ايڊيٽوريلنئون

پاڪستاني صنعتون سستي توانائيءَ تي منتقل ٿيڻ لڳيون

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن کي قدرت ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي زرخيز زمين، چار موسم، آبپاشي جو قدرتي نظام. ان کان علاوه پاڪستان جو محنت ڪش ۽ ذهين نوجوان. انهن سڀني نعمتن جي باوجود اسان جو ملڪ خراب گورننس جي ڪري 79 سالن جي عمر پوري ڪرڻ باوجود پنهنجن پيرن تي نه بيهي سگهيو آهي.  ان جو سبب اسان جي ملڪ ۾ توانائيءَ جي کوٽ به آهي.

توانائي جو مهانگو هجڻ جي ڪري اسان وٽ اڄ ڏينهن تائين صنعتي ترقي هڪ خواب بڻيل آهي. ٻاهرين ملڪن کان ڪيتريون ئي ڪمپنيون هتي اچي سيڙپ ڪن ٿيون، پر جلد ئي حالتن کان مجبور ٿي انهن کي هتان پنهنجا ڪاروبار ويڙهي وري ٻين ملڪن ۾ وڃي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻو پوي ٿو. وقت جي تبديل ٿيندڙ رجحانن ۽ سائنس جي ترقي جي ڪري پاڪستان جي صنعتن جي لاءِ هڪ اميد جاڳي آهي ته اهي هاڻي مڪمل طور تي حڪومت جي پيدا ڪيل توانائي تي ڀروسو ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجا بجليءَ جا سولر پلانٽ لڳائي پنهنجون صنعتون هلائي سگهن ٿا، جنهن ۾ هڪ دفعي جي سيڙپ کانپوءِ انهن کي مستقل سستي بجلي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي ملڻ ممڪن ٿي وئي آهي.

2024ع کان سولر بجلي جي ڪل پيداوار ملڪ جي توانائي جي پيداوار جو 14 سيڪڙو حصو بڻجي وئي آهي. جڏهن ته 2025ع ۾ ان جي شرح 25 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ان جو سبب هڪڙو ته سستي چيني سولر ٽيڪنالاجي ۽ قدرت طرفان اسان جي ملڪ کي فراهم ڪيل سٺي اُس آهي. شروع ۾ سولر توانائي گهرن تائين مقبوليت حاصل ڪري ننڍن آبادگارن ۾ مقبول ٿي وئي ۽ انهن پنهنجي ضرورت جو ڪم سولر توانائي تي منتقل ڪيو، پر هاڻي صنعتون به هن مهانگائي جي دور ۾ پنهنجي لاءِ سولر جهڙو سستو ۽ هر وقت مهيا متبادل ڳولهي ان لاءِ وڏا قدم کڻي رهيون آهن، جنهن ۾ انٽرنيشنل اسٽيل 6.4 ميگاواٽ جو سولر پروجيڪٽ لڳائي رهيو آهي، ديوان سيمينٽ 6 ميگاواٽ ۽ ڪوهنور ملز 7.2 ميگاواٽ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي. هڪ صنعتڪار جو چوڻ آهي ته شمسي توانائي ڏانهن رجحان صرف مهانگي بجلي جو هجڻ نه آهي، بلڪه مختلف ليويز ۽ سپر ٽيڪسن سان گڏوگڏ سرڪاري ادارن ۾ بدعنواني جي ڀرمار سبب صنعتن کي سولر توانائي تي وڃڻو پوي پيو.

شمسي توانائي جي استعمال سان گرڊ جي بجليءَ جي طلب ۾ ڪمي اچي رهي آهي، جنهن سان حڪومت جو گردشي قرض (سرڪلر ڊيٽ) وڌي رهيو آهي، جيڪو هن وقت 20 کرب 60 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي. جنهن جي لاءِ حڪومت 10 کرب 20 ارب رپيا بينڪن کان قرض وٺڻ لاءِ منصوبو ٺاهيو آهي. پاڪستان ۾ توانائي جون قيمتون دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، جنهن سبب ڪيتريون ئي ڪمپنيون وري ٻيهر استعمال ڪرڻ جهڙي توانائي (رينيو ايبل) جي آپشن کي استعمال ڪرڻ طرف تيزيءَ سان قدم وڌائي رهيون آهن. هڪ ته سولر توانائي سان ماحول کي گهڻو فائدو پهچندو، پر گڏوگڏ توانائيءَ جي کوٽ جي ڪري اسان جو صنعتي ڍانچو جيڪو مستقل طور تي توانائي جي اگهن ۾ اضافي ۽ توانائيءَ جي کوٽ سبب سال جو هڪ وڏو حصو بند رهي ٿو، ان مشڪل صورتحال مان نڪري ايندو. ان سان صنعتن کي ڪافي فائدا ٿيندا.

هڪ ته سندن صنعت بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هلندي رهندي، سندن توانائي جي مد ۾ جيڪو خرچ ٿئي ٿو اهو ڪافي گهٽجي ويندو جنهن سان تيار ٿيل مصنوعات جي قيمت گهٽجي ويندي ۽ اميد آهي ته ان جو فائدو صارف کي ڏنو ويندو. اميد ٿي ڪجي ته حڪومت ان سڄي نئين مانڊاڻ کي مثبت رخ ۾ ڏسي پنهنجون پاليسيون عوام دوست ۽ صنعت دوست ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي. ايئن نه ٿئي ته اسان جي حڪومت هميشه وانگر سولر، انفرااسٽرڪچر لڳائڻ تي وڏا وڏا ٽيڪس مڙهي ان کي صنعتڪارن جي لاءِ لڳائڻ مشڪل ڪري ڇڏي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اهو عوام، صنعتڪار ۽ هن ملڪ سان دشمني ٿيندي. حڪومت کي گهرجي ته سولر توانائي کي پاڪستان جي مستقبل لاءِ اهم سمجهي عوام کي ننڍا قرض ڏئي توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ خود مختيار بڻائي ته جيئن توانائي جو مسئلو ملڪ مان حل ٿي وڃي ۽ حڪومت وري ملڪ جي ترقي لاءِ ٻئي رخ ۾ ڪم ڪندي پنهنجو سڄو انفرااسٽرڪچر جوڙي نون شعبن ۾ ترقي ڪري هن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لائق بڻائي.