فڪر لطيف ۽ سيڪيولر اديب
انساني تاريخ ۾ هر دور پنهنجي فڪري آزمائشن، سماجي بحرانن، ۽ روحاني ڳجھن سان ڀريل رهيو آهي. جڏهن ته جديد زماني ۾ سيڪيولرزم، لادينيت، ملحدانه سوچ ۽ وجوديت جهڙا رجحان انسان جي شعوري آزادي، عقل پرستي ۽ فلسفياڻي فڪر جو مظاهرو آهن، اُتي صوفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري انهن سڀني رجحانن جي مقابلي ۾ هڪ روشن رستي جي علمبردار آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام زندگيءَ جو معيار قرآن مجيد جي حڪمن، رسول صلي الله عليه وسلم جي اسوه حسنه ۽ واحد الله جي توحيد تي ٻڌل قرار ڏئي ٿو، جيڪو سيڪيولر يا وجودياتي سوچ جي روحاني ۽ اخلاقي خلا کي مڪمل طور ڀريندو آهي.
قرآن مجيد ۽ زندگي جو معيار: شاھ عبداللطيف جي شاعري ۾ بار بار اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انسان جي زندگي کي نظم ۽ ترتيب ڏيڻ جو سڀ کان بهترين معيار قرآن پاڪ آهي. چوي ٿو.
سي پُوڄارا پُر ٿيا سمنڊ سيوو جن
آندائون عميق مان جوتي جواهرن
لڌائون لطيف چئي لعلون مان لھرن
ڪانھي قيمت تن ملھ مهانگو ان جو
سندس بيتن ۾ نه رڳو خدا جي وحدانيت جو ذڪر ملندو آهي، پر انهن آيتن جو عملي ۽ اخلاق سان واسطو پڻ واضح ڪيو ويو آهي.
ووڙيم سڀ وٿاڻ ياد ڪارڻ جت جي
والله بڪل شي محيط اي آرياڻي اھڃاڻ
ڇو وڃي وڻڪار ھت نه ڳولئِين هوتَ کي
لطيف سائين انسان کي اها تلقين ڪندا آهن ته قرآن فقط پڙهڻ يا ٻڌڻ لاءِ ناهي، پر ان ۾ بيان ڪيل اخلاقي، سماجي ۽ روحاني اصول عملي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪرڻ ضروري آهن. فرمائي ٿو.
وحده لاشريڪ له چئو چوندو آء
فرض واجب سنتون تنئون ترڪ م پاء
توبه سندي تسبيح پڙھڻ سان پڄاء
نانگا پنھنجي نفس کي ڪا سنئين راھ سھاء
پريان سندي ڳالهڙي ھنئين سين لاءِ
ته سندي دوزخ باھ تو اوڏيائي نه اچي
مثال طور، شاھ لطيف بيان ڪن ٿا ته انسان کي هر حال ۾ صبر، شڪر، عاجزي ۽ نيڪي جو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو قرآن پاڪ جي حڪمن جي روشني ۾ ئي ممڪن آهي. هن نقطي نظر کان قرآن هڪ زندگي گذارڻ جو مڪمل معيار بڻجي وڃي ٿو، جيڪو انساني دلين کي فڪر، جذبي ۽ روحانيت سان ڳنڍيندو آهي.
رسول صلي الله عليه وسلم جي اسوه حسنه: شاھ عبداللطيف جو فڪر رڳو ڪتابي تصوف تائين محدود نه آهي، پر اهو رسول صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ کي عمل جو بهترين نمونو قرار ڏين ٿا. ڀٽائي چوي ٿو:
وحده لاشريڪ له جن اتوسين ايمان
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي قَلبَ ساڻ لسان
اوء فائق ۾ فرمان اوتڙ ڪنھن نه اوليا
ھڪ ٻئي ھنڌ لطيف سائين چوي ٿو ته زندگيءَ ۾ هر انسان کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي عملن ۾ رسول صلي الله عليه وسلم جي صفات ۽ اخلاق کي اپنائڻو پوندو.
اهو صرف عبادت يا مذهبي رسمون پوريون ڪرڻيون ناهن، پر سچائي، عاجزي، انصاف، شفقت، صبر، ۽ محبت کي روزمره جي زندگي ۾ جِيئڻ آهي. جڏهن انسان پنهنجن عملن کي حق ۽ سچ جي اصولن سان هم آهنگ ڪري ٿو، تڏهن زندگيءَ جي هر آزمائش، در در جي ٺوڪرن ۽ مصيبتن مان ڇوٽڪرو ملي ٿو ۽ روشني ۽ سک حاصل ٿي سگهي ٿو.
توحيد: واحد الله جو عقيدو: شاھ عبداللطيف جو ڪلام سڀ کان وڌيڪ توحيد تي زور ڏئي ٿو. سندس بيتن ۾ بار بار اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته واحد الله کي مڃڻ ۽ ان جي عبادت ڪرڻ انساني زندگيءَ جو بنيادي مقصد آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو.
زيئون زاھد سين پختا ٿيا پچي
ڪڍي ڇڏيائون ڪڙھ مان ڪوجھي ڳالھ ڪچي
ابتا عبادت ۾ مانجھي مست مچي
وما خلقت الجن والانس سھڻو سڌ سچي
اڪنڊ سان اچي گرکي گڏيا ڪاپڙي.
توحيد جو فلسفو انسان جي دل ۾ عجز ۽ عاجزي پيدا ڪري ٿو. جڏهن انسان سمجهي ٿو ته سڀ ڪائنات جو خالق هڪ ئي آهي، ته هو نه صرف ٻين جي حقيقي قدر کي مڃي ٿو، پر پنهنجي زندگيءَ ۾ به نيڪي، عاجزي ۽ ايمانداري کي ترجيح ڏئي ٿو. شاھ عبداللطيف چوي ٿو:
ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لَکَ لَڳَنِ
آڱر آڱوٺي نه مڙي ڇپيو پير ڇنن
ويندي ڏانھن پِرِيَنِ جُتِي جاتِ نه پائِيان
يعني انساني زندگي جي هر امتحان ۾، روحاني توحيد انسان کي استقامت، سک، ۽ حقيقي آزادي ڏئي ٿي، جيڪا سيڪيولر يا وجودياتي سوچ ۾ موجود ناهي.
سيڪيولرزم ۽ وجوديت جي نفي: سيڪيولرزم، لادينيت ۽ وجوديت جا بنيادي اصول انساني زندگي ۾ روحاني پابندي ۽ اخلاقي ضابطن جي نفي ڪن ٿا. انهن فلسفن ۾ زندگي کي يا ته بي معنيٰ ۽ خالي قرار ڏنو ويندو آهي، يا هر انسان کي صرف پنهنجي مرضي ۽ خواهشن تي ڀروسو ڪرڻ جو حوصلو ڏنو وڃي ٿو.


انساني تاريخ ۾ هر دور پنهنجي فڪري آزمائشن، سماجي بحرانن، ۽ روحاني ڳجھن سان ڀريل رهيو آهي. جڏهن ته جديد زماني ۾ سيڪيولرزم، لادينيت، ملحدانه سوچ ۽ وجوديت جهڙا رجحان انسان جي شعوري آزادي، عقل پرستي ۽ فلسفياڻي فڪر جو مظاهرو آهن، اُتي صوفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري انهن سڀني رجحانن جي مقابلي ۾ هڪ روشن رستي جي علمبردار آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام زندگيءَ جو معيار قرآن مجيد جي حڪمن، رسول صلي الله عليه وسلم جي اسوه حسنه ۽ واحد الله جي توحيد تي ٻڌل قرار ڏئي ٿو، جيڪو سيڪيولر يا وجودياتي سوچ جي روحاني ۽ اخلاقي خلا کي مڪمل طور ڀريندو آهي.