بلاگنئون

ايران-آمريڪا جنگ: مذاڪرات يا بليڪ ميلنگ

پاڪستان جي سفارتڪاري ڪاميابي ڪيتري قدر جاري آهي، ان جو اندازو روس جي ان بيان مان لڳائي سگهجي ٿو جنهن ۾ هن چيو ته اڄڪلهه ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ٿي وئي آهي. شهرن جا پورا پورا علائقا ۽ پاڙا، اتي رهندڙ ماڻهن سميت تباهه ڪيا پيا وڃن. انهن حملن ۾ ٻارڙن جون اسپتالون به نٿيون بچن. اهي ايٽمي بجلي گهر جيڪي بين الاقوامي قانونن جي حفاظت هيٺ آهن ۽ عام شهرين جا گهر به بمباريءَ جو نشانو بڻجي رهيا آهن. اسان ۽ اسان جهڙي سوچ رکندڙن کانسواءِ دنيا ۾ ڪو به عالمي قانونن جي پرواهه نٿو ڪري. اسان ڏسون پيا ته دنيا جي معاملن ۾ هاڻي ڳالهين بدران طاقت جو استعمال تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اولهه وارن (يعني آمريڪا ۽ يورپي ملڪن) جي پرڏيهي پاليسي سبب دنيا جو امن ۽ قانون سخت خطري ۽ دٻاءُ هيٺ اچي ويو آهي. انهن اولهه جي ملڪن جي پئسي ۽ معيشت جو نظام تڏهن ئي هلي سگهي ٿو، جڏهن اهي ٻين ملڪن تي حملا ڪن ۽ انهن جا وسيلا  ڦرين. حقيقت ۾ هاڻي هڪ اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جتي اولهه جي ملڪن پنهنجي بادشاهي ۽ حاڪميت قائم ڪرڻ جي لالچ ۾ انهن اصولن کي به ٽوڙي ڇڏيو آهي جيڪي برابري ۽ انصاف تي بيٺل هئا. سادن لفظن ۾ اهي اصول جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ گڏيل قومن (UN) طئي ڪيا هئا، انهن کي پيرن هيٺان لتاڙيو پيو وڃي. انهن اصولن ۾ سڀني ملڪن جي برابري، هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ ۽ هر قوم کي پنهنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪرڻ جو حق شامل هو. اها ڳالهه بلڪل چٽي آهي ته اهي سٺا اصول عملي سياست ۾ تمام گهٽ استعمال ٿيا آهن، پر اهي ڪتابن ۾ موجود ضرور هئا. ان ڳالهه سان اسان کي روس جي اها تجويز ياد اچي ٿي، جيڪا اسان سال 2010ع واري ڏهاڪي ۾ خليج جي عرب ملڪن ۽ ايران جي حوالي سان ڏني هئي ۽ اسان جو اڃان به اهوئي چوڻ آهي ته اها ڳالهه اڄ به اوتري ئي اهم آهي. اسان دنيا جي مختلف حصن ۾ هلندڙ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ هميشه هڪ هاڪاري ۽ تعميري سوچ رکون ٿا. موجوده خراب حالتن ۾ اها ڳالهه واقعي پريشان ڪندڙ آهي ته اسان جا ڪجهه ساٿي ملڪ سفارتڪاري جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. اهي ڳالهين جو رڳو بهانو ڪندا آهن، پر اصل ۾ اندر ئي اندر فوجي حملي جي تياري ڪن ٿا يا وري حملي لاءِ ڪو رستو ڳولهين ٿا، جيڪا بلڪل غلط، نه مڃڻ جوڳي ۽ بي ايمانيءَ واري ڳالهه آهي. اسان ايران سان ۽ منسڪ (Minsk) معاهدي جي صورت ۾ به اولهه وارن کي ائين ئي دوکو ڪندي ڏٺو. جيئن توهان کي ياد هوندو ته ڪجهه سالن کانپوءِ ان معاهدي تي صحيحون ڪندڙن ڏاڍي فخر سان چيو هو ته: “اسان جو ته ان معاهدي تي عمل ڪرڻ جو ڪو ارادو ئي نه هو.” هنن جو چوڻ هو ته ڀلي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ان کي منظور ڪيو هجي، پر اسان ڪجهه ڪرڻ نٿي چاهيو؛ اسان رڳو ڳالهين جو ڊرامو ڪري وقت پئي گذاريو ته جيئن يوڪرين جي حڪومت کي هٿيار ڏئي روس خلاف جنگ لاءِ تيار ڪري سگهون. اولهه وارن گڏجي اها جنگ تيار ڪئي ۽ آخرڪار روس مٿان مڙهي ڇڏي ۽ يقينن اسان اهڙي دوکي بازي ڪڏهن به برداشت نٿا ڪري سگهون. اسان جي صدر ولاديمير پيوٽن کي اهي ڪيترائي بدترين تجربا ياد آهن جيڪي اسان گذريل ويهن سالن کان اولهه وارن ملڪن سان لاڳاپا رکي حاصل ڪيا آهن. ان ڪڙي تجربي مان سکڻ کانپوءِ هاڻي اسان وڌيڪ سختيءَ سان اهو مطالبو ڪنداسين ته دنيا جا سمورا ملڪ بين الاقوامي قاعدن ۽ قانونن جي عزت ڪن. توهان کي خبر آهي، اسان جي هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اسان پنهنجي ڪجهه مسلمان ۽ عرب دوستن کان پڇيو ته: “ڇا توهان واقعي ائين ٿا سوچيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل حملا نه ڪن ها ته ايران نار جي عرب ملڪن تي حملو ڪري ها؟”  ڇو ته جيڪڏهن تاريخ پڙهي وڃي ته ماضيءَ ۾ ايران ڪڏهن به پاڻمرادو ڪا جنگ جي شرعات ناھي ڪئي، بلڪه هميشه مٿس ئي جنگيون مڙهيون ويون آهن، جيڪو هن صديءَ جي شروعات ۽ گذريل صديءَ ۾ ٿيو. ها، ماڻهو ‘پراڪسي’ جنگ جي ڳالهه ڪن ٿا، پر ان لفظ کي ڇڏي جيڪڏهن ڏسجي ته خطي جو هر ملڪ پنهنجن پاڙيسري ملڪن تي پنهنجو اثر وڌائڻ چاهيندو آهي ۽ اهو هر ملڪ جو هڪ قدرتي عمل آهي. پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ واري ان ڳالهه ۾ عرب ملڪ به ڪي الڳ ناهن ۽ نه ئي ايران ڪو الڳ آهي، سڀ ائين ڪندا آهن. عرب دوستن کان اسان کي ان ڳالهه تي اهو جواب مليو ته: “نه، ايران ته بس اسان تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ۽ رڳو ڪنهن بهاني جي ڳولها ۾ هو.” پر مون کي ٻڌايو ته ڪهڙو بهانو؟ ڇا آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جو بهانو؟ مطلب ته ڇا ايران ڄاڻي واڻي اهو انتظار پئي ڪيو ته پهريان مٿس آمريڪا ۽ اسرائيل حملا ڪن ۽ پوءِ هو ان جو فائدو وٺي خوشيءَ سان پنهنجن پاڙيسري عرب ملڪن تي حملا ڪري سگهي؟ ظاهري ڳالهه آهي ته هي بلڪل بيوقوفيءَ وارو ۽ سادو دليل آهي جنهن ۾ ڪا به سچائي ناهي. ايران جو عرب ملڪن تي حملو ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه هو. حقيقت ته اها آهي ته ايران پاڻ عرب ملڪن سان گڏجي خطي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هڪ گڏيل نظام ٺاهڻ جي ڳالهين ۾ سرگرم هو. روس ۽ چين به امن جي ان ڳالهه جي حمايت ڪئي ۽ ايران پاڻ به ان لاءِ سٺيون تجويزون ڏنيون هيون. امن ۽ دوستيءَ جي هن رستي تي هلڻ جا مڪمل امڪان تڏهن پيدا ٿيا هئا جڏهن ڪجهه سال اڳ چين جي مدد سان سعودي عرب ۽ ايران پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪيا هئا ۽ هڪٻئي جي ملڪن ۾ پنهنجا سفارتخانا کوليا هئا. ان سلسلي ۾ دوحا  ۾ عرب ملڪن ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي پهرين باضابطه ملاقات به ٿي هئي.

اها ڳالهه بلڪل صاف ۽ چٽي آهي ته امن ۽ دوستيءَ واريون اهي ڳالهيون انهن ماڻهن کي بلڪل به پسند نه آيون، ڇو ته اهي ته ان خطي جي تيل ۽ گئس جهڙن وڏن وسيلن تي پنهنجو قبضو ۽ حڪم هلائڻ چاهين ٿا. اسان پنهنجي ڪم ۾ هميشه اها ئي ڪوشش ڪندا آهيون ته پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ پنهنجي عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ دنيا ۾ هڪ محفوظ ۽ سٺو ماحول ٺاهيون. سال 2000ع کان وٺي روس جي پرڏيهي پاليسيءَ جو اهوئي سڀ کان اهم ۽ بنيادي مقصد رهيو آهي، جنهن تي اسان جي حڪومت هلي رهي آهي. جيئن اسان جي صدر پيوٽن به چيو آهي ته اولهه وارن ملڪن سان اسان جا لاڳاپا هن وقت تڪرار جي تمام خراب دور مان گذري رهيا آهن. هتي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جي فائدي ۽ قومي مفادن تي مضبوطيءَ سان بيٺا رهون. ها، اسان ڳالهين ۽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجا دروازا هميشه کليل رکيا آهن، پر ان لاءِ اسان جو شرط اهو آهي ته ڳالهيون مڪمل برابريءَ ۽ ٻنهي ڌرين جي فائدي تي ٻڌل هجن. ٻي ڳالهه اها ته اهي دروازا رڳو انهن لاءِ کليل آهن جيڪي پنهنجا اجايا ضد ۽ نخرا ڇڏي اسان وٽ اچڻ چاهين ٿا ۽ جيڪي اسان کي ڪا صاف ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿا. پوءِ اسان پاڻ اهو فيصلو ڪنداسين ته اولهه جي اڳواڻن طرفان ايندڙ ڪنهن به نئين خيال يا تجويز تي ڪيئن عمل ڪرڻو آهي، پر هڪ ڳالهه بلڪل پڪي آهي ته اسان ڳالهين لاءِ ڪنهن جي به پٺيان نه ڀڄنداسين. جيستائين دنيا جي اڪثريت جو تعلق آهي، اتي اسان جا ڪيترائي اهڙا سٺا دوست ۽ ڀائيوار آهن جن سان اسان جا لاڳاپا هر لحاظ کان مضبوط ٿي رهيا آهن، ڀلي اهي سڌا سنوان لاڳاپا هجن يا وري ڪنهن اتحاد جي صورت ۾. اهي سمورا لاڳاپا هڪ بهتر ۽ مثبت سوچ تي بيٺل آهن. اسان جا اتر ڪوريا سان لاڳاپا به ان ساڳي سوچ جو ئي حصو آهن. روس جي اڳواڻن دنيا سامهون جيڪي به سٺيون تجويزون ڏنيون آهن، جيئن نار  واري خطي ۾ گڏيل حفاظت ۽ سلامتيءَ جو نظام يا وري يوريشيا Eurasia، جي هڪ وڏي ڀائيواري، اهي سڀ اسان جي حڪومتي پاليسيءَ جي مقصدن سان بلڪل ٺهڪن ٿيون. اسان ڪنهن به ملڪ تي پنهنجي مرضي زبردستي نٿا مڙهيون، بلڪه اسان هميشه برابريءَ جي بنياد تي گڏجي ڳالهائڻ جي دعوت ڏيون ٿا ته جيئن جيڪي به ملڪ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، انهن سڀني جي حقن ۽ مفادن جو پورو پورو خيال رکيو وڃي. هن وقت دنيا کي جنگ جي بدران امن جي اميد آهي. عارضي جنگبندي جو پهريون دور ختم ٿيو ۽ ايران آبنائي هرمز جي ڪناري تي آمريڪي بندش جي ڪري ڳالهيون رد ڪري ڇڏيون. ڇاڪاڻ ته آبنائي هرمز جي کولڻ تي بندش ختم ٿيڻي هئي، پر ٽرمپ بندش نه هٽائي ۽ ايران سميت ٻين ملڪن جي جهازن جي ڳولها جاري رکي، جيتوڻيڪ ايران آبنائي هرمز کي ٻيهر بند ڪري ڇڏيو. اسرائيل جنگ بندي جي باوجود لبنان تي بمباري ڪري رهيو آهي. ڳالهيون هميشه غير مشروط هونديون آهن، پر ٽرمپ هڪ عجيب ماڻهو آهي، هو پنهنجن شرطن کي پورو ڪرڻ تي قائم آهي ۽ چوي ٿو جيڪڏهن ايران کي پنهنجا مطالبا پورا ڪرڻا آهن ته پوءِ جنگبندي ۽ ڳالهيون مڃي. جنگبندي ۽ ڳالهين دوران بليڪ ميلنگ صحيح ناهي. بقول ٽرمپ جي ته جڏهن ايران ۾ سڀ ڪجهه تباهه ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهو بيوس ۽ لاچار آهي ته پوءِ ان مان خطرو ڇو آهي؟ ان جو مطلب آهي ته آمريڪا پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل نه ڪري سگهيو آهي ۽ ٽرمپ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. آمريڪا ڳالهين جو شدت سان انتظار ڪري رهيو آهي ۽ ايران انڪار ڪري رهيو آهي. ٽرمپ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ ايران ٽڪراءَ لاءِ تيار رهڻ جو عزم ڏيکاري رهيو آهي. اهو امن عمل کي شڪست ڏئي جنگبندي کي به وڌائيندو آهي ۽ ان کانپوءِ ڌمڪيون ڏيندو رهندو آهي. ٽرمپ هر لمحي، هر ڪلاڪ بعد پنهنجا بيان تبديل ڪري رهيو آهي، غير سنجيدگي اختيار ڪري، اشتعال ۽ انتشار پکيڙي رهيو آهي ۽ دنيا کي مايوسيءَ جي ڪُن ۾ ٻوڙي رهيو آهي. دنيا اهو بار بار چوندي رهي آهي ته آمريڪا ۽ يورپ جنگيون مسلط ڪن ٿا ۽ پنهنجا هٿيار ۽ ٻيو جنگي سامان وڪرو ڪن ٿا. جڏهن ته انهن جو جائزو نوان هٿيارن جي استعمال تي وٺن ٿا، شڪر آهي ته يورپ هن ڀيري آمريڪي جنگي جنون کان بيزار آهي ۽ پرامن حل تي اصرار ڪري ٿو. ٽرمپ پنهنجن اتحادي ملڪن کي لٽڻ تي يورپي ملڪ به مٿس ناراض آهن. وينزويلا تي حملو ۽ ان جي صدر ۽ خاتون اول جو اغوا حيران ڪندڙ آهي، پر ان جو ڇا مطلب آهي؟ پوءِ چاليهه ڏينهن ۾ ايران کي ڇو نه فتح ڪيو وڃي؟ سندس نظر ۾ هر ملڪ وينزويلا آهي. جيڪڏهن ٽرمپ اهو رويو برقرار رکيو ته کيس تباهيءَ کان سواءِ ڪجهه به ملي نه سگهندو. ياد رکو ايران ڪڏهن به جهڪي نٿو سگهي ۽ نه ڪنهن جي هٿان بليڪ ميل ٿيڻ لاءِ تيار آهي هو ٻيهر پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ٽن کان پنج ڏينهن جي عارضي جنگبندي دوران به، ايران پرعزم رهيو ۽ پنهنجي موقف تي  قائم رهيو. ڳالهين ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ ٽرمپ جي غلطي هوندي. ياد رکو ايراني قيادت وڙهندي، پر جهڪندي نه پوءِ ڀلي ڪو سندس ساٿ ڏئي يا نه!!