سائين جوھر بروھي سان منھنجي آخري ملاقات 26 جون 2025ع تي درگاھ امروٽ شريف ۾ ٿي, جيڪا آخري ڪچھري ثابت ٿي. ان کان ڏھاڪو سال اڳ مان پنھنجي استاد محترم سائين سيد رفيق احمد امروٽي صاحب سان گڏ مولانا جوھر بروھي صاحب ڏي ويس. پھريون ڀيرو سنڌ جي نالي واري اسلامي شاعر سنڌي ادب جي معتبر اديب محقق نقاد اسي ڪتابن جي ليکڪ عالم شاعر سان روبرو ملاقات ٿيڻ تي مان ڏاڍو خوش ٿيس. مولانا جن منھنجي نالي کان به خوب واقف ھئا، فرمايائون ڀائو ياسين توھان جي شاعري به تمام سٺي آھي مان ڪيسٽن ۾ ٻڌندو رھندو آھيان ۽ سنڌي اخبارن توڙي رسالن ۾ پڻ پڙھندو رھندو آھيان. مولانا جن اسان جي پرتڪلف ماني ڪئي تفصيلي ڪچھري ٿي سائين جن روبرو پنھنجي علمي، ادبي زندگي جو احوال ڏنو ۽ ڇپيل انٽرويو به ڏنا ۽ ڪجهه ڪتاب به ڏنائون. فوٽو سيشن ٿيو، اسان شام ڌاران اتان واپس ٿياسين۔ وري ڪجھ سال اڳ سندن برادر عبدالسميع بروھي جي اوچتي وفات تي وٽس تعزيت لاءِ ڪھي وياسون. ھن ڀيري سفر ۾ سائين رفيق احمد امروٽي صاحب، شاعر اسلام عبدالرحمان المعروف غازي جمالي ۽ محترم نعت خوان نعمت الله سولنگي صاحب جن گڏ ھئا۔
وري ٽيون ڀيرو اسان مولانا جوھر بروھي صاحب ڏي فريد آباد وياسين ته مون سان گڏ پرفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب ۽ سندس سئوٽ به گڏ ھو. انھن ڏھن سالن ۾ موبائيل ذريعي وقت بوقت ڳالھ ٻولھ ٿيندي رھندي ھئي. منھنجي نعتيه شاعري جي ھڪ ڪتاب ”درود توتي سلام توتي” جو مھاڳ به لکيو ھئائون، جيڪو 2019ع ۾ ڇپيو ھو۔
منھنجي ھڪ ٻئي ڪتاب ”حمديه نعتيه مشاعرو امروٽ شريف” تي به تاثرات لکي ڏنائون۔ مان ننڍي ھوندي کان وٺي مولانا جوھر بروھي جي اسلامي شاعري الحاج امدادالله ڦلپوٽو صاحب جي آواز ۾ آڊيو ڪيسٽن ۾ ٻڌندو ايندو ھئس۔ منھنجي ڪنن تي ان جو جيڪو پھريون شعر پيو اھو هي آهي:
” تنھنجي قدرت قرب ڪمال اڳيان حيران ھزارين مان نه رڳو۔
ھر شام سحر سو حمد پڙھن انسان ھزارين مان نه رڳو“
اھو شعر واليم ٤٢ ۾ مان نه رڳو جي يادگار اسپيشل واليم ۾ شامل ھو۔ حاجي صاحب جي ڪيسٽ ۾ به مولانا جوھر بروھي جو اھو پھريون شعر ھو۔ مولانا صاحب نه ڪو زميندار ھو نه ڪو واپاري ھو نه سياستدان ھو نه ڪو ڪروڙ پتي ھو، ھو ھڪ مسڪين غريب شھري ھو، پر سنڌ جو مشھور ناميارو اسلامي شاعر سنڌي ادب جو روشن ستارو اسي ڪتابن جو ليکڪ شاھ ڀٽائي جو شارح قومي سيرت ايوارڊ يافته پاڪستان اڪيڊمي ادبيات پاران ايوارڊ يافته سنڌي لينگيئيج اٿارٽي ۽ بلوچستان ادبي اڪيڊمي پاران ايوارڊ يافته سڄي سنڌ ۾ پنھنجي حمديه نعتيه شاعري جي ڪري بيحد مقبول ھو۔ ان مان معلوم ٿيو ته دولت، ملڪيت، زمينون زر زيور ۽ سياست عزت ۽ شھرت جو سبب نه آھن، بلڪه علم ادب فن ئي ماڻھو کي شھرت ۽ عزت ڏياري ٿو. ھو جيترو وڏو شاعر ھو ايترو وڏو عالم ھو، محقق مصنف مرتب ۽ نثرنگار سيرت نگار ۽ سوانح نگار ھو. سنڌ جي بزرگن ۽ عالمن جي منظوم توڙي نثري سوانح حيات جيتري مولانا جوھر بروھي لکي ڇپائي اوترو سنڌ جي ڪنھن به شاعر نه لکي. مولانا جوھر بروھي سائين عبدالڪريم قريشي ٻير واري بزرگ جو ته بيحد عقيدمند ھو۔ ان جي ئي حڪم تي قرآن پاڪ جي معنيٰ کي سمجھڻ جو ڪتاب ڪريم اللغات لکي ڇپايائون۔ جنھن جي ھڪ ڪاپي مونکي به عنايت ڪيائون۔
مولانا جوھر بروھي اسانجي ادبي اسلامي لڏي جو اھو واحد اسلامي شاعر آھي جيڪو اخبارن توڙي رسالن ۾ ڏاڍو ڇپيو جنھن سان ادبي رھاڻيون ۽ شامون ملھايون ويون جنھن جا جنم ڏينھن صوبائي سطح تي ملھايا ويا. اھي رپورٽون ۽ تصويرون، مقالا ۽ پروگرام اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. ايترو ڪوبه اسلامي شاعر نه ڇپيو جيترو مولانا جوھر بروھي ڇپيو. ھو حمد ۽ نعت جو شھنشاھ شاعر ته ھو ئي ھو، پر سچ، سونھن، ڌرتي ۽ انسانيت جو به ٺاھوڪو شاعر ھو. ثقافتي ڏڻن، ڪينالن خلاف، ڪالا باغ ڊيم خلاف ۽ معاشرتي ڏاڍ ۽ جبر خلاف به ڏاڍو سٺو ۽ ججھو لکيائين۔ کيس نعتيه ڪتاب روشني ئي روشني تي سال 2004 ۾ قومي صدارتي سيرت ايوارڊ به مليو. پاڪستان ادبيات اڪيڊمي اسلام آباد پاران براھوي شاعري تي کيس ايوارڊ مليو. بلوچستان بلوچي ادبي فورم پاران کيس ايوارڊ مليو، براھوي حمد و نعت تي مبني ڪتاب روشنائي به ڇپيو ۽ سندس براھوي شاعري تي مبني ڪيسٽ البم “زباد” نمبر ون جي نالي سان الحاج امدادالله صاحب جن رڪارڊ ڪئي. سائين سنڌي ادبي سنگت ميھڙ جو ميمبر، سيڪريٽري ۽ ھن وقت ڪائونسلر ھو. مونکي ويھارو سال اڳ خبر پئي ته سندس اصل نالو عبدالقيوم ساسولي بروھي آھي، جوھر بروھي جي نالي سان لکي ٿو. مان جن اسلامي شاعرن جي شاعري شوق سان ٻڌندو يا پڙھندو آھيان انھن ۾ سائين سيد رفيق احمد امروٽي، سائين نثار بزمي، سائين سليم ڳاڙھوي، مولانا عبدالله “عبد” چانڊيو، مولانا عبدالغني، منصور سيال، ڊاڪٽر عبداللطيف قمر لغاري، مرحوم مولانا نورالدين مسرور، مولانا جوھر بروھي، ۽ مرحوم عبدالسميع گانگھرو شامل آھن. يعني مولانا جوھر بروھي منھنجي پسنديده شاعرن ۾ شامل آھي۔ مولانا جوھر بروھي کان مون ويھ ڏينھن اڳ جڏھن شاعري جي نئين ڪتاب شايع ڪرڻ بابت پڇا ڪئي ته سائين مونکي مرڪي فرمايو ته ادا محمد ياسين!! جڏھن جواني ھوندي ھئي ته ھڪ دفعي ھڪ ڏينھن ۾ ئي شاعري جو ھڪ ڪتاب لکيو ھئم. ائين ٻي دفعي به اتفاق ٿيو جو ڪو ڪتاب ھڪ ئي ڏينھن ۾ لکي پورو ڪيم. پيارا ھاڻي ضعيفي ۽ بيماري سبب لکڻ فيئر ڪرڻ اتارڻ ڏکيو لڳي ٿو. سائين 29 جنوري 1950 تي تعلقي پنوعاقل جي ڳوٺ سانگي ٿريچاڻي شريف ۾ محترم مولانا عبدالڪريم ذبيح ساسولي بروھي جي گھر ۾ ڄاوا۔ سندن والد ٿريچاڻي جي مدرسي ۾ استاد ھو. سندن وڏا اصل کيرٿر جبل بلوچستان جا ھئا. جوھر بروھي جو ڏاڏو محمد صالح بروھي بعد ۾ فريد آباد ميھڙ ۾ لڏي اچي ويٺو. پيءُ جي وفات بعد جوھر صاحب کي سندس چاچي محمد يوسف مدرسن ۾ ديني تعليم ڏياري، کيس ستر جي ڏهاڪي ۾ جامعيه اشرفيه سکر مان درس نظامي جي سند ملي. ھاءِ اسڪول ميھڙ مان ميٽرڪ پاس ڪيائون۔ سال 1972ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتو۔ سنڌي، اردو، فارسي ۽ براھوي زبانن ۾ لکندا رھيا۔ نظم ۽ نثر ۾ ڀرپور لکيو ۽ ڇپيو قطع تاريخ ماده يعني علم ابجد جا به ماھر ھئا۔ سندس اسي کن لکيل ڪتاب ڇپيل آھن جن مان ڪجھ جا نالا ھي آھن، غزل رنگ، ڀٽائي نمبر، تنھائي، منزل، روشني ئي روشني، روشنائي، چلتن، گوربام، زراب، زم زم، ختم نبوت، اتم انسان، امام العصر سائين ٻير وارو، شاھ گودڙيو، مٺو مير مدني، ورند جو ڪلام، گلدسته سنڌ، گوريچ، ڊڪار، سيرت رحمت اللعالمين، مقالات جوھر، فريد، حيات اقبال، سھيل، ڪاروان، غازي، فيض، بلسم، سوغات، بشام، آدينڪ، تاجل، بيدل بيڪس جي شاعري جو ترجمو شاھ جي ٻارھن سرن جو براھوي ٻولي ۾ ترجمو، ڪريم اللغات، ڪاڇي پئي ڪوڪ، ڪتاب رنگ، فارسي زبان ۾ لکيل ڪتاب شوريده سري، داستان، شڪرڦل، حرفتن خوشبو، الله اڪبر، احوال غم، دردانه، شيموش، مرثيه، شاد و زباد، طوبيٰ، نارند، لولي ۽ لطيفي تنوار وغيره شامل آھن۔ ڀٽ شاھ لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ ادبي شيلڊ ڏني وئي۔ ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جو باني ۽ روح روان رھيو. غزل جو ڀلوڙ ۽ پھرين جوڙ جو شاعر ھو۔ سندس شاھوڪار غزل ٽماھي مھراڻ جي ستر واري ڏھاڪي کان آخري وقت تائين شايع ٿيندا رھيا۔ ڪاوش اخبار ۾ مضمون ۽ شاعري ڏاڍي ڇپي. امداد حسيني، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ علامه، غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، آزاد انور ڪانڌڙو، راشد مورائي، سيد گل محمد شاھ بخاري، سيد رفيق احمد امروٽي، يوسف سنڌي ۽ تاج جويو صاحب سميت ڪيترن ئي اديبن عالمن سان سندس سنگت ھئي. علي دوست عاجز، محسن چانڊيو، سرمد بروھي سميت ڪافي نوجوانن جو شاعري ۾ استاد رھيو. شاعري جي سبب ھر پڪو پوڙھو، پيرسن سندس مداح آھي۔ سنڌ بلوچستان ۾ کيس وڏي پذيرائي ۽ مرتبو حاصل ھو. قرآن پاڪ ۽ حديث جي علم ۽ حمد و نعت جي شاعري سبب الله پاڪ کيس وڏي عزت عطا ڪئي ھئي۔
بهرحال مان مولانا جوھر بروھي 16 جولاءِ 2025ع بروز اربع 20 محرم 1447 هجري صبح 9 وڳي دل جي دوري سبب هن فاني دنيا کان موڪلائي ويا. خدا سندس حمد و نعت جي صدقي مغفرت فرمائي، درجات بلند فرمائي قبر روشن فرمائي جنت ۾ گھر عطا فرمائي۔