بلاگنئون

ڪشمير مسئلي جي شروعات

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير جو مسئلو نھايت پراڻو ۽ ڏاڍو پيچيده رھيو آھي. ھي مسئلو ٽن رياستن يعني ھندستان ڪشمير ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 1947 کان ھلندڙ آھي. مختلف وقتن ۾ ھن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سگھارين طاقتن ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون، پر ھن وقت تائين ڪوبه خاطر خواھ حل نه نڪري سگهيو آهي. 1947ع ۾ جڏھن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ته ان وقت ئي ڪشميري حڪمران مھاراجا ھري سنگھه کي ٻنهي رياستن مان ڪنهن هڪ رياست سان ڳنڍجڻ لاءِ چيو ويو ھو، پر ھري سنگھه ڪوبه مھلائتو فيصلو نه ڪري سگهيو ھو، جنھن تي پاڪستاني قبيلن طرفان ڪشمير تي حملو ڪيو ويو ته مھاراجا ھري سنگھه ھندستان سان بچاءُ خاطر معاهدو ڪيو، جنهن تي ڀارت پاڪستان خلاف ڪشمير ۾ فوجون موڪلي جنگ جي شروعات ڪئي.

1949 ۾ يونائيٽيڊ نيشنز UNO جي مداخلت سان جنگ بندي ڪئي وئي ۽ ڪشمير کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. ھڪ حصو ڄمون ۽ ڪشمير ڀارت کي ڏنو ويو ۽ ٻيو حصو گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير پاڪستان کي ڏنو ويو. دنيا سمجهيو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويو، پر ھن مسئلي ٻيھر ڪر کنيو ۽ 1965 ۽ 1971 ڌاري ٻنهي ملڪن ۾ جنگيون وڙھيون ويون، پر ڪشمير جي آزادي ۽ خود مختياري جو سوال پنهنجي جاءِ تي قائم رھيو. ان کان علاوه به پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير جي ڪري وقت بوقت ڪيتريون ئي جهڙپون ٿينديون رھيون آھن ۽ شايد ٿينديون به رھنديون، جنهن ۾ ڪيترن ئي بي گناھن جو خون وھندو رهندو، جيڪا ھڪ افسوس جوڳي ڳالهه آهي. سگھارين قوتن کي ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي پائماليءَ تي سَکڻن بيانن کان اڳتي نڪري ڪو نه ڪو عملي ۽ خاطر خواھ حل ڪڍڻ گهرجي. ٽنهي ملڪن جو فائدو به ان ۾ ئي آھي. جيڪڏهن ڪشمير ٻنهي ملڪن مان ڪنھن سان به ڳنڍجڻ نٿو چاھي ته سندس عوام جي منشا مطابق کيس ھڪ الڳ رياستي حيثيت ڏني وڃي. ان سان نه صرف ايشيائي ملڪن ۾ امن جو قيام ٿيندو، پر پاڙيسري ملڪن ۾ ھڪٻئي سان واپار جو ھڪ نئون دور پڻ شروع ٿيندو.