خاص

وزيراعظم عمران خان سريلنڪا پهچي ويو، ڪولمبو ايئرپورٽ تي استقباليه تقريب

وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سريلنڪا پهچي ويو آهي. ڪولمبو ايئرپورٽ تي عمران خان جي اعزاز ۾ استقباليه تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ فوجي دستن کيس توپن سان سلامي ڏني. وزيراعظم عمران خان سان گڏ شاهه محمود قريشي، واپار بابت وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ زلفي بخاري گڏ آهن. عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو سريلنڪا جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم سريلنڪا جي صدر ۽ پنهنجي هم منصب سان ملاقات ڪندو. اعليٰ سطح جي ملاقاتن دوران واپار، سرمائيڪاري، صحت، تعليم، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي سميت مختلف معاملن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون. عمران خان جوائنٽ ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم عمران خان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي هم منصب سان ڪيل گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پاڪستان سي پيڪ جو حصو آهي. سريلنڪا به هن پروجيڪٽ جو حصو بڻجي فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ وچ ايشيا جي رياستن تائين پهچي سگهي ٿو.