ادبڪهاڻيوننئون ڪهاڻي: ماسترياڻيءَ جو مھمان April 9, 2024 Zahida Abro ڪھاڻيڪار: اِزابيل آلنديماسترياڻي انيس، ’دي پرل آف دي اوريئينٽ‘ منجھ گھڙي، جيڪو ان وقت صفا سُڃَ لڳو پيو ھو. سڌي ڪائونٽر تي پھتي، جتي رياض حلابي، چِٽن گلن واري ڪپڙي جا ٿانَّ ويڙھي رھيو ھو. ماسترياڻيءَکيس ٻڌايو ته پاڻ مھمان سراءِ ۾ ھڪڙي مھمان جي منڍي لاھي آئي آھي. واپاريءَ پنھنجو اڇو رومال ڪڍيو ۽ وڏي رڙ سان پنھنجي وات تي ويڙھي ڇڏيائين… ”ڇا چيئي انيس؟“ ”اھو، جيڪو تو ٻڌو، ترڪ!“ ”ڇا؟ اھو مري ويو؟“ ”يقينًا.“ ”پوءِ ھاڻي ڇا ٿي ڪرڻ چاھين؟“ ”اھو ئي پڇڻ لاءِ ته تو وٽ آئي آھيان.“ وارن جي چڳ سنواريندي، چيائينس. ”منھنجو خيال آھي ته مان ھٽ بند ڪيان….“ رياض حلابيءَ، آه ڀري! ٻئي ايڏي عرصي کان ھڪٻئي کي سڃاڻندا ھئا جو ٻنھي کي ياد ئي نه ھو ته ڪيڏا ورھيه لنگھي ويا آھن. جيتوڻيڪ ٻئي ان ڏينھن جي تير پتير ورجائي سگھيا پئي، جنھن ڏينھن سندن سنگت شروع ٿي ھئي. تن ڏينھين حلابي، گھٽي گھٽي گھمي ڦري، پنھنجيون شيون وڪڻندو ھو. ھو اھڙو واپاري ھو، جيڪو طرف يا واٽ مقرر ڪرڻ بنا گھور واري ڪندو رھندو ھو. ھو ھڪڙو عرب مھاجر ھو. جعلي ترڪ پاسپورٽ تي آيو ھو. اڪيلو، ٿڪل ٽٽل، ڪنھن سِھڙ وانگر ڪپيل تارون، ڪنھن وڻ جي پاڇي ۾ ويھڻ جو خواھشمند…. انيس، مضبوط ھڏ-ڪاٺ ۽ موڪرن ڪلھن واري جوان مائي ھئي. وسنديءَ جي اڪيلي ئي ماسترياڻي ھئي. سندس ٻارھن سالن جو پٽ ھو، جيڪو کن پل جي پيار منجھان ڄاول ھئس. پٽ ئي، سندس زندگي ھئي. ھيءَ سندس خيال، وڏي خلوص ۽ عقيدي سان ڪندي ھئي، پر جيڪو نظم ۽ ضبط اسڪول جي ٻين ٻارن تي نافذ ڪندي ھئي، پنھنجي ٻچي مان به ان جي پابندي چاھيندي ھئي. ھوءَ اھو نه چاھيندي ھئي ته ڪنھن کي اھو چوڻ جو موقعو ملي ته ھن پنھنجي پٽ جي ڀلي تربيت نه ڪئي آھي. گڏوگڏ ھوءَ ڇوڪري کي، پيءُ طرفان ملڻ واري موروثي بي راھ رويءَ کان بچائڻ پڻ چاھيندي ھئي. ھوءَ پنھنجي ٻچڙي کي پاڪ صاف ذھن ۽ رحمدل بنائڻ گھرندي ھئي. جنھن شام جو، رياض حلابي، اگوا سانتا ۾ ھڪڙي پاسي کان گھڙيو، انھيءَ شام جو ٻئي پاسي کان ڇوڪرن جو ھڪڙو ٽولو، ماسترياڻيءَ جي پٽ جو لاش، کٽ تي کنيو وسنديءَ اندر گھڙيو. ماسترياڻي انيس جو پٽ، ڪنھن ماڻھوءَ جي جائداد تي وڻ مان ڪريل انب کڻڻ لاءِ گھڙيو ھو. جائداد جي مالڪ، جنھن کي وسنديءَ ۾ ڪو به چڱيان سڃاڻندو ئي نه ھو، تنھن ڇوڪري کي ڊيڄارڻ لاءِ، رائيفل منجھان فائر ڪيو. ليڪن ان ئي فائر، ڇوڪري جي نرڙ ۾ ٽُرڙ ڪري ڇڏيو ۽ ڇوڪري ٿڏي تي دم ڏنو. انھيءَ اپرانڌ، انھيءَ اوپري سوداگر رياض حلابيءَ کي پنھنجي قائدانه صلاحيتن جي خبر پئي. بنا ڪنھن ڄاڻ ھجڻ جي ھو سڄي معاملي جو مھندار بڻجي چڪو ھو. ھڪ پاسي ماءُ کي تسليون ڏئي رھيو ھو ته ٻئي پاسي جنازي جا انتظام، خاندان جي ڀاتيءَ وانگر پڻ سنڀالي رھيو ھو. ان کان علاوه مڇريل ماڻھن جي ڊنب کي، مجرم جا ڳڀا ڳڀا ڪرڻ کان به روڪڻ ۽ پر سڪون رھڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. انھيءَ دوران، مجرم اھو محسوس ڪندي ته اتي رھڻ سان سندس جان کي خطرو آھي، اتان ھميشه جي لاءِ کسڪي ڀڄي ويو… ورندي ڏھاڙي تي رياض حلابيءَ جي سربراھيءَ ۾، ماڻھن جو ڊنبُ قبرستان کان سڌو ان ھنڌ تي پڳو، جتي ڇوڪرو مئو ھو. اگوا سانتا جا مڙيئي رھاڪو، اھو سڄو ڏھاڙو انب پٽيندا رھيا. درين مان اڇليندا رھيا، ايتري تائين جو سڄو گھر، فرش کان ڇت تائين، انبن سان ڀرجي ويو. ٿورن ھفتن پڄاڻان، سجَّ ميوي جي ڳَرُ ئي ڳاري ڇڏي ۽ اھي سمورا ڦٿا پيا ھئا. منجھانئن ڌپيارو ڏوس وھي، ھلڻ لڳو ھو. ڀتيون، پيلاڻ مائل پونءِ سان ڀرجي ويون ھيون. مٺي ڏوس سان رھائشي گھرُ، وقت کان اڳي ڊيگھ ويڪر ۾، وحشي جانورن جي ڳرڻ سڙڻ واري عمل منجھان گذري، مڇرن جو ڳڙھ بڻجي چڪو ھو. ڇوڪري جو موت، رياض حلابيءَ جو وھنوار ۽ اگوا سانتا ۾ سندس استقبال، انھن مڙني ڳالھين گڏجي رياض حلابيءَ جي زندگيءَ جو رستو جوڙي ورتو. ھو پنھنجو لاڏائو نسل وارو حسب نسب وساري، انھيءَ وسنديءَ ۾ سدائينءَ لاءِ ٿانيڪو ٿي ويو. اتي ئي ڪاروبار شروع ڪيائين، پرڻيو، رَنِيو، ٻيھر پرڻيو ۽ واپار جاري رکيو آيو. انھيءَ دوران، سندس شھرت ۾ ھڪڙي انصاف پسند شخص جو اضافو پڻ ٿيو. انھيءَ وچ ۾ انيس به ٻارڙن جي ڪيترن ئي تُورن کي ايتري ئي پيار ۽ ڌيان سان تعليم ڏني، جيتري سان ھوءَ پنھنجي ٻچي کي ڏيندي ھئي. انھيءَ سڄي ھڻ-وٺ دوران، انيس جو سڄو جوڀن ئي اُجاڙ ٿي ويو. تڏھن وڃي ھن، شھر منجھان ايندڙ استادياڻين جي لاءِ پنھنجي جڳھ ڇڏي ۽ رٽائر ٿي وئي. ھن محسوس ڪيو ته ھوءَ ھڪدم پوڙھي ٿي وئي آھي. جيئن وقت پَرَ ڪري اڏامندو ھجي. ڏينھن، ايڏي تيزيءَ سان پيا گذرن جو کيس ڪَل ئي ڪا نه پِئي پَئي ته ڪلاڪ ڪاڏي ٿا گم ٿيندا وڃن. “مان واندي ويٺي پئي ٿي ڍومائون کائيندي وتان. مان مران پئي ٿي ۽ مون کي ڪا سُڌِ ئي ڪا نه ٿي پوي.” “تون سدا وانگر تندرست آھين.” رياض حلابيءَ موٽ ڏيندي چيس؛ “مسئلو فقط ھيءُ آھي ته تون پئي ٿي بور ٿين. تو کي واندو ويھڻ نه گھرجي.” گڏوگڏ حلابيءَ کيس مشورو به ڏنو ته پنھنجي گھر ۾ ٿورن ڪمرن جو واڌارو ڪري، منجھن مھمان ترسائڻ شروع ڪر. اسان جي وسنديءَ ۾ ڪو ھوٽل ئي ناھي. انيس ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چيس؛ “اسان وٽ سياح به ته ڪو نه ٿا گھمڻ اچن نه!” صاف سٿرو ھنڌ بسترو ۽ گرم گرم نيرن، مسافرن لاءِ ڪنھن به نعمت کان گھٽ ناھي. تڏھن کان نيشنل پيٽروليم جا ٽرڪ ڊرائيورَ، جڏھن سندن مغزَ، ٿَڪَ ۽ ذھني ڇِڪَتاڻ سببان، اوجھراڻيل نظرن جو شڪار ٿيندا ھئا، تڏھن سندس مھمان سراءِ ۾ رات گذارڻ لاءِ اچڻ لڳا. انيس، سڄي اگوا سانتا جي مڙني ماين کان عزتدار ڪراڙي عورت ھئي. ھن ڪيترن ئي ڏھاڪن تائين سڄي ڳوٺ جا ٻار پڙھايا ھئا، جنھن سان سندن زندگيءَ جي سمورن معاملن ۾ کيس مداخلت جو حق ملي ويو ھو ۽ جڏھن ضرورت پوندي ھئس ته سندن ڪن مھٽ به ڪندي ھئي. ڇوڪريون سندس راءِ ڄاڻڻ لاءِ، پنھنجا بواءِ فرينڊس ساڻس ملرائڻ لاءِ وٺي اينديون ھيون. زالين مڙسين، سمورا پنھنجن ذاتي معاملن ۾، کانئس مشورا وٺندا ھئا. ھيءَ کين مطمئن ڪري، منجھن ٺاھ ڪرائي ڇڏيندي ھئي. سڄي وسنديءَ جي مسئلن ۾ منصف ٺاھي ويندي ھئي. سندس اختيار، ڪنھن به پادريءَ، ڊاڪٽر يا پوليس کان وڌيڪ ھئا. ڪو به کيس انھن اختيارن جي استعمال کان روڪيندو نه ھو. ھڪ دفعي ھوءَ، جيل ۾ گھڙي وئي، اتي موجود آفيسر وٽان بنا ڪجھ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جي لنگھي وئي. ڀت ۾ ٽنگيل چاٻيون کنيائين ۽ جيل جي ھڪڙي ڪوٺڙيءَ منجھان پنھنجي ھڪڙي شاگرد، جنھن کي شراب جي نشي ۾ گوڙ گھمسان ڪندي پڪڙيو ويو ھو، ڇڏائي وٺي وئي. آفيسر سندس رستي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن کيس پري ڌڪي، ڳلي کان پڪڙي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. سڻڪ تي پھچي، ٻه چار ٿڦڙون به ٺوڪيائينس ۽ دڙڪو به ڏنائينس ته جيڪڏھن ٻيھر ساڳي حرڪت ڪيائين ته سندس پينٽ به لاھيندي ۽ کيس چت وارا جوتا ئي جوتا به ٺوڪيندي، جيڪي کانئس سڄي عمر نه وسرندا. جڏھن انيس، رياض حلابيءَ کي ٻڌايو ته ھن پنھنجي مھمان جو خون ڪيو آھي، ته ان کي سندس ڳالھ تي ذري جو به شڪ نه ٿيو. ڇو جو ھو، کيس چڱيءَ طرح سڃاڻندو ھو. ھُن، انيس کي ھٿ کان ورتو، کيس ’دي پرل آف دي اوريئينٽ‘ کان ٻه عمارتون پري، سندس گھر ويجھو وٺي ويو. اھا وسنديءَ جي سڀ کان وڏي عمارت ھئي. ھڪڙو کليل ورانڊو ھو، جتي تتل ٻپھريءَ جو قيلولي جي لاءِ پينگھ-کٽولا لڙڪيل ھئا. ھر ڪمري اندر، ڇت جا پکا لڳل ھئا. ان وقت گھر، بلڪل ئي خالي ڏيکاري ڏئي رھيو ھو. صرف ھڪڙو مھمان، بيٺڪ ۾ ويٺو ھو ۽ بيئر پيئندي ٽيليويزن جو مزو ماڻي رھيو ھو. عرب تاجر، سرٻاٽ ۾ پڇيس؛ ”اھو ڪاٿي آھي؟“ ”پوين ڪمرن مان، ھڪڙي ۾.“ انيس، پنھنجو آواز جھڪو ڪرڻ بغير، ورندي ڏنس. حلابيءَ کي، ڪمرن جي ان قطار ڏانھن وٺي وئي، جيڪي ھن ڪرائي تي چاڙھيا ھئا. سمورا ساڳي محرابي ڇت جي ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيل ھئا، جتي نيلوفر جون وليون ٿوڻين، ڪونڊين ۽ ڪامن تي چڙھي ويون ھيون. اڱڻ ۾ پوکيل ڪيلي ۽ سُندس جي وڻن کي جدارو ڪرڻ لاءِ، لوڙھي جو ڪم پڻ ڏئي رھيون ھيون. انيس، آخري دروازو کوليو. حلابي، ڪمري ۾ گھڙيو. پردا، ڪريل ھئا. ھنڌ تي ھڪڙي بي ضرر ڏيکاري ڏيندڙ شخص جو لاش ڏٺائين. ھڪڙو ڏوجھريل اجنبي، جنھن جي ڪانچ پنھنجي ئي گونھ-مُٽ ۾لِڦي پئي ھئي. سندس منڍي، گوشت جي مُشڪائين پٽيءَ سان لڙڪي پئي. سندس چھري تي تڪليف جا خوفناڪ تاثرات ھئا، ڄڻ ھو ان سڄي پريشانيءَ، خون ۽ پاڻ کي قتل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان ليلھائيندو ھجي. رياض حلابي، ڪمري ۾ موجود اڪيلي ڪرسيءَ تي ويھي رھيو. نظرون فرش تي ڄميل ھئس. پنھنجي آنڊن مان اٿندڙ اٻڙڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. انيس، ٻانھون سيني تي ٻڌيو، بيٺي ھئي. دل ئي دل منجھ حساب ھڻي رھي ھئي ته ھيترا سارا چُٽا ۽ داڳ ڌوئڻ ۾، ڪيترا ڏھاڙا لڳندا. وري اڃا ٻه ڏينھن واڌو، ان ڪمري مان ڌپ ۽ ھائث ھٽائڻ ۾ به لڳي ويندا. “تو، اھو سڀ ڪجھ ڪيئن ڪيو…؟” آخرڪار، حلابيءَ نرڙ تان پگھر جون ريڳياڙيون اگھندي پڇيس. “ناريل وڍڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ چاقوءَ سان.. مان سندس پويان کان آيس ۽ ھڪ ئي ڌڪ سان منڍي لاٿيمانس. کيس سُڻس ئي نه پئي ته ساڻس ٿي ڇا ويو…” ”ليڪن ڇو….؟ “مون کي اھو ڪرڻو پئجي ويو. اھو ئي قسمت ۾ ھو.. ڏاڍو بدقسمت ڪراڙو ھو… ھو، اگوا سانتا ۾ ترسڻ لاءِ نه آيو ھو. ھو، ڳوٺ جي وچان لنگھيو پئي ويو. ھڪڙو پٿر، سندس گاڏيءَ جي اڳئين شيشي کي لڳو. ھو ڪجھ ڪلاڪ، ھتي گذارڻ آيو ھو ته جيئن ان دوران گاڏيءَ لاءِ نئون ونڊ شيلڊ ڳولھي وٺي سگھي. ھو ڏاڍو بدلجي ويو ھو. اسان سمورا، پوڙھا ٿي ويا آھيون. ليڪن مون کيس ھڪدم سڃاڻي ورتو… مان ايترن سالن کان سندس ئي تاڙ ۾ ھئس. منھنجي دل ٻوليو پئي ته ھو جلد يا دير مدار، ھتي ضرور ايندو. ھيءُ ئي، انبن وارو شخص آھي.” “الله سائين، اسان کي پنھنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي.” رياض حلابيءَ ڀُڻڪو ڪيو. “تنھنجو ڇا خيال آهي، اسان کي جيل جي آفيسر کي گھرائڻ گھرجي؟” “نه!…. تون ائين ڇو ٿي ڪرڻ چاھين؟” “ان لاءِ ته مان حق تي آھيان… ھن ئي منھنجي پٽ جو خون ڪيو ھو.” “آفيسر، اھا ڳالھ نه سمجھندو، انيس!” “اک جي بدلي اک، ڏند جي بدلي ڏند، ترڪ!… ڇا تو واري مذھب ۾ ائين ناھي؟” “پر، قانون جو طريقيڪار مختلف آھي…” “جيڪڏهن ائين آھي ته پوءِ اسان ان کي ٿورو ڦيرائي ٿا چئون ته…. ھن آتم ھتيا ڪئي آھي.” “ھن کي ھٿُ متان لائين! گھر ۾ ھن وقت ڪيترا مھمان ترسيل آھن؟” “بس، اھو ئي ھڪڙو ٽرڪ ڊرائيور آهي. جيڪو به ڏينھن ٺاري، ھليو ويندو. گاديءَ واري ھنڌ تي پڄڻو اٿس.” “ٺيڪ آهي! وڌيڪ مھمان اچڻ نه ڏجانءِ! ھن ڪمري کي تالو ھڻي ڇڏ ۽ منھنجو انتظار ڪجانءِ! مان رات ڌاري موٽي ايندس.” “تون ڇا ٿو ڪرڻ چاھين؟” “مان پنھنجي طريقي سان، ھن معاملي کي لئي مِٽي ڪندس.” رياض حلابي، پنجھٺ سالن جو ھو. ليڪن ھن، پنھنجي جوانيءَ واري طاقت بحال رکي ھئي ۽ سندس حوصلا به جوان ھئا. کيس ھن ڳوٺ ۾ اچڻ تي ڊنب جو گرو بڻايو ويو ھو. ھو ماسترياڻيءَ جي گھران نڪتو. ان ٽپھريءَ جو، جن مڙني ماڻھن سان کيس ملڻو ھو، منجھانئن پھرئين وٽ پھتو. ستت ئي ھڪڙو ڀڻڪو، سڄي ڳوٺ ۾ سُڻجڻ لڳو. اگوا سانتا جا ماڻھو، وڏي عرصي جي سستيءَ منجھان جاڳي اٿيا ھئا. گھر گھر تائين پکيڙي ويندڙ ۽ جنھن تي يقين ئي نه اچي تنھن خبر سان جوشيلا ٿي رھيا ھئا. انھيءَ ڀڻڪي ۾ اھڙو اطلاع ھو، جنھن جي وڏي آواز ۾ ٻڌائڻ کان روڪ ٿيل ھئي، سو خاص پد حاصل ڪري چڪو ھو. شام تائين سڄي ڳوٺ ۾ بيقراريءَ واري خوشي محسوس ڪري سگھجي پئي، جيڪا ورھين تائين ياد رھڻ واري ھئي، ۽ جيڪا اوپرن ڪاڻ سمجھ کان ٻاھر ھئي… شام جو ماڻھو، ميخاني تي پھچڻ شروع ٿي ويا. ماين پنھنجن رنڌڻن جون ڪرسيون ٻاھر فٽ پاٿن تي ڪڍيون ۽ شام واري ٿڌڙي ھوا جو مزو وٺڻ لاءِ ويھي رھيون. نوجوان، پلازه ۾ ڪٺا اچي ٿيا، ڄڻ اڄ آچر ھجي. جيل جي آفيسر ۽ سندس ساٿين، لاپرواھيءَ سان چڪر چاڙيون ڏنا ۽ پوءِ وري وئيشا-گھر جي ڇورين جون دعوتون قبول ڪرڻ لڳا، جيڪي ھڪڙي سالگرھ پارٽي ملھائي رھيون ھيون. چيو وڃي ٿو ته ان رات، رستن تي راھبن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ وارا ماڻھو، ڏينھن جي ڀيٽ ۾ ججھيرا ھئا. سمورا، ڏاڍي ڌيان سان پنھنجي پنھنجي ڪم ۾ گم ھئا. ائين پئي لڳو ڄڻ سمورا ڪنھن فلم ۾، پنھنجي پنھنجي ڪردار جي ريھرسل پيا ڪن. ڪي ڊومينو پئي کيڏيا، ڪي شراب پي رھيا ھئا، ڪي گھٽيءَ جي موڙ تي بيھي سگريٽ ڇڪي رھيا ھئا، ڪي جوڙا ھٿُ ھٿَ ۾ ڏئي پسار ڪري رھيا ھئا. مائرون پنھنجن ٻارن جي پويان ڀڳيون پئي، نانيون ڏاڏيون، کليل دروازن مان جھاتيون پائي رھيون ھيون. پادرين، ڪليسائي علائقن منجھ، شمعون ٻاري ڇڏيون ھيون. گھنڊ وڄايا پئي ويا، پر ڪو به عبادت جي موڊ ۾ ئي نه ھو. نو لڳي ٽيھن منٽن تي، ماسترياڻي انيس جي گھر ۾ گڏجاڻي ھئي. جنھن ۾ ترڪ، ڳوٺ جو ڊاڪٽر ۽ چار جوان ڇوڪرا، جن کي ماسترياڻيءَ پھرئين درجي کان وٺي پڙھايو ھو ۽ ھاڻ اھي فوجي خدمتن جي ادائگيءَ کان فارغ، ٿلھا ٿنڀرا فوجي ھئا، موجود ھئا. رياض، کين پوئين ڪمري ۾ وٺي ويو، جتي لاش، مڇرن سان اَٽِيو پيو ھو. دري کليل ھئي ۽ مڇرن جو وقت ھو. ھنن ڳيتون ڏئي، لاش سڻيءَ جي ڳوڻ ۾ گُدي وڌو. ان کي گھلي، سڙڪ تائين آيا ۽ پوءِ اھو رياض حلابيءَ جي ٽرڪ جي پوئين حصي ۾ اڇلايائون. حلابي، ڳوٺ مان ڊرائيو ڪري نڪتو، سڌو مرڪزي روڊ تي پھتو. رستي ۾ جيڪو به نظر آيس، معمول مطابق ان ڏانھن ھٿ لوڏيائين. ڪن رھاڪن، معمول کان ھٽي ڪري، جوش خروش سان سلام ڪيس. جڏھن ته ڪن ائين به ظاھر ڪيو، ڄڻ انھن ڪجھ ڏٺو ئي نه ھو. کِڙندڙ چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ ان ھنڌ تي پڳا، جتي ڪئي ورھيه اڳ، ماسترياڻي انيس جو پٽ آخري ڀيرو، انب کڻڻ لاءِ بيٺو ھو. اھا وقت ۽ غفلت کان وڌيل جھنگلي گاھ گند ۾ وڪوڙيل عمارت ھئي، جتي انب جا وڻ ڪومائجي ويا ھئا ۽ ڪن ڪريل انبن زمين اندر پاڙون پکيڙي نون ٻوٽن جا جھڳٽا اڀا ڪري ڇڏيا ھئا. مردن، پنھنجا گاسليٽ وارا شمعدان ٻاريا ۽ گھاٽن ٻوڙن منجھ گھڙي، پنھنجن چاقن سان رستا ٺاھڻ لڳا. جڏھن سمجھيائون ته چڱو خاصو اندر گھڙي آيا آھيون ته پوءِ ھڪڙي وڏي وڻ جي پاڙ وٽ ھڪڙو وڏو کڏو کوٽيائون ۽ لاش واري سڻيءَ جي ڳوڻ، منجھس وڌائون. مٽي ورائڻ کان اڳ، رياض حلابيءَ ٿوري مختصر اسلامي دعا پڙھي، ڇو جو کيس ٻيو ڪجھ به ياد نه ھو. اڌ رات ڌاري جڏھن، ڳوٺ پھتا ته ڏسن ته اڃا تائين ڪو به ستو ناھي. ھر دريءَ مان روشني نظر آئي پئي. ماڻھو، رستن تي ھليا گھميا پئي. انھيءَ دوران، ماسترياڻيءَ انيس، پوئين ڪمري جون ڀتيون ۽ فرش، صابڻ ۽ پاڻيءَ سان رھڙي رڳڙي ڌوئي ورتا ھئا. ھنڌ جون چادرون ساڙي ڇڏيون ھئائين ۽ مزيدار ڊنر، شراب ۽ لائيم ايپل جوس سان ڀريل مَٽن سان، دوستن جي موٽڻ جو انتظار ڪري رھي ھئي. وڏين ڊاڙن ڊِشن سان ماني کاڌي وئي. رياض حلابي، مڙني کان آخر ۾ موڪلايو. ان رات، ھن پھريون دفعو پنھنجي پاڻ کي پوڙھو محسوس ڪيو. دروازي وٽ ماسترياڻي انيس، سندس ھٿ جھليو ۽ جھٽ سوا پڪڙي بيٺي رھي. “وڏي مھرباني، ترڪ!” ھن چيو. “انيس! تون مون کي ئي ٻڌائڻ ڇو آئينءَ؟!” “ان لاءِ جو تون ئي اھو شخص آھين، جنھن سان مان، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محبت ڪيان ٿي. تو کي ئي منھنجي پٽ جو پيءُ ھئڻ کپندو ھو.” ٻئي ڏينهن تي اگوا سانتا جا رھاڪو، ڳجھڙائيءَ سان ڪامياب ٿي، پنھنجي عام معمول واري زندگيءَ ڏانھن موٽي آيا، انھيءَ ڳجھڙ سبب، جيڪو سٺن پاڙيسرين ڇٻٽ ڪري ڇڏيو… اھڙو ڳجھ، جنھن جي حفاظت، وڏي ھِنياريءَ سان ڪئي وئي…. جيڪو انصاف جي روايت جي طور تي، ڪيترن ئي ورھين تائين، نسلن ۾ منتقل ٿيندو آيو. جيستائين ماسترياڻيءَ جي موت، اسان کي ان کان آجو نه ڪري ڇڏيو… ۽ ھاڻ مان ھيءَ ڪھاڻي ٻڌائي سگھان ٿي. (سنڌي روپ: عقيلہ منصور جدون جي اردو ترجمي تان) *** Post Views: 217