ڪهاڻيون

امان حُور… ياسمين چانڊيو Aug 2020

اڄ جڏهن امان حور کي بلڪل خاموش سانت ستل ڏٺم جنهن جي ڪنن ۽ نڪ ۾ ڪپھه جا پھا پيل ھئا. ان جو پورو جسم اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهيل ھو. آسپاس ويٺلن جي اکين ۾ لڙڪ ھئا.

منھنجي به اکين مان ٻه لڙُڪ نڪتا ھڪ لڙُڪ منهنجي چولي جي اندر وڃي دل تائين پھچندي پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو ۽ ٻيو لڙُڪ منهنجي ڳل تي اچي ختم ٿي ويو.

لڙڪن جي به زندگي بلڪل انسان جي زندگيءَ جھڙي ھوندي آھي ڪي اک جي آسپاس ئي دم ڏيندا آهن ته ڪي دل تائين اچي ۽ ڪي وري ڏاڍي ڏک مان نڪرندا آهن جيڪي سڌو وڃي دامن کي آلو ڪندا آهن، پر لڙُڪ  اھي ئي سٺا لڳندا آهن جنهن جي زندگي صرف ڳلن تائين پھچندي پھچندي ختم ٿيندي آهي.

نه ڊگھا لڙُڪ سٺا لڳندا آهن ۽ نه ئي ڪنهن جي ڊگهي زندگي.

ان ڪري جو انھن ٻنھي کي سنڀالي ناهي سگھبو، پر  امان حور جيڪا اڄ سڪل لڙڪ جيان بي سڌ کٽ تي پيل ھئي سان سڀني کي سنڀالڻ واري هئي. جڏهن امان حور جو ڀري جوانيءَ ۾ مڙس مري ويو هو، تڏهن ٻن ٻارڙن جي ماءُ ھئي. عدت جي ڪجهه مھينن گذرڻ کانپوءِ سندس ڀائرن تمام گهڻو زور ڀريو ته ٻي شادي ڪري، پر امان حور انڪار ڪيو آخر مائٽن ڏيڻ وٺڻ به ڇڏي ڏنس.. سو پنهنجي ٻن ٻارن سان گڏ ان ڪچي گهر واپس آئي جيڪو سندس مرحيات مڙسئينس جو ھو جنھن ۾ پنهنجي ٻچڙن ۽ دادن سان غريبي واري زندگي ڏکن ڏوجھرن سان گذاري ھئائين.

پر ھاڻي دادن کان بغير نئين شروعات سان زندگي گذارڻ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي ھئس.

مڙسئينس دادن سرن جي  بٺي ۾ ڪم ڪندو هو ھڪ ڏينھن بٺي ۾ باھ لڳي ۽ هو ويچارو سڙي ويو ڪجهه عرصو جناح اسپتال ۾ علاج ھليو، پر سرڪاري دوائن جي آسري اڄ تائين ڪير بچيو جو امان حور جو مڙس دادن بچي ھا..

بس پوءِ امان حور جيئن ئي پنهنجي گهر پيڪن کان واپس آئي اڳلي ئي ڏينهن پنهنجي ڪنن جون واليون سوناري کي وڪڻي ھڪ ٽوڪرو ۽ ڪجهه سامان ورتائين ڪجهه سامان گھر لاءِ ۽ ڪجھه سامان وڪڻڻ لاءِ ٻي ڏينهن صبح جو سوير ٽوڪري ۾ کٽمٺڙا، لايون، ڀڳڙا، ڀڳل چڻا ۽ ٻيون شيون رکي ٻارن کي ساڻُ ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ھڪ ڪنڊ وٺي ويھي رھي شروع شروع ۾ اتي شيون وڪڻندڙن ھن کي نئون اوپرو سمجهي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ پنهنجي ارادي جي پختي نڪتي انهن سڀني سان منهن ڏيندي پنهنجي ٽوڪري سميت اتي ويٺي رهي ان ڪري جو ھاڻي ھن جي سار لھڻ وارو ڪو دادن ڪونه هو ۽ نه ئي سندس ٻن ٻچڙن کي ڪير ماني ڳڀو ڏيڻ وارو هو…

ڀائر به سندس لالچي جيڪي ٽڪن عيوض ٻي شاديءَ لاءِ تنگ ڪري رھيا ھئس. ان ڪري ھاڻي ھن کي پنھنجي ۽ پنهنجي ٻچڙن جي زندگيءَ جو بار پنهنجن ئي ڪلھن  تي رکي ھلڻو ھو.

ايئن ھلندي ھلندي امان حوران کي ڪافي عرصو گذري ويو مان  اسڪول جي موڪل وقت روزانو امان حوران جي ڀر ۾ ويھي سندس ڀڳڙا ۽ کٽمٺڙا وٺندي ھئس ۽ امان حوران سان ڪچهري به ڪندي ھئس. ھڪ ته ان جو گهر اسان جي پاڙي ۾ ھو، ٻيو ته ڪجهه عرصي کانپوءِ امان حوران پنهنجي ڌيءَ نوران کي منهنجي اسڪول ۾ داخل ڪرايو امان حوران جو گهر اسان جي گهر سان ئي لڳو لڳ ھو  ايئن نوران اسڪول کان ويندي گھر ڀر ۾ ھئڻ ڪري گڏ ھوندي ھئي. نوران جيڪا منهنجي ئي عمر جي ھئي پاڙي ۾ رھڻ ڪري پڪي سنگتياڻي ھئي جنھن جي ڪري مان ۽ منھنجا ڀيڻ ڀائر به امان حور کي امان حور ئي سڏيندا هئاسين ۽ آھستي آھستي سڀني جي وات تي حور جو نالو امان حوران سان پڪو ٿي ويو جڏهن دادن مري ويو ان وقت امان حور جي عمر بلڪل ننڍي ھئي صفا ڦوھَ جوان سونھن ۾ به سڀني کان سرسي…

امان حوران جي سٺي سڀاءَ جي ڪري سڄو پاڙو اڳي ئي تمام گهڻي واکاڻ ڪندو ھئس  اوڙي پاڙي وارا سندس مثال ڏيندا هئا ته مائي ھجي ته حوُر جھڙي! ڪوٽو موٽو چوڪ ۽ آسپاس جا ماڻهو امان حور سڏيندا هئس.

ان جي عمر جي ڪري نه بس ھن پنھنجو پاڻ کي اھڙو ڪري ڇڏيو جو پنهنجي عمر کان ڪافي وڏي لڳندي ھئي مٿي تي وڏي گندي ويڙهي ڳچيءَ ۾ ٻٽ لڳائيندي ھئي وار زندگيءَ جي ڏکن ڪري اڇا ٿي ويا ھئس.

بھادر ايتري جو مون کي اڄ به ياد آهي ته ھڪ دفعو اسڪول جي موڪل وقت مان ۽ نوران جيئن ئي امان حور جي ٽوڪري طرف آياسين ڏسون ته ماڻهن جي رش لڳي پئي آهي.

امان حوران ھڪ ماڻھوءَ کي ڳچيءَ کان جھلي ٻنهي ھٿ سان پادرن جا وسڪارا ڪري رھي ھئي زندگيءَ جي سورن ان کي عورت مان ڦيرائي مرد ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري جو ھن کي خبر هئي ته ھن مرداڻي سماج ۾ جيستائين عورت مرد نه ٿيندي تيستائين سماج اڪيلي عورت کي جيئڻ نه ڏيندو.

ان ڪري ھڪ گار لاھي ٻي چاڙهي رهي ھئي.. ان ماڻهوءَ مٿان آخر ماڻهن وچ ۾ پئي ميڙ منٿ ڪري  ان ماڻھوءَ جي جان امان حور کان ڇڏائي.

مون کي بعد ۾ خبر پئي ته اُن ماڻھوءَ  امان حور کي غلط جملو چيو هو.

امان حور جيتري بھادر ھئي اوتري خوبصورت پڻ ھئي ڀلي مٿي ۾ اڇن وارن جي سينڌ نڪتي ھئس، پر ان جي حسن ۾ ڪابه ڪمي ڪونه آئي هئي.

سڄو ڏينهن ڪوٽو موٽو چوڪ تي ويھڻ ڪري به ھن جو رنگ اڇو کير جھڙو ھو.

سڄو ڏينهن شيون وڪڻي شام جو وري رڌڻو ٻارن جا لٽا ڌوئيندي رات جا ٻارنھن ٿي ويندا ھئس اسان جي گهر ۽ امان حوران جي گھر وچ  ۾ ھڪ ڀت جو فرق هوندو هو. سندس گھر صفا ڪچو ھئڻ ڪري برسات سبب ڇت ٽمندي ھئن سياري جي راتين ۾ جڏهن ڇت ٽمندي ھئن ته منهنجي امان پنهنجي گهر وٺي ايندي ھئن تڏهن نوران منهنجي کٽ تي سمھندي ھئي ۽ نوران جو ڀاءُ دلدار امان حوران سان.

جيڪو نوران کان ٻه سال وڏو ھو سو به ڇوڪرن جي اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ موڪل کانپوءِ ٿورو امان حور جو ٽوڪري وارو دڪان سنڀاليندو ھو، پر امان حور کيس ويھڻ نه ڏيندي ھئي چوندي ھئس گهر وڃي آرام ڪيو ۽ پوءِ ڀيڻ ڀاءُ گڏجي پڙھائي ڪيو.

ايئن امان حور اتي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ھڪ دڪان ڀاڙي تي ورتو جنهن ۾ اڃان وڌيڪ سامان رکيائين امان حور تمام سگھڙ ھئي.

ھڪ ڏينھن منهنجي امڙ، امان حور کي چيو ته پاڙي ۾ ماسي جادل وي سي رکي رھي آھي تون به رک جيئن ڪجھه پئسا ڪري گھر جي ڇت پڪي ڪرائي پوءِ امان حور ويسيون رکندي وئي ايئن ڪجھه سالن اندر پورو گهر پڪو ڪري ٺھرايائين.

دڪان به تمام سٺو ھلندو ھئس پوري چوڪ جا ماڻهو امان حور کي مڙس ماڻهو چوندا ھئا.

ايئن زندگيءَ جا ڪيئي ورهيه گذري ويا مان ۽ نوران ھڪ ئي ڪاليج مان انٽر پاس ڪيو پوءِ امان حور جي مائٽن مان سٺو رشتو آيو نوران لاءِ.

امان حور ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڏاج ڏوڻ ڏيئي نوران جي شادي ڪرائي ڇڏي.

نوران به ساڳي شھر ۾ پرڻجي وئي.

سو اڳتي هلي دلدار کي به سٺي نوڪري ملي وئي ۽ اتي آفيس ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويس سال کانپوءِ ان جي به شادي ٿي وئي.

امان حوران ان عرصي ۾ تمام گهڻي ڪمزور ٿي چڪي ھئي سڄي زندگي مشين کان به وڌيڪ محنت ڪري پنھنجو گھر ٺاھيائين ٻچن کي پالي سٺي تعليم به ڏنائين، پر ڪڏهن نه پنهنجي لاءِ ڪو نئون وڳو ورتائين، نه ڪڏهن پنهنجي صحت جو خيال ڪيائين ضد ڪري منهنجي امان نئون وڳو وٺي سبي آڻي ڏيندي ھئس.

ھن کي پنھنجي وجود کان علاوه باقي ھر ڪنھن جي ڳڻتي ھوندي ھئي، ايئن زندگيءَ جا ڏوجھرا سھي سھي امان حور جي طبيعت خراب رھڻ لڳي آخر دڪان تي به وڃڻ گھٽ ڪيائين ان ڪري جو ڪيترائي ڀيرا رستي تي مٿي کي ڦيري اچي وئي ھئس ڪري پئي ھئي، جنهن جي ڪري گوڏن ۾ سخت تڪليف شروع ٿي ويس ايئن ھڪ ڏينھن دڪان تي وڃڻ کان به وئي ۽ دڪان جو ڪرايو چڙهڻ ڪري دلدار امان حور جي دڪان جو سامان وڪڻي ڇڏيو.

ھيءَ شينھڻ جھڙي ارڏي مائي آخر زندگيءَ جي ڌڪن جو ڌڪ کائي ھيڻي  ڪمزور ٿي وئي.

ھٿ ۾ لٺ جھلي مشڪلن سان غسل خاني تائين ويندي هئي.

کيس کنگھه جا وڏا وڏا دورا پوڻ شروع ٿي ويا. جنهن جي ڪري دلدارا جي زال دلدار کي چيو ته پنهنجي ماءُ کي ٻاھرين ڪوٺيءَ ۾ رک ھتي  ڀر واري ڪوٺيءَ مان کنگھي کنگھي اسان جي ننڊ ٿي ڦٽائي.

دلدارا زال جي چوڻ تي امان حور کي ٻاھرين پراڻي ڪوٺيءَ ۾ ڇڏي آيو. تڏهن  زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو امان حور جي اکين مان نير وھي نڪتا جيڪي سڄي زندگي پنهنجي اندر ۾ سانڍي رکيائين نه ڳلن تي آندائين نه دامن تي بس انھن کي پنهنجو ھٿيار ٺاهي اندر ۾ اوتيندي رھي، پر اڄ ان جي اندر جي سگهه ايتري نه رهي جو لڙڪن کي رکي سگھي  ڪجھه ڪڇي ڪونه بس سڄي زندگيءَ جا سمورا لڙڪ لڙي پيس بس پوءِ اھا ڪوٺي ۽ امان حور.

رات جو پاڻيءَ ڍڪُ ڏيڻ لاءِ به ڪير ڪونه ھوندو ھئس نوران به  شروع شروع ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندي ھئس.

آھستي آھستي ان به ماءُ ڏي اچڻ ڇڏي ڏنو.

منھنجي امان ڏينهن جو روز امان حور کي ماني ڏيندي ھئي مان به ويندي ھئس، پر امان حور جي حالت ڏسي مون کي تمام گهڻو افسوس ۽ تڪليف ٿيندي هئي. جنهن عورت سڄي زندگي صرف پنهنجي ٻارن کي پالڻ خوش ڏسڻ ۾ گذاري ڪڏهن پنھنجو خيال ڪونه ڪيو.

اڄ جنھن حالت ۾ آهي سو به ان اولاد جي ڪري جيڪي ھاڻي ويجهو به ڪونه ايندا ھئس جيڪڏھن امان حور ٻي شادي ڪري ھا ته جيڪر نوران ۽ دلدار رلي وڃن ھا، پر انهن کي سکيو رکڻ لاءِ امان حور پنهنجي جواني وڃائي ڇڏي ۽ ساڳيو اولاد جڏهن قابل ٿي ويو ته ماءُ وسري وين.

مون کي اھو سڀ ڪجهه ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو.

ھڪ ڏينھن مان نماز ۾ دعا گهري ته رب سائين ڪنهن کي ايتري ڄمار نه ڏي جو ھو ڪنھن جو محتاج ٿئي.

اڳلي ڏينهن منجهند جو جيئن ئي منهنجي امڙ، امان حور لاءِ ماني کڻي وئي ته امان حور جو جسم ٿڌو لڳو پيو هو زندگيءَ جي جنگ وڙهندي آخر ٿڪجي ھارائي وئي خبر ناهي ته ڪيڏي مهل ان جو ساھ نڪتو ان ڪري جو دلدار ماءُ جي ڪوٺيءَ تائين وڃڻ به ڇڏي ڏنو.

دلدار رڳو پنهنجي زال جي چوڻ ۾ ماءُ کي وساري ويٺو ۽ اھي سڀ تڪليفون وساري ويٺو جيڪي سندس ماءُ هن لاءِ سٺيون.

۽ اڄ جڏهن امان حور ھن دنيا جي سڀني تڪليفن کان آجي ٿي چڪي هئي  زندگيءَ جي تڪليفن ان جي جسم سان گڏ ان جي روح کي به ماري ڇڏيو هو. تڏهن امان حور جي بي جان جسم جي ڀر ۾ ويٺل  نوران ۽ دلدار جي اکين ۾ لڙڪ آهن. سامھون امان حور جو مڙهه پيو آهي مان سوچي رھي آھيان ته ھنن جي اکين ۾ ڇا جا لڙڪ آهن؟

ندامت جا يا امان حور جي وڃڻ جي خوشي جا؟