مختصر تعارف: غلام حسين ميمڻ گذريل چاليهن ورهين کان ٻارن جي ادب ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ عملي طور ڪم ڪري رهيو آهي. پنهنجي ادبي سفر جي شروعات اخبارن ۾ خطن ۽ مضمونن لکڻ سان ڪيائين. پوءِ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ لڳو، جيڪي “همدرد”، “نونھال”، “تعليم و تربيت”، “ذوق و شوق”، “شاباش” ۽ “ڦول” جهڙن مشهور رسالن ۾ شايع ٿيا.
ٻارن جي ادب سان گڏوگڏ وڏن لاءِ به لکيائين. سندس مضمون “اردو ڊائجسٽ”، “عملي سائنس”، “رابطه” ۽ “ماهِ نو” جهڙن رسالن جي زينت بڻيا. “ماهنامه سرگزشت” ۾ محترمه فاطمه جناح، حڪيم محمد سعيد، صديق سالڪ، شهيد ملت لياقت علي خان ۽ نواب بهادر يار خان بابت تفصيلي سوانحي خاڪا لکيائين. ادبي سفر دوران کيس ڪيترين ئي ناميارين شخصيتن سان ملڻ ۽ کانئن رهنمائي حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو، جن ۾ سيد مسعود احمد برڪاتي، اشتيـاق احمد، پروفيسر عنايت علي خان ڊاڪٽر غلام مرتضى ملڪ ۽ حڪيم محمد سعيد شامل آهن.
نيشنل بڪ فائونڊيشن کيس سندن تحريرن سبب لڳاتار ڇهه ورهين تائين انعامن سان نوازيو آھي. سندس ڪتابن ۾ “عددي اسلامي معلومات” ۽ “راهِ وفا ڪي مسافر” شامل آھن جيڪي پڻ مٿي ذڪر ڪيل اداري شايع ڪيا آھن، ان سان گڏوگڏ سندس اٺ نصابي ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن، جيڪي اقرا اڪيڊمي پهرين کان اٺين جماعت تائين لاءِ شايع ڪيا آھن. آرمي پبلڪ اسڪول جي اردو نصاب جي ڪتاب “صريرِ خامه” ۾ سندن ٻه مضمون پڻ شامل آهن.
غلام حسين ميمڻ ڪوئز ڪامپٽيشن ۾ به ڀرپور شرڪت ڪري ڪيترائي انعام ماڻيا آھن، جن ۾ “آل پاڪستان آزادي ڪوئيز” ۾ ٽئين پوزيشن ۽ ريڊيو حيدرآباد جي اسلام آباد ۾ نمائندگي پڻ شامل آهي. ڪتابن سان محبت سبب گذريل ٽن ڏهاڪن کان لائبريرين جي حيثيت سان مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون سر انجام ڏيندو آيو آهي. بقول مختار مسعود:
“جن جو شوق سندن رزق جو ذريعو بڻجي پوي، تن کان وڌيڪ خوش نصيب ڪير ٿو ٿي سگھي!!”