊوالهيار ڇاپو پهريون 2017ع) ۾ ته تاريخ توڙي تحقيق جي بنيادي اصولن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي. مثال طور: پاڻ صفحي نمبر 45 تي لکي ٿو ته: ”اسان پنهنجي وڏڙن کان ٻڌندا پيا اچون ته مير الهيار خان ۽ مير احمد خان ”ڪُنڊو وَسي“ جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آھن“ ھتي ان روايت جو حوالو ”پنهنجن وڏڙن“ جو ڏنو اٿس. ٺيڪ آھي ھيءَ صدري روايت آھي تاريخ ۾ ان قسم جون روايتون يعني صدري روايتون به شامل ٿينديون رھن ٿيون. وري اڳتي ان روايت جي باري ۾ وضاحت ڪندي ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر 46 تي لکي ٿو ته: ”مير الهيار خان 1790ع ٽنڊوالهيار آباد ڪيو، 1816ع ۾ وفات ڪئي، چٽوڙي جي قبرستان ۾ دفن ٿيو“، پر ان برجسته روايت جو ذريعو ڏَسڻ کان به قاصر رھيو. پوءِ ڀلي اھا روايت درست ھجي، پر تحقيق ۽ تاريخ ۾ ان طرح جي ڪنهن به روايت جي وضاحت لاءِ مستند روايت جو ذريعو سڳ سوڌو ڏيڻ لازمي ھوندو آھي. يعني مذڪوره روايت جو ذريعو ڏَسڻ لازمي ھوندو آھي ته اھا روايت يا حوالو ڪٿان حاصل ٿيو؟ ۽ اھڙيءَ طرح گھربل روايتون ذريعن سميت ڏبيون آھن نه ڪي ذريعن بنا. ان کانپوءِ ڏنل روايتن تي شڪ جو اظھار به نه ڪرڻ گھرجي ۽ نه ئي تحقيق جي آخر ۾ پهتل ڪنهن نظريي يا نتيجي کي شڪي بڻائجي. ان سان پوري تحقيق ھڪ دفعو وري ”تحقيق طلب“ بڻجي پوندي! ۽ ٻيو ته جڏھن پوري تحقيق مرتب ڪجي ته ھر صفحي تي چار، پنج سٽن وارو احوال ڏيئي مشڪل سان پندرھن صفحن واري لکڻيءَ کي 86 صفحن تي نه بيهارجي، جيڪا پڻ تحقيقي ڪم جي ڪچائي ۽ اوڻائي آھي. مطلب تحقيق بعد ترتيب ۽ تدوين تي به خاص ڌيان ڏيڻ ضروري آھي ۽ ان کان علاوه تاريخ ۽ تحقيق سنجيدگي ۽ صبر ۽ تحمل سان به منسلڪ آھي نه ڪي جذبات ۽ جلد بازيءَ سان! ان سان تاريخ ۽ تحقيق پنهنجي حقيقي ڪردار کان ھٽي ويندي ۽ منفي عمل بڻجي غلط فهمين جو سبب بڻجي ويندي. تاريخ ۽ تحقيق جي لاءِ احتياطي تدبيرون هڪ اھم گھرج آھي ان سان مثبت نتيجا اخذ ٿيندا. ھونئن به ڪنهن ڪم ۾ جڏھن پوري توجهه مڪمل سنجيدگيءَ ۽ جامع رٿابنديءَ سان ھٿ وجھبو آھي ته نتيجا به نهايت ئي بهترين ۽ لاڀائتا حاصل ٿيندا آھن ان طرح مستند تاريخ ۽ تحقيق به حڪمت عملي ۽ موزون رٿا بنديءَ سان ئي مڪمل ڪري سگھبي آھي. ڇو ته تاريخ ۽ تحقيق ھڪ مفڪرانه ۽ مدبرانه عمل آھي جنهن ۾ ھڪ عھد جي نهايت باريڪ بينيءَ سان چار پاسائي عڪسي قلمبندي ڪبي آھي ۽ متعلقه دور کي مطالعي، مشاھدي ۽ سوچ ويچار جي ولهار سان پروئبو آھي يا ايئن کڻي چئجي ته سِپِن ڀَرئي سمنڊ کي ڪوزي ۾ قيد ڪجي ٿو.
حوالا ۽ مددي ماخذ:
جامع لغات سنڌ تحرير و تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
1 . ص 15، سنڌ جي تاريخي شھرن جي تواريخ، ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2005ع.
2 . ص 16… ساڳيو… ساڳيو… ساڳيو.
3 . ص 65 سنڌ جي تاريخ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن حيدرآباد سنڌ 2017ع.
4 . ص 147، سنڌ صدين کان، مرتب ممتاز مرزا، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ حيدرآباد 1982ع.
5 . ص 13، سنڌ جي تاريخي شھرن جي تواريخ مرتب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2005ع.
6 . سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ 2017ع سنڌ جي ڪوھستان جو تاريخي جائزو ڦلڪارو مشڪور ص ٧١.
7 . ساڳيو… ساڳيو… ساڳيو، ص 78.
8 . مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور ٢٠٠١ع ”خليل“ محمد ابراھيم شيخ ڊاڪٽر ص ٣٦٣.
9 . روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ٢٠٠٥ع سنڌ جي تاريخي شھرن جي تواريخ ھڪڙو فگار انور ڊاڪٽر ص ١٩.
10 . روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ١٩٩٣ع نيڻ مھٽي خيال جاڳيا جويو تاج ص ١٠.
11 . سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ٢٠١٥ع سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، 2 انصاري اشتياق ص ١٥.
12 . روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ٢٠٠٥ع سنڌ جي تاريخي شھرن جي تواريخ ھڪڙو فگار انور ڊاڪٽر ص ١٣.

