دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ هڪ ٻئي سان دوستيءَ جون ڳالهيون ڪندا آهن، گڏيل بيان جاري ڪندا آهن، تصويرون ڪڍائيندا آهن، پر جڏهن ڏکيو وقت ايندو آهي ته اهي دوستيون اڪثر ڪمزور ٿي وينديون آهن. عالمي سياست ۾ مستقل دوستي گهٽ ۽ مفاد وڌيڪ ڏٺا ويندا آهن، پر پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ جيڪو رشتو قائم آهي، اهو صرف سفارتي يا سياسي تعلق نه، پر هڪ اهڙو ڀائپي وارو ناتو آهي جيڪو هر امتحان ۾ مضبوط ٿي سامهون آيو آهي. پوءِ چاهي اُهي وقت جا طوفان، جنگيون، اقتصادي بحران ۽ عالمي دٻاءَ ڇو نه ھجن، پر چين هميشه پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺو آهي. مطلب ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ چين جي دوستي به اهڙو ئي هڪ لازوال رشتو پيدا ڪيو آهي جنهن کي دنيا هاڻ “Iron Brotherhood” جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
22 مئي 2026ع تي پاڪ-چين سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿي ويا آهن. هي رڳو ٻن ملڪن جي لاڳاپن جي سالگرهه نه آهي، پر اها هڪ اهڙي تاريخي سفر جي يادگيري آهي، جنهن ۾ اعتماد، قرباني، باهمي احترام ۽ گڏيل مفادن جو شاندار داستان لڪل آهي.
اسان تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسون ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته 21 مئي 1951ع ۾ پاڪستان نئين رياست عوامي جمهوريه چين کي تسليم ڪيو، اُن وقت عالمي سياست سرد جنگ جي باهه ۾ سڙي رهي هئي. ڪيترائي ملڪ چين کان پري رهڻ ۾ پنهنجي بقا سمجهي رهيا هئا، پر پاڪستان ان وقت هڪ جرئت ڀريو فيصلو ڪيو. ان فيصلي بعد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪا دوستي شروع ٿي، سا وقت سان گڏ صرف سفارتي تعلق نه رهي، پر عوامي جذبن، فوجي تعاون، اقتصادي ترقي ۽ اسٽريٽيجڪ ڀائيواريءَ ۾ تبديل ٿي وئي. 1963ع جي سرحدي معاهدو کان پوءِ ته اڃان به وڌيڪ تعلقات مضبوط ٿيڻ لڳا. ان جو مثال 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آمريڪا ۽ چين جا لاڳاپا تقريبن منجمد هئا، تڏهن پاڪستان هڪ خاموش سفارتڪار جو ڪردار ادا ڪيو. هينري ڪسنجر جو ڳجهو چين جو دورو پاڪستان ذريعي ئي ممڪن ٿيو، جنهن بعد آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا شروع ٿيا. اها حقيقت اڄ به چين جي قيادت وساري نه سگهي آهي.
هر ڏکئي وقت ۾ چين پاڪستان سان گڏ بيٺو رهيو پوءِ چاهي 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين ۾ سياسي ۽ سفارتي حمايت هجي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي موقف جي تائيد هجي، يا اقتصادي بحرانن ۾ قرض رول اوور ڪرڻ جو معاملو هجي. چين هميشه هڪ بهترين دوست ثابت ٿيو آهي. چين جي دوستي صرف اقتصادي يا سياسي دائري تائين محدود ناهي، پر دفاعي ميدان ۾ به ٻنهي ملڪن جي ويجهڙائپ غير معمولي رهي آهي. JF-17 Thunder Fighter Jet ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي، جيڪو اڄ پاڪستان ايئر فورس جي هڪ اهم طاقت مان هڪ آهي. جنهن ويجهڙائي ۾ انڊيا جا 6 رافيل طياره ڪيرايا جن جو ذڪر ڊونلڊ ٽرمپ بار بار پنهنجي تقريرن ۾ ڪري چڪو آهي.
چين طرفان مليل HQ-9/P ايئر ڊفينس سسٽم، ٽينڪ الخالد، نئين جديد آبدوز به پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻائين ٿا. چين پاڪستان جي دفاعي ضرورتن کي صرف واپار نه، پر اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ طور ڏٺو آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان جي نيوڪليئر پروگرام ۾ چيني ٽيڪنالاجيڪل تعاون پاڪستان لاءِ دفاعي توازن قائم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان تعاون سان خطي ۾ طاقت جو توازن به برقرار رهيو آهي
هاڻي اسان جي CPEC جي ڳالهه ڪيون ته اهو پاڪ-چين دوستيءَ جي جديد دور جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي. جڏهن 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ پاڪستان آيو ۽ 46 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو اعلان ٿيو، تڏهن پاڪستان جي معاشي تاريخ جو نئون باب کليو. چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور صرف روڊن ۽ پلن جو منصوبو ناهي، پر اهو پاڪستان جي اقتصادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي هڪ وڏي ڪوشش آهي. جنهن ۾ بجليءَ جا منصوبا، گوادر بندرگاهه، موٽروي، خاص اقتصادي زون، فائبر آپٽڪ نيٽ ورڪ، ريلوي اپگريڊيشن اچي وڃن ٿا ۽ هاڻي Phase-II ۾ زراعت، آئي ٽي، مائننگ ۽ انڊسٽريلائيزيشن جو ڄار جيڪي پاڪستان جي مستقبل سان ڳنڍيل آهن. گوادر بندرگاهه کي چين پنهنجي “Belt and Road Initiative” جو مرڪزي نقطو سمجهي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان حڪومت ايمانداري سان صحيح حڪمت عملي اختيار ڪري، ته گوادر ايندڙ ڏهاڪن ۾ دبئي ۽ سينگاپور جهڙو اقتصادي حب بڻجي سگهي ٿو.
حقيقت اها به آهي ته CPEC ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيئن بلوچستان ۾ سيڪيورٽي مسئلا، چيني انجنيئرن تي حملا، منصوبن ۾ تاخير، قرضن بابت خدشا، ۽ مقامي آباديءَ جا تحفظات آهن جيڪي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيا آهن. ڪيترن ماهرن جو اھو خيال آهي ته پاڪستان کي هاڻي صرف انفرااسٽرڪچر بدران انساني ترقي تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن مقامي ماڻهن کي روزگار، تعليم ۽ ترقيءَ جا موقعا نه ملندا، ته وڏا منصوبا عوامي سطح تي مڪمل قبوليت حاصل نه ڪري سگهندا. ان ڪري CPEC Phase-II ۾ شفافيت، مقامي شموليت، ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي ترقيءَ کي ترجيح ڏيڻ ضروري آهي. دوستي تڏهن وڌيڪ مضبوط ٿيندي جڏهن ان جا فائدا عام ماڻهو تائين پهچندا. ڪووِڊ 19 جي وقت جڏهن دنيا ۾ هن وائرس جي ڪري روز هزارين ماڻهو مري رهيا هئا. هن خطرناڪ virus ڪو اھڙو ملڪ نه ڇڏيو جتي ماڻھو نه مئا هجن. اهڙي موتمار وائرس کان بچاءُ لاءِ پاڪستان کي چين مفت ۾ ويڪسين ڏنيون ۽ ماھر ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون جنهن سان ملڪ ۾ ان خطرناڪ وائرس جو خاتمو ٿيو. اھو چين جو پاڪستان مٿان وڏو ٿورو هو. ان کان علاوه سال 2022 ۾ جڏهن پاڪستان ۾ مها ٻوڏ آئي تڏهن به چين پاڪستان کي تنها ڪونه ڇڏيو چين پاڪستان لاءِ امدادي سامان، خيما، دوائون ۽ مالي مدد ڪئي جنهن جو مثال ڪٿي نٿو ملي.
جڏهن به پاڪستان ۾ اقتصادي بحران اچي ٿو تڏهن چين پاڪستان جي مدد لاءِ اڳيان اڳيان هوندو آهي. اسان کي خبر آهي ته چين 2025ع ۾ 2 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪيو جنهن سان پاڪستان کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچائڻ ۾ مدد ملي. اهڙيءَ ريت عالمي فورمن تي ڪشمير، FATF ۽ ٻين معاملن تي چين مسلسل پاڪستان جي حمايت ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف پاڪستان به چين جي حساس معاملن تي مڪمل حمايت ڪئي آهي. تائيوان، تبت يا سنڪيانگ بابت پاڪستان هميشه “ون چائنا پاليسي” جي حمايت ڪئي. اهوئي باهمي اعتماد ٻنهي ملڪن جي دوستيءَ جو اصل بنياد آهي. پاڪستان جي نوجوان نسل ۾ به چين بابت دلچسپي وڌي رهي آهي. ڪيترائي شاگرد هاڻي چيني ٻولي سکڻ لڳا آهن. پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ “ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ” قائم آهن، جتي شاگردن کي چيني ٻولي ۽ ثقافت سيکاري وڃي ٿي. ڪيترائي پاڪستاني شاگرد اسڪالرشپن تي چين وڃي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. عام ماڻهو هاڻي اهو سمجهڻ لڳو آهي ته مستقبل جي دنيا ۾ چين هڪ وڏي معاشي طاقت بڻجي چڪو آهي، ان ڪري چين سان ويجهڙائپ پاڪستان لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي. هن سال صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جا چيني دورا، گڏيل مفاهمتي بيان ۽ شي جن پنگ جي “Rock Solid Friendship” واري اصطلاح ان ڳالهه کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا عالمي سياست ۾ هڪ خاص اهميت رکن ٿا. پاڪستان لاءِ هاڻي ضروري آهي ته هو چين جي ترقيءَ مان سکڻ جي ڪوشش ڪري. چين غربت مان نڪري دنيا جي ٻي وڏي معيشت بڻجي چڪو آهي. پاڪستان جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان صنعتي پاليسين، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ گورننس تي ڌيان ڏئي ته پوءِ CPEC صرف شاهراهون نه، پر قومي ترقيءَ جو نئون رستو بڻجي سگهي ٿو. آخر ۾ پاڪ-چين دوستيءَ بابت چيو ويندو آهي ته اها “هماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري، فولاد کان مضبوط ۽ ماکي کان مٺي” آهي، پر حقيقت ۾ هن دوستيءَ جي اصل طاقت هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ ڀروسو آهي. 75 سالن جي هن سفر ثابت ڪيو آهي ته جڏهن قومون باهمي احترام، اصولن ۽ اعتماد تي گڏ هلن، ته وقت جون سختيون به انهن کي جدا نٿيون ڪري سگهن. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هي دوستي صرف حڪمرانن جي ميزن تائين محدود نه رهي، پر يونيورسٽين، اسڪولن، واپاري ادارن، ثقافتي مرڪزن ۽ عام ماڻهن تائين پهچي. ڇو ته قومن جا اصل رشتا عوام جي دلين ۾ جڙندا آهن، جيڪي صدين تائين قائم رهندا آهن.