سنڌ، پنجاب، بلوچستان جنڪشن تي هڪ پل تعمير ٿي رهي آهي، جنهن تي سفر ڪرڻ سان اڍائي ڪلاڪن جو ٽائيم پندرهن منٽن ۾ تبديل ٿي ويندو. پاڪستان هن وقت ڏکڻ ايشيا جي هڪ ڊگهي ۾ ڊگهي پل تعمير ڪري رهيو آهي، جنهن کي “گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ برج” جي نالي سان سڏجي ٿو، جنهن جي ڊيگهه 12.5 ڪلو ميٽر آهي. هي منصوبو لڳ ڀڳ 2028ع تائين مڪمل ٿي ويندو. هن منصوبي جي لاڳت لڳ ڀڳ 30.5 ارب رپيا آهي، ان منصوبي جي تڪميل کانپوءِ خطي جي وچ ۾ ڳانڍاپو وڌي ويندو جنهن سان معاشي خوشحاليءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو. سيد قاسم نويد قمر وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مشير چيو ته هيءَ ڏکڻ ايشيا خطي جي سڀ کان ڊگهي ۾ ڊگهي پل هوندي. قاسم نويد قمر جو چوڻ هو ته 2028ع تائين اميد آهي ته هن پل جو افتتاح ٿي ويندو.
حڪمت عملي تحت جوڙيل هيءَ پل پاڪستان جي ٽن صوبن سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي ۽ هن پل جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ درياءَ سنڌ کي پار ڪرڻ جو ٽائيم جيڪو هن وقت اڍائي ڪلاڪ آهي گهٽجي پندرهن منٽ رهجي ويندو. هن وقت گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ کان موجوده رستو 150 کان 170 ڪلو ميٽر جو آهي، جنهن کي پار ڪندي 2.5 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. ان کان علاوه هن پل جي تعمير کانپوءِ سنڌ صوبي ۾ ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ڪري جيڪي امن امان جا مسئلا آهن جيئن ماڻهن جو اغوا ٿيڻ، گاڏين جو ڦرجڻ جهڙا مسئلا ختم ٿي ويندا.
قاسم نويد قمر چيو، “گهوٽڪي هن وقت صنعتي ترقي ۽ بهتر انفرااسٽرڪچر جي لحاظ کان ڪافي ترقي ڪئي آهي. ڪنڌڪوٽ جيڪو اڃان تائين پٺتي پيل آهي هيءَ پل ڪنڌڪوٽ جي لاءِ نوان موقعا فراهم ڪندي. ميٽنگ دوران قاسم نويد ۽ ان جي ٽيم ڊزن کن انفرااسٽرڪچر ۽ سوشل سيڪٽر پراجيڪٽ جي باري ۾ ٻڌايو جنهن ۾ روڊ، اسڪول، اسپتالون ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون شامل آهن، جنهن جو گڏيل سيڙپ جو ڪاٿو 616 ارب رپين کان مٿي جو آهي. سندس چوڻ هو ته هو پرائيويٽ سيڪٽر کي موقعو ڏيڻ چاهين ٿا ته اچن پبلڪ سيڪٽر سان گڏجي سيڙپڪاري ڪن. مشهور واپاري رهنمائن ۽ سيڙپڪارن جنهن ۾ ايم اين اي مرزا افتخار بيگ، زبير موتي والا، عارف حبيب ۽ ٻيا نمايان اسٽيڪ هولڊر جهڙوڪ: عارف الاهي، دانش خان، جنيد نقي، زاهد سعيد، سمير چنائي ۽ دانش الاهي شامل هئا.
رستا ۽ پليون ڪنهن به رياست جي لاءِ ايئن آهن جيئن انساني جسم جي لاءِ رت جون ناليون، ڇو ته رت ئي آهي جيڪو توهان جي جسم ۾ غذائي جزا کڻي پوري جسماني عضون کي رسائي ٿو، اهڙي طريقي سان رستا ۽ پليون اسان جي ملڪ جي معاشي نظام کي طاقتور بڻائين ٿيون. هي منصوبو پوري ملڪ کي معاشي طور تي ڳنڍيندو ۽ سڀني صوبن جي لاءِ معاشي استحڪام پيدا ڪندو. هن وقت گهوٽڪي هڪ اڀرندڙ صنعتي حب طور اڳيان اچي رهيو آهي. جڏهن ته ڪنڌڪوٽ چائنا اڪنامڪ ڪاريڊور سان لڳو لڳ آهي. ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ٻئي معاشي طور تي اهم شهر آهن، ٻنهي ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا موجود آهن. اتي پاور پروجيڪٽ ۽ ڀاڻ ٺاهڻ جا پلانٽ لڳل آهن. مٿي جيئن ته قاسم نويد جي ڳالهه جو حوالو ڏنو ويو آهي ته هن منصوبي کانپوءِ ڪچي جا جيڪي به مسئلا آهن انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ٿي ويندو. هن پروجيڪٽ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون پليون، فلاءِ اوور، ٽول پلازه ۽ ٻيا انفرااسٽرڪچر جا منصوبا شامل آهن. مختصر طور تي اهو چئجي ته گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل هڪ تمام اهم معاشي منصوبو آهي، جيڪو پاڪستان جي چئني صوبن جي قسمت کي تبديل ڪري ڇڏيندو، چئني صوبن ۾ معاشي واڌ ۾ تيزي ايندي، سماجي حالتن ۾ بهتري ايندي ۽ امن امان جون جيڪي به هن وقت پريشانيون سرمائيدار کان وٺي عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي اهي به مستقبل ۾ هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ختم ٿي وينديون. هي منصوبو ٻن سالن کان زير تعمير آهي ۽ 2028ع ۾ مڪمل ٿي ملڪ جي قسمت کي هڪ نئون رخ ڏيندو.