…ماستري ڪو سولو ڪم ناهي

الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل
ماستري ڪو سولو ڪم ناهي…
الطاف شيخ
ملائيشيا کي خود مختياري يا کڻي چئجي ته انگريز راڄ کان آزادي، پاڪستان کان گهڻو پوءِ 1957ع ۾ ملي، پر ان وقت به ملائيشيا ۾ ايترا تعليمي ادارا يعني اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون نه هيون جيتريون پاڪستان ۾ ڏهه سال اڳ 1947ع ۾ هيون. منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته هي جيڪي اڄ جا نوجوان ملائيشيا جي تعليمي نطام مان متاثر آهن (۽ واقعي ٿيڻ به کپي جو بدقسمتي سان اسان وٽ تعليمي نظام صحيح رفتار سان اڳتي وڌڻ بدران پٺتي ٿي ويو آهي) انهن کي ڄاڻ هجڻ کپي ته تعليمي ادارن ۾ اسان جو ملڪ گهڻو گهڻو اڳتي ۽ ترقي يافته هو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جنگلن جو ملڪ آهي ۽ بقول هتي جي ماڻهن جي ملئي ماڻهو ڪير آهن … جنگل جا ماڻهو ته آهن! پر يارو هڪ ڳالهه آهي: هن ملڪ جي ماڻهن ۽ هتي جي حڪومتن شروع کان ٻن ڳالهين تي وڏو ڌيان ڏنو، هڪ تعليم کاتي ۽ ٻيو پوليس کاتي تي. ايتري قدر جو 1987ع ۾ جڏهن ڪوالالمپور ۾ ڪامن ويلٿ ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس ٿي هئي ته آخري ڏينهن تي انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ ملائيشيا جي مٿين ادارن: تعليم ۽ پوليس جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي. ملائيشيا جي حڪومت کي شروع کان ان ڳالهه جو اونو رهيو.
پاڪستان ۾ مئرين اڪيڊمي 1963ع ۾ کلي. هتي ملائيشيا ۾ 1982ع ڌاري، جنهن لاءِ مون کي به سڏايو ويو هو ۽ مون سمنڊ تي جهاز هلائڻ ڇڏي ڪناري جي پڙهائڻ واري نوڪري شروع ڪئي. بلڪه آئون انهن چند ماڻهن مان آهيان جن هيءَ اڪيڊمي شروع ڪئي. ملڪ جي نئين وزير اعظم ڊاڪٽر مهاتير کي شوق هو ته سندس ملڪ جا نوجوان ٻاهر وڃي جهازراني ۽ جهاز سازي جي تعليم وٺڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ حاصل ڪن. هن کي وزير اعظم ٿئي اڃان هڪ سال ٿيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو 1981ع کان وٺي 2003ع تائين ٻاويهه سال ملڪ جو وزير اعظم رهيو ۽ اهو سمورو وقت، منهنجو سندس ملڪ سان واسطو رهيو. بلڪه ان کان به تيرنهن چوڏهن سال اڳ 1968ع کان وٺي، منهنجو جهاز رستي، هن ملڪ ملائيشيا ۾ اچڻ وڃڻ شروع ٿيو هو. بهرحال مون ڏٺو ته هن (مهاتير) ڪيترائي وڏا وڏا ڪم ڪيا جن لاءِ مخالف پارٽيءَ ڏاڍي تنقيد ڪئي ۽ هنن کي پڪ هئي، بلڪه حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جهڙن ڌارين کي به لڳندو هو ته مهاتير بيوقوفي پيو ڪري ۽ ملڪ جو خزانو برباد ٿي ويندو، پر هر دفعي مهاتير ڪامياب ٿي ٿيو ۽ انهن پروجيڪٽن ذريعي ملڪ ۾ پئسو اچڻ شروع ٿيو ٿي. جيئن پروٽان ڪار شروع ڪرڻ، پينانگ ٻيٽ واري ڊگهي ۾ ڊگهي پل، پيٽروناس ٽاورز واري عمارت، مونو ريل ۽ ٽرامون، مختلف يونيورسٽيون ۽ ٻيا انيڪ تعليمي ادارا، وغيره.
مئرين اڪيڊمي جنهن لاءِ اسان سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ اچي رهڻ اختيار ڪيو، مهاتير سان گڏ سندس زال ڊاڪٽر سيتي هاسما جي اولين خواهش هئي ۽ آئون ڏسندو هئس ته شروع وارن سالن ۾ ٻئي ڄڻا: زال مڙس، اڪيڊمي جي هر فنڪشن تي ڪوالالمپور کان ڪَهي ملاڪا اچي نڪرندا هئا ۽ اسان پڙهائڻ وارن جهازي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن سان خوب فري ٿي خبرون ڪندا هئا. هي اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن دهشت گردي يا مار ڌاڙ جهڙا فيشن وجود ۾ نه آيا هئا ۽ هن ملڪ ۾ ته بيحد امن ۽ امان هو. 1990ع تائين ته رياست جي گورنر ۽ وزير اعليٰ جي آفيسن جا دروازا کليا پيا هوندا هئا. انگريزن جي ڏينهن جون هي آفيسون وچ شهر ۾ هونديون هيون. منهنجو ته ڪو به هم وطن مون وٽ جڏهن ملاڪا ايندو هو ته کيس شهرَ جو چڪر ڏياري ڪڏهن وزير اعليٰ وٽ ته ڪڏهن گورنر وٽ اچي چانهه پياريندو هئس. منهنجي ملڪ جي ماڻهن کي، جن لاءِ هتي جو ماحول اوپرو هو، حيرت ٿيندي هئي ته هتي جو عام ماڻهو به بنا ٽائيم وٺڻ جي رياست (صوبي) جي اعليٰ آفيسرن سان ملندو رهي ٿو ۽ کين پوليس جو وڏو عملدار به “سر” چئي مخاطب ٿئي ٿو. اهو ان ڪري جو هتي جا آفيسر ڪامورا سمجھن ٿا ته هو عوام جا نوڪر آهن ۽ اهي عوام جا ڏنل ٽئڪس آهن جن مان کين پگهار ملن ٿا يعني سندن ٻچا پلجن ٿا. ساڳئي وقت ڏوهه ڪرڻ تي ڪنهن جي به بخشش نٿي ٿئي چاهي هو رياست جي والي (سلطان) جو پٽ هجي يا ملڪ جي بادشاهه جو!
مهاتير کان علاوه هاڻوڪو وزير اعظم نجيب ۽ اڳيون احمد بداوي جيڪي ان وقت راندين يا تعليم جا وزير هئا اسان جي اڪيڊمي ۾ ايندا رهندا هئا ۽ انهن سان فري ٿي ڳالهائبو هو. ملئي زبان سمجھڻ جي ناتي آئون اڪثر چرچا ڀوڳ به ڪندو رهندو هئس، پر هڪ ڳالهه آهي ته کين شاگردن جي تعليم، صحت ۽ راندين روندين جو وڏو فڪر هوندو هو. هينئر وارو وزير اعظم نجيب ته پاڻ به چڍي پائي اسان سان گڏ فوٽ بال راند کيڏندو هو. سندس والد عبدالرزاق ملڪ جو ٻيو وزير اعظم هو، پر مهاتير سٺ جو هوندي بيحد ذهين، پورهيت ۽ قابل لڳو ٿي. هونئن به هتي (ملائيشيا) ۾ اهو مشهور آهي ته اهي ملئي ماڻهو جن جي ماءُ يا پيءُ چيني يا انڊين آهي اهي تيز ٿين ٿا. مهاتير جو به پيءُ انڊيا جي صوبي گجرات کان ننڍي هوندي ملائيشيا جي رياست ڪيداح ۾ آيو هو ۽ هڪ ملئي ڇوڪريءَ (مهاتير جي والده) سان شادي ڪيائين. مهاتير پاڻ به پنهنجي وقت جو سٺو شاگرد هو. پڙهائي ۾ هوشيار هو ۽ هن پنهنجي قوم جي نوجوانن کي پاڻ جهڙو ڏسڻ چاهيو ٿي، خاص ڪري هن نئين اڪيڊمي جي ڪئڊٽن کي، جو هيءَ اڪيڊمي سندس شوق ڪري کلي هئي. پڙهائڻ لاءِ مختلف ملڪن جي تجربيڪار ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن کي آندو ويو هو، جن جو نه فقط تعليم، پر جهازراني ۾ به نالو هو. هو هر وقت ان ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته نه رڳو ٽيچر سٺا هجن، پر شاگردن جي به ميرٽ تي چونڊ ڪئي وڃي. هڪ ڏينهن لنچ دوران خبرون ڪندي مهاتير خلا ۾ گهوريندي چيو ته خبر ناهي اسان بسم الله ڪيئن ڪئي آهي. هن جو مطلب هو ته خبر ناهي پڙهائڻ وارا ڪيئن آهن. مون ادب سان چيو ته سائين ان جي خاطري توهان هنن جي سرٽيفڪيٽن مان ڪري سگهو ٿا.
“نه” مهاتير وراڻيو ۽ پوءِ چوڌاري ويٺل اسان ڌارين ملڪن جي جهازران ٽيچرن ڏي مرڪندي چيو، “سٺي ٽيچر جو ٽيسٽ اهو آهي ته امتحان ۾ سندن شاگرد ڪيڏو سٺي طرح پاس ٿين ٿا.”
“کين موڊ ۾ ڏسي مون يڪدم چيو “سر! ڀلا سٺي سياستدان جو ڇا ٽيسٽ آهي؟”
کانئس ٽهڪ نڪري ويو، اسان جي ملڪ جو ماڻهو ضرور حيرت کائيندو هوندو ته مون هڪ ٽيچر ٿي ڪري ملڪ جي وزير اعظم کان ان قسم جي سوال پڇڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي! پر هتي سال کن نوڪري ڪري ۽ ان کان اڳ ڏهه سال کن هن تر ۾ جهاز هلائي، آئون هن ملڪ جي مزاج کي سمجھي ويو هئس ته هتي جا سياستدان، وزير، حاڪم پاڻ کي عوام جو خادم سمجھن ٿا ۽ هنن ۾ اها ٽيڙي ۽ ٽون ڦان ناهي جيڪا اسان جهڙن ملڪن ۾ عام آهي. ٻي ڳالهه ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ هڪ ماستر جي وڏي عزت آهي ۽ مهاتير جي دل ۾ ته هيڪاندي گهڻي آهي جو سندس والد به ٽيچر هو.
بهرحال مهاتير کلندي چيو “سياستدان جو ٽيسٽ ٻڌائين؟”
“ضرور داتڪ (ڏاڏا).” انهن ڏينهن ۾ کين داتڪ جو لقب مليل هو ۽ اسان سندس نالو وٺڻ بدران پيار مان داتڪ چوندا هئاسين. هونئن به داتڪ ملئي زبان جو عزت وارو لفظ آهي جنهن جي لفظي معنيٰ ڏاڏو.
مهاتير پنهنجي ٻٽونءَ مان هڪ رنگٽ (هتي جي ڊالر) جو نوٽ ڪڍي اسان جي اڳيان لهرائي چيو: “جنهن ڏينهن ڏسو ته هن جو قدر ڪرندو وڃي ته ان ڏينهن سمجھجوِ ته آئون صحيح طرح نوڪري نه پيو ڪريان.”
يارو! ان وقت ملائيشيا جو رنگٽ اسان جي ڇهن رپين برابر هو… ڪرڻ بدران اڄ اهو ٽيهن رپين برابر وڃي ٿيو آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان جي هڪ سئو رپين ۾ چار آمريڪن ڊالر هئا، اڄ اسان جي سئو رپين ۾ فقط هڪ ڊالر ملي ٿو!
مهاتير صاحب جي پهرين ڳالهه به صحيح آهي، ڇو جو ملائيشيا ۾ فقط ڊگري ڏسي نوڪري نٿي ڏني وڃي چاهي اهو ڌاريون هجي يا سندن پنهنجو. ان ڪري اسان جي ڪيترن ماڻهن کي ملائيشيا (۽ ان معاملي ۾ سنگاپور ۾ به) پڙهائڻ ڏکيو ٿو لڳي. ڇو جو هتي ڪنهن شاگرد جي فيل ٿيڻ تي يا سٺيون مارڪون نه کڻڻ تي ان شاگرد جي نه پر ان جي ٽيچر جي وٺ پڪڙ ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پڙهائڻ وارو هڪ ته چڱي طرح ليڪچر تيار ڪري اچي ٿو جيئن ٻڌڻ وارا دلچسپي سان ٻڌن ۽ ان جي خاطري ڪرڻ لاءِ هن لاءِ ضروري ٿيو پوي ته ليڪچر دوران شاگردن کان سوال جواب به ڪندو رهي جيئن هو نه رڳو جسماني طرح ڪلاس ۾ حاضر رهن، پر ذهني طرح پڻ. نه ته ٻي صورت ۾ شاگرد ماڪوڙيون ئي ڳڻيندا رهندا ۽ فيل ٿيڻ تي ٽيچر لاءِ مصيبت جو سبب بڻجندا.
چرچو مشهور آهي ته هڪ چَٽُ ماستر جي چڪاس لاءِ اسڪول انسپيڪٽر ڪلاس روم ۾ اچي ويٺو. ٽيچر مئٿس جو ڪو حساب بورڊ تي ڪرڻ سان گڏ سمجھائي به رهيو هو. آخر ۾ جواب لکڻ کان اڳ هن سوچيو ته اڳيان ويٺل ڇوڪري کان پڇان جنهن جي اک بورڊ تان هٽي ئي ڪانه ٿي يعني هو غور سان سمجھي رهيو آهي. سندس صحيح جواب ڏيڻ تي انسپيڪٽر به امپريس ٿي ويندو.
“ابا ڪهڙو انگ ٿيو؟” ٽيچر پڇيو.
شاگرد: سائين ستاويهه.
ٽيچر: هان! ڇا چئي؟ ستاويهه!
شاگرد: ها سائين 27 ماڪوڙيون … هاڻ ستاويهين ماڪوڙي ٽنگ ۾ ويندي…
دراصل هو ماستر صاحب جي ڪيل حساب کي غور سان ڏسڻ بدران، بورڊ جي مٿان سوراخ ۾ ويندڙ ماڪوڙين کي ڳڻي رهيو هو…
هونئن به چوندا آهن ته هوشيار ماستر کي شاگرد کان گهڻي پُڇ پُڇ نه ڪرڻ کپي. شاگرد جواب ۾ 27 چيو ته اهو چپ چاپ 27 لکي شاگرد کي شاباس ڏئي ڇڏي ها. پٺيان ويٺل انسپيڪٽر ڪهڙو غور سان پئي ڏٺو ته ماستر صاحب ڪهڙو حساب ڪري رهيو آهي… جنهن جو جواب ڇا هوندو.
پر ڪي انسپيڪٽر موڳا ۽ خاموش به نٿا رهن. هڪ مٿئين ڪيس جهڙي حالت ۾ ماستر صاحب شاگرد کان پڇيو 15 ۽ 15 گهڻو ٿيو؟
شاگرد وراڻيو: 34
ماستر: شاباس، ويري گڊ، ويهي رهه.
انسپيڪٽر حيرت مان ماستر صاحب کي چيو: “ڪمال ٿا ڪريو! 15 ۽ 15 ته ٽيهه ٿيو تو هن نڀاڳي ڇوري کي دڙڪو ڏيڻ بدران شاباس ڏني؟”
ٽيچر: “سر! ان ڪري جو ڪالهه تائين هو 15 ۽ 15 چاليهه ئي ٻڌائيندو رهيو ٿي. اڄ هن ۾ ڪافي سڌارو آيو آهي ۽ هن 34 چيو آهي. الله چاهيو ته سڀاڻي 15 ۽ 15 ٽيهه ئي ٻڌايندو.
پر سائين ڪي ته بلا جا شاگرد ٿا ٿين. ٽيچر کڻي ڪهڙو به سوال پڇي هو صحيح جواب ٻڌايو وڃن. هڪ اڌ مغزي ٽيچر هڪ شاگرد کان سوال پڇيو: “منهنجي قميص جو ڪالر 15 انچ آهي ۽ منهنجو قد پنج فٽ اٺ انچ آهي. نيرن تي آئون روز ٻه بيضا کائيندو آهيان ۽ منهنجي واچ جي قيمت ٻه هزار رپيا آهي. ٻڌائي ته منهنجي عمر ڇا هوندي؟”
شاگرد ٺهه پهه وراڻيس: 44 سال.
ٽيچر: شاباس! پر اهو ته ٻڌاءِ منهنجي صحيح عمر جي توکي ڪيئن خبر پئي؟
شاگرد: سائين منهنجو ڀاءُ جيڪو اڌ چريو آهي ان جي عمر ٻاويهه سال آهي سو ان حساب سان توهان جي عمر ضرور 44 سال هوندي.

