توهان هيءَ ڪهاڻي ضرور ٻڌي ۽ پڙهي هوندي، اها ڪهاڻي غلط به ٿي سگهي ٿي ۽ سبق آموز به ٿي سگهي ٿي، اهو به ممڪن آهي ته ڪهاڻي سچي هجي. اها ڪهاڻي هن ريت آهي ته هڪ شخص پنهنجي گهر ۾ ويٺو هو ۽ گهر ۾ ان جي زال به موجود هئي. ٻئي ڳالهائي رهيا هئا ته اوچتو مينهن شروع ٿي ويو. جڏهن مينهن وسڻ لڳو ۽ ڇت يا نيسارن مان پاڻي وهڻ لڳو ته پاڻيءَ جا ڦوٽا ٺهڻ لڳا. مڙس بي قابو ٿي کلڻ لڳو، زال جڏهن کانئس کلڻ جو سبب پڇيو ته هو مٿس تشدد ڪرڻ لڳو. جڏهن سندس زال مجبور ٿي پئي ته وري به کيس چيائين ڳالهه ٻڌائڻ ۽ ڏوهه کان بغير مون تي تشدد ڪري رهيو آهين؟ آخر تون ڇا ٿو چاهين؟ تنھن تي سندس مڙس کيس چيو ته، “واعدو ڪر ته جيڪا ڳالهه ٻڌايان ان بابت ڪنهن کي به نه ٻڌائيندينءَ!!! زال رازداري جو واعدو ڪيو ۽ مڙس چيو ته ڪافي سال اڳ مون هڪ شخص کي قتل ڪيو هو. مارڻ مهل هو مون کي منٿون ڪرڻ لڳو هو ته هن کي نه ماريان. هن اهو به چيو ته تون مون کي بيگناهه قتل ڪري رهيو آهين، ان جي سزا توکي ضرور ملندي. مون کلندي چيو، “ڪير ڏسي رهيو آهي ته مان توکي ماري رهيو آهيان؟ ان وقت برسات ٿي رهي هئي. ان مظلوم شخص چيو ته پاڻيءَ جي قطرن مان ٺهيل هي ڦوٽا منهنجي ناحق قتل جي گواهي ڏيندا. مان کلڻ لڳس ۽ هن کي ماري ڇڏيم. هاڻي ڪيترائي سال گذري ويا آهن ۽ مون کي ڪا به سزا نه ملي آهي. هاڻي جڏهن مون پاڻيءَ جا ڦوٽا ڏٺا آهن، تڏهن مون کي اهو واقعو ياد آيو آهي ته مان بي اختيار کلڻ لڳو آهيان. اهو واقعو ٻڌي عورت به خاموش ٿي وئي.