بلاگنئون

پاڻيءَ جي ڦوٽن جي شاهدي

توهان هيءَ ڪهاڻي ضرور ٻڌي ۽ پڙهي هوندي، اها ڪهاڻي غلط به ٿي سگهي ٿي ۽ سبق آموز به ٿي سگهي ٿي، اهو به ممڪن آهي ته ڪهاڻي سچي هجي. اها ڪهاڻي هن ريت آهي ته هڪ شخص پنهنجي گهر ۾ ويٺو هو ۽ گهر ۾ ان جي زال به موجود هئي. ٻئي ڳالهائي رهيا هئا ته اوچتو مينهن شروع ٿي ويو. جڏهن مينهن وسڻ لڳو ۽ ڇت يا نيسارن مان پاڻي وهڻ لڳو ته پاڻيءَ جا ڦوٽا ٺهڻ لڳا. مڙس بي قابو ٿي کلڻ لڳو، زال جڏهن کانئس کلڻ جو سبب پڇيو ته هو مٿس تشدد ڪرڻ لڳو. جڏهن سندس زال مجبور ٿي پئي ته وري به کيس چيائين ڳالهه ٻڌائڻ ۽ ڏوهه کان بغير مون تي تشدد ڪري رهيو آهين؟ آخر تون ڇا ٿو چاهين؟ تنھن تي سندس مڙس کيس چيو ته، “واعدو ڪر ته جيڪا ڳالهه ٻڌايان ان بابت ڪنهن کي به نه ٻڌائيندينءَ!!! زال رازداري جو واعدو ڪيو ۽ مڙس چيو ته ڪافي سال اڳ مون هڪ شخص کي قتل ڪيو هو. مارڻ مهل هو مون کي منٿون ڪرڻ لڳو هو ته هن کي نه ماريان. هن اهو به چيو ته تون مون کي بيگناهه قتل ڪري رهيو آهين، ان جي سزا توکي ضرور ملندي. مون کلندي چيو، “ڪير ڏسي رهيو آهي ته مان توکي ماري رهيو آهيان؟ ان وقت برسات ٿي رهي هئي. ان مظلوم شخص چيو ته پاڻيءَ جي قطرن مان ٺهيل هي ڦوٽا منهنجي ناحق قتل جي گواهي ڏيندا. مان کلڻ لڳس ۽ هن کي ماري ڇڏيم. هاڻي ڪيترائي سال گذري ويا آهن ۽ مون کي ڪا به سزا نه ملي آهي. هاڻي جڏهن مون پاڻيءَ جا ڦوٽا ڏٺا آهن، تڏهن مون کي اهو واقعو ياد آيو آهي ته مان بي اختيار کلڻ لڳو آهيان. اهو واقعو ٻڌي عورت به خاموش ٿي وئي.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پوليس قاتل کي گرفتار ڪرڻ آئي، هو پريشان ٿي ويو. جيتوڻيڪ پوليس کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي. هن گرفتار ڪندڙن کان پڇيو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي ته مون قتل ڪيو آهي؟ تڏهن هنن چيو ته اسان کي خبر پئجي وئي آهي ته تون قاتل آهين. اهو واقعو هن پنهنجي زال کي ٻڌايو. زال رازداري جي واعدي تي هڪ ٻئي پياري کي ٻڌايو. اهو واقعو رازداري جي واعدي تحت پوليس وٽ پهچي ويو، پوءِ قاتل کي خبر پئي ته پاڻيءَ جي ڦوٽن واقعي شاهدي ڏني هئي. هونئن به چوندا آهن ته خون ۽ کٿوري لڪڻ جا نه آهن. هيءَ ڪهاڻي اسان کي اهو به سيکاري ٿي ته ڏوهه ڪيترو به لاپرواهيءَ سان ڪيو وڃي، آخرڪار پڪڙيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو دنيا جي عذاب کان بچي ويو ته به آخرت ۾ عذاب ڀوڳڻو پوندو. اسان جڏهن ڪو ڏوهه ڪريون ٿا ته سمجهون ٿا ته اسان کي ڪوبه پڪڙي نه سگهندو يا ڪو اسان کي نقصان نه پهچائي سگهندو، پر هڪ وقت اچي ٿو ته ڏوهاريءَ کي ڏوهه جي سزا ضرور ڀوڳڻي پوي ٿي. مٿئين لکيل ڪهاڻي عبرت واري آهي. بظاهر ته لڳي ٿو ته مينهن ۽ وهندڙ پاڻي ڦوٽا بڻجي وڃن ٿا، پر اهي ڦوٽا هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار کي پڄاڻيءَ تائين پهچائين ٿا. جيتوڻيڪ بي جان شيون شاهدي ڏين ٿيون، انهن کي ظاهري طور تي نه سمجھڻ يا انهن کان ڪن لاٽار ڪرڻ بيوقوفي آهي. جيڪڏهن اسان کي اهو احساس آهي ته اسان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون ان جو حساب ڏيڻو پوندو ۽ ڪجهه به لڪي نه سگهندو ته پوءِ اسان سڌي رستي تي هلي سگهون ٿا. زماني جون ڪهاڻيون ٻڌڻ گهرجن، ڇو ته ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سبق آموز هونديون آهن. افسوس جو سماج ۾ ڪهاڻيون ختم ٿي رهيون آهن ۽ سوشل ميڊيا انهن ڪهاڻين جي جاءِ وٺي رهي آهي. سوشل ميڊيا ذريعي به قصا ڪهاڻيون پڙهي ۽ ٻڌائي سگهجن ٿيون. ڪهاڻيون نه رڳو علم ۾ واڌارو ڪن ٿيون، پر زندگيءَ جي حقيقتن کي به واضح ڪن ٿيون. جيڪڏهن والدين پنهنجي ٻارن کي مشهور شخصيتن جون ڪهاڻيون ٻڌائين ته هو انهن وانگر ٿيڻ لاءِ بيقرار ٿيندا. ائين اسڪول جي استادن کي گهرجي ته ٻارن کي ڪهاڻين ۾ شامل ڪن. پڪ ڪريو ته ڪهاڻيون سبق آموز آهن. ڪجهه ڪهاڻيون غلط تاثر ڇڏينديون آهن ۽ انهن ڪهاڻين کان بچڻ ضروري آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪا نه ڪا دلچسپي ضرور هوندي آهي. بهرحال اهڙيون ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ گهرجن جيڪي فرد کي بهتر تربيت ڏين. هي ڪهاڻي اهو به سيکاري ٿي ته خون ناحق نه لڪي سگهيو. ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انساني زندگيءَ ۾ تمام گهڻو سڌارو آڻين ٿيون. پاڻيءَ تي ٺهيل ڦوٽا فوري طور غائب ٿي وڃن ٿا، پر ڪهاڻي جي مقتول ڪردار کي انصاف ملي ٿو. بهترين ڪهاڻيون نه رڳو دلچسپ، پر سبق سيکارينديون آهن. بالغن کان علاوه، نوجوان ٻار به بهتر ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن اهي ڪهاڻين ڏانهن راغب ٿين. ڇو ته اهي ڪهاڻيون انساني زندگيءَ سان وابسته هجن ٿيون. عام ماڻهوءَ کان وٺي آفيسرن توڙي سياستدانن تائين زندگيءَ جي ڏکن جا ڦوٽا ٺهن ٿا ۽ اهي ڦوٽا تاريخ لکن ٿا ۽ اهي تاريخ کي بيان ڪن ٿا، ان ڪري هر فيصلو سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي، زندگي مختصر آهي، ان ڪري تڪبر ڇڏي انهن ڦوٽن مان سبق پرايو جيئن لطيف سائينءَ سر آسا ۾ فرمايو:

محروم ئي مري وئا، ماهر ٿي نه مئا؛

چڻيء جيئن چهنج هڻي، لڏيائون لُئا؛

حباب ئي هئا،  انهيءَ واديءَ وچ ۾.

لاحاصل زندگي گذاري مري ويا، مڪمل ٿي ڪونه مئا. جهرڪيءَ وانگر چهنب سان ڪجھه داڻا کائي، هن دنيا کي ڇڏي هليا ويا. هن دنيا ۾ ڄڻ پاڻيءَ جا ڦوٽا هئا جيڪي اک ڇنڀ ۾ ڦسي پيا. ياد رکو جنهن ملڪ ۾ ماڻهن کي سوالن ڪرڻ ۽ تنقيدي سوچ جي بدران ٺڳيءَ جي ڪوڙن جوابن جي عادت وڌي وڃي ۽ ترقيءَ جا ڪوڙا ۽ آسان رستا سمجھايا ويندا ھجن. ڪڏهن پاڻيءَ سان گاڏيون ھلائڻ جا ناٽڪ ٺاهيا وڃن، ڪڏهن اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهي پاڻ کي انسانيت جو والي سمجهيو وڃي ۽ عام ماڻهوءَ کي ڪيڙا ماڪوڙا سمجهي لتاڙيو وڃي، ڪڏهن دعا جو آواز روشنيءَ کان بلند ٿي وڃي ته ڪڏهن سمنڊ مان قسمت بدلائيندڙ گئس جا ڦوٽا نڪرڻ شروع ٿي وڃن ته اتي حقيقي ترقي ناممڪن ھوندي آھي ۽ اهي ڦوٽا ختم ٿيڻ ۾ دير نه ڪندا. هن وقت سنڌ سونهاريءَ ۾ پاڻيءَ جو معاملو ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي ۽ درياءَ هڪ ننڍي نهر جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. ڪالهوڪو ڏينهن آهي جڏهن ڄامشورو پل يا لئنسڊائون پل مٿان بيهي درياءَ جي گجگوڙ جا آواز ٻڌي تصويرون ڪڍرائي دل کي قرار ڏياريندا هئاسين، اڄ درياءَ جا ڦوٽا الائي ڪاڏي ويا اڄ اهي موجود ناهن، پر اتي رڳو واري پئي اڏامي. لھندڙ سج ۽ پاڻيءَ جي ڦوٽن ۾ به ڪيترائي سبق سمايل آھن، جيئن وري موٽي نه ايندا، ھي لاٽون جيڪي اڄ آخري پساهن ۾ آھن اھي وري ٻيھر توھان جي نظرن جي اڳيان نه گذرنديون اھڙي ئي نموني توھان به ھن دنيا ۾ ھڪ مقرر وقت جي لاءِ آيا آھيو، وقت جو قدر ڪريو ته سڀاڻي وقت توھان جو قدر ڪندو ۽ جيئن مان موٽي غروب ٿي وڃان ٿو اھڙي نموني توھان کي به ھن فاني دنيا مان ھليو وڃڻو آهي ان جي لاءِ ان جي تياري ڪريو ورنه اهي ڦوٽا توهان مٿان شاهد ٿي بيهندا.