پاڪستان جي سفارتڪاري ڪاميابي ڪيتري قدر جاري آهي، ان جو اندازو روس جي ان بيان مان لڳائي سگهجي ٿو جنهن ۾ هن چيو ته اڄڪلهه ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ٿي وئي آهي. شهرن جا پورا پورا علائقا ۽ پاڙا، اتي رهندڙ ماڻهن سميت تباهه ڪيا پيا وڃن. انهن حملن ۾ ٻارڙن جون اسپتالون به نٿيون بچن. اهي ايٽمي بجلي گهر جيڪي بين الاقوامي قانونن جي حفاظت هيٺ آهن ۽ عام شهرين جا گهر به بمباريءَ جو نشانو بڻجي رهيا آهن. اسان ۽ اسان جهڙي سوچ رکندڙن کانسواءِ دنيا ۾ ڪو به عالمي قانونن جي پرواهه نٿو ڪري. اسان ڏسون پيا ته دنيا جي معاملن ۾ هاڻي ڳالهين بدران طاقت جو استعمال تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اولهه وارن (يعني آمريڪا ۽ يورپي ملڪن) جي پرڏيهي پاليسي سبب دنيا جو امن ۽ قانون سخت خطري ۽ دٻاءُ هيٺ اچي ويو آهي. انهن اولهه جي ملڪن جي پئسي ۽ معيشت جو نظام تڏهن ئي هلي سگهي ٿو، جڏهن اهي ٻين ملڪن تي حملا ڪن ۽ انهن جا وسيلا ڦرين. حقيقت ۾ هاڻي هڪ اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جتي اولهه جي ملڪن پنهنجي بادشاهي ۽ حاڪميت قائم ڪرڻ جي لالچ ۾ انهن اصولن کي به ٽوڙي ڇڏيو آهي جيڪي برابري ۽ انصاف تي بيٺل هئا. سادن لفظن ۾ اهي اصول جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ گڏيل قومن (UN) طئي ڪيا هئا، انهن کي پيرن هيٺان لتاڙيو پيو وڃي. انهن اصولن ۾ سڀني ملڪن جي برابري، هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ ۽ هر قوم کي پنهنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪرڻ جو حق شامل هو. اها ڳالهه بلڪل چٽي آهي ته اهي سٺا اصول عملي سياست ۾ تمام گهٽ استعمال ٿيا آهن، پر اهي ڪتابن ۾ موجود ضرور هئا. ان ڳالهه سان اسان کي روس جي اها تجويز ياد اچي ٿي، جيڪا اسان سال 2010ع واري ڏهاڪي ۾ خليج جي عرب ملڪن ۽ ايران جي حوالي سان ڏني هئي ۽ اسان جو اڃان به اهوئي چوڻ آهي ته اها ڳالهه اڄ به اوتري ئي اهم آهي. اسان دنيا جي مختلف حصن ۾ هلندڙ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ هميشه هڪ هاڪاري ۽ تعميري سوچ رکون ٿا. موجوده خراب حالتن ۾ اها ڳالهه واقعي پريشان ڪندڙ آهي ته اسان جا ڪجهه ساٿي ملڪ سفارتڪاري جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. اهي ڳالهين جو رڳو بهانو ڪندا آهن، پر اصل ۾ اندر ئي اندر فوجي حملي جي تياري ڪن ٿا يا وري حملي لاءِ ڪو رستو ڳولهين ٿا، جيڪا بلڪل غلط، نه مڃڻ جوڳي ۽ بي ايمانيءَ واري ڳالهه آهي. اسان ايران سان ۽ منسڪ (Minsk) معاهدي جي صورت ۾ به اولهه وارن کي ائين ئي دوکو ڪندي ڏٺو. جيئن توهان کي ياد هوندو ته ڪجهه سالن کانپوءِ ان معاهدي تي صحيحون ڪندڙن ڏاڍي فخر سان چيو هو ته: “اسان جو ته ان معاهدي تي عمل ڪرڻ جو ڪو ارادو ئي نه هو.” هنن جو چوڻ هو ته ڀلي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ان کي منظور ڪيو هجي، پر اسان ڪجهه ڪرڻ نٿي چاهيو؛ اسان رڳو ڳالهين جو ڊرامو ڪري وقت پئي گذاريو ته جيئن يوڪرين جي حڪومت کي هٿيار ڏئي روس خلاف جنگ لاءِ تيار ڪري سگهون. اولهه وارن گڏجي اها جنگ تيار ڪئي ۽ آخرڪار روس مٿان مڙهي ڇڏي ۽ يقينن اسان اهڙي دوکي بازي ڪڏهن به برداشت نٿا ڪري سگهون. اسان جي صدر ولاديمير پيوٽن کي اهي ڪيترائي بدترين تجربا ياد آهن جيڪي اسان گذريل ويهن سالن کان اولهه وارن ملڪن سان لاڳاپا رکي حاصل ڪيا آهن. ان ڪڙي تجربي مان سکڻ کانپوءِ هاڻي اسان وڌيڪ سختيءَ سان اهو مطالبو ڪنداسين ته دنيا جا سمورا ملڪ بين الاقوامي قاعدن ۽ قانونن جي عزت ڪن. توهان کي خبر آهي، اسان جي هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اسان پنهنجي ڪجهه مسلمان ۽ عرب دوستن کان پڇيو ته: “ڇا توهان واقعي ائين ٿا سوچيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل حملا نه ڪن ها ته ايران نار جي عرب ملڪن تي حملو ڪري ها؟” ڇو ته جيڪڏهن تاريخ پڙهي وڃي ته ماضيءَ ۾ ايران ڪڏهن به پاڻمرادو ڪا جنگ جي شرعات ناھي ڪئي، بلڪه هميشه مٿس ئي جنگيون مڙهيون ويون آهن، جيڪو هن صديءَ جي شروعات ۽ گذريل صديءَ ۾ ٿيو. ها، ماڻهو ‘پراڪسي’ جنگ جي ڳالهه ڪن ٿا، پر ان لفظ کي ڇڏي جيڪڏهن ڏسجي ته خطي جو هر ملڪ پنهنجن پاڙيسري ملڪن تي پنهنجو اثر وڌائڻ چاهيندو آهي ۽ اهو هر ملڪ جو هڪ قدرتي عمل آهي. پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ واري ان ڳالهه ۾ عرب ملڪ به ڪي الڳ ناهن ۽ نه ئي ايران ڪو الڳ آهي، سڀ ائين ڪندا آهن. عرب دوستن کان اسان کي ان ڳالهه تي اهو جواب مليو ته: “نه، ايران ته بس اسان تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ۽ رڳو ڪنهن بهاني جي ڳولها ۾ هو.” پر مون کي ٻڌايو ته ڪهڙو بهانو؟ ڇا آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جو بهانو؟ مطلب ته ڇا ايران ڄاڻي واڻي اهو انتظار پئي ڪيو ته پهريان مٿس آمريڪا ۽ اسرائيل حملا ڪن ۽ پوءِ هو ان جو فائدو وٺي خوشيءَ سان پنهنجن پاڙيسري عرب ملڪن تي حملا ڪري سگهي؟ ظاهري ڳالهه آهي ته هي بلڪل بيوقوفيءَ وارو ۽ سادو دليل آهي جنهن ۾ ڪا به سچائي ناهي. ايران جو عرب ملڪن تي حملو ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه هو. حقيقت ته اها آهي ته ايران پاڻ عرب ملڪن سان گڏجي خطي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هڪ گڏيل نظام ٺاهڻ جي ڳالهين ۾ سرگرم هو. روس ۽ چين به امن جي ان ڳالهه جي حمايت ڪئي ۽ ايران پاڻ به ان لاءِ سٺيون تجويزون ڏنيون هيون. امن ۽ دوستيءَ جي هن رستي تي هلڻ جا مڪمل امڪان تڏهن پيدا ٿيا هئا جڏهن ڪجهه سال اڳ چين جي مدد سان سعودي عرب ۽ ايران پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪيا هئا ۽ هڪٻئي جي ملڪن ۾ پنهنجا سفارتخانا کوليا هئا. ان سلسلي ۾ دوحا ۾ عرب ملڪن ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي پهرين باضابطه ملاقات به ٿي هئي.