انسان جي سماجي ارتقا ھڪ اھڙو ڪتاب آھي، جنھن جي مطالعي سان انسان جي شروعاتي زندگي جي ته خبر پوي ٿي، پر ٻي به ڪافي ڄاڻ ملي ٿي پڙھڻ سان ذھن ۾ انيڪ سوچون ۽ سوال اڀرن ٿا. ڪتاب ۾ 128 صفحا آھن ۽ ڇھه باب اٿس. ارپنا کانپوءِ موضوع شروع آهي، نه مھاڳ، نه پنھنجي پاران ھن ننڍڙي ڪتاب ۾ ليکڪ انسان جي ارتقا سان گڏ ان جي تاريخ به شاندار نموني بيان ڪئي آهي، زرعي انقلاب جي ھڪ بھترين نموني سمجهاڻي ڏني اٿس. مختلف مذهبن جو بيان ۽ انھن جو عقيدو ڪھڙو آھي اھي ڪھڙي نموني عبادت ڪن ٿا. ٿوريون ٿوريون، پر مقصد واريون ڳالهيون بھتر سمجھايون ويون آھن. يورپ ۽ ايشيائي ملڪن ۾ فرق يورپ جي ترقي جا راز ۽ ڪولمبس جي قبضي جو ھڪ دردناڪ واقعو جيڪو پنھنجي قھر سان ھڪ پوري قوم کي ھن ڌرتيءَ تان مٽائي ڇڏي ٿو ۽ ڪافي ٻين سٺن موضوعن تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. تمام سادي ۽ سٺي نموني ٻولي بيان ڪئي اٿس، جيئن عام ماڻهو سولائي سان سمجھي سگھي. ھڪ سٺي ڪتاب جي مطالعي سان وقت سجايو ٿئي ٿو ڪتاب پڙھڻ جو مزو پنھنجو آھي. جيڪڏهن ڪتاب سمجھه ۽ ڄاڻ ڏيڻ وارو ھجي پاڻ انسان جي سماجي ارتقا ڪتاب پڙھي پورو ڪيو. اھڙي ڀاڳ ڀريي ۽ نيڪ پورھئي تي ڊاڪٽر سڪندر مغل جھڙي ليکڪ کي جس ڏجي ٿو.
ڪتاب جا نوٽ ھيٺ ڏجن ٿا:
باھه انسان پاران ھٿ ڪيل پھرين گهڻ مقصدي ٽيڪنالاجي ھئي، انسان پنھنجي ارتقا جي سڀ کان طويل عرصي دوران يعني 60 لک 90 ھزار سالن تائين اھا ئي شڪاري ميوو ميڙيندڙ زندگي گذاريندو رھيو. گذريل 11 ھزار سالن کان ممڪن آهي انسان پنھنجو کاڌو پاڻ پيدا ڪيو آهي، يعني زراعت ڪرڻ گھريلو جانور پالڻ. ايشيا ۾ 8500 ق. م ڌاري زراعت جو آغاز ٿيو. سنڌو ماٿري ۾ زراعت ڏکڻ اولهه ايشيا کان ايران جي رستي پھتي، زرعي نظام شھر پيدا ڪيا، جن پورھئي جي ورهاست کي جنم ڏنو. زرعي معاشري ۾ ماڻهن ان فصل پيدا ڪندڙ زمين تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو زمين جي نجي مالڪي شروع ٿي. چيو وڃي ٿو ته سماج ۾ طبقا زرعي انقلاب جي شروعات سان پيدا ٿيا، زرعي انقلاب کانپوءِ انساني سماج ۾ پھريون ڀيرو حڪمران ۽ سرڪاري آفيسر شاھي پيدا ٿي، زراعت جي شروع ٿيڻ سان سماج ۾ ماڻهن کي غلام رکڻ جي به شروعات ٿي. زراعت جي ايجاد سان انسان آئندي جي باري ۾ به سوچڻ شروع ڪيو ڏھه ھزار سال اڳ ڪڻڪ ٻين ڪيترن گاھن مان فقط ھڪ جھنگلي گاھه ھئي. عالمي پئماني تي ڪڻڪ ڌرتي جي گولي جي مٿاڇري جو 22 لک 50 ھزار چورس ڪلو ميٽر والاري ٿي، جيڪا برطانيا جي سائيز کان ڏھوڻي آھي. ڪڻڪ اٽڪل 9000 ق. م ۾ پوکڻ شروع ٿي، چڻا ۽ داليون 8 ھزار سال ق. م ڌاري، زيتون جا وڻ 5 ھزار ق م ۾، انگور 3500 ق. م ۾ شروع ٿيا. گھوڙو 4 ھزار ق م ۾ پاليو ويو، 3500 ق. م تائين جانورن ۽ ٻوٽن کي پالتو بنائڻ جي لھر ختم ٿي وئي. اڄ به اسان جي کاڌي جون 90 سيڪڙو ڪيلريون انھن ٻوٽن مان حاصل ٿي رھيون آھن، جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن 9500 ق. م ۽ 3500 ق. م جي وچ ۾ گھريلو بڻايا ھئا. 2250ق. م ڌاري عظيم پھرين شھنشاھ سارگون ايڪيڊيان نالي پھرين سلطنت قائم ڪئي. 1000 ۽ 500 ق م ڌاري پھريون مھا سلطنتون وچ اوڀر ۾ نمودار ٿيون. 1492ع تائين نئين دنيا جي ماڻهن اٽڪل 2000 ٻوليون ڳالهايون ٿي، روس جي ڏاکڻي علائقي جا خانابدوش ماڻهو ٻن ٽولن ۾ورهائجي ويا جن جو ھڪ ٽولو ايران ۾ رھائش پذير ٿيو جن زردشت مذهب جو بنياد وڌو ۽ ٻيو ٽولو واديءَ مھراڻ ۾ 15 يا 17 صديءَ ق. م ۾ رھائش پذير ٿيو ۽ پاڻ کي آريا سڏائڻ لڳو. مھا ڀارت راجا ڀرت جي خلاف ڪوروئن ۽ پانڊوئن سئوٽن وچ ۾ تخت تي جنگ جو قصو آھي. ڪائنات 14 ارب سال اڳ پيدا ٿي ۽ اڃان پکڙجي رھي آھي. انسان جي تھذيب جي تاريخ رڳو 10، 12 ھزار سال پراڻي آھي، لکت جي صورت ۾ اھا رڳو 5 ھزار سال پراڻي آھي. اڄ کان 70 ھزار ۽ 30 ھزار سالن وچ ۾ انسانن ۾ سوچڻ ۽ ھڪٻئي سان رابطو قائم ڪرڻ جا نوان طريقا نمودار ٿيا جن کي گڏي سمجھه جو انقلاب سڏيو وڃي ٿو. عالمي طاقت جو مرڪز يورپ ڏانهن رڳو 1750ع ۽ 1850ع وچ ۾ منتقل ٿيو. آمريڪا جي دريافت سائنسي انقلاب جو بنياد وجهندڙ ھڪ واقعو ھو يورپين کي ان کان اڳ آمريڪا جو ڪوبه پتو نه ھو.