پهلگام حملي کانپوءِ هندستان اٽاري واگها سرحد کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ حملي جي سڀني پهلوئن ۽ ممڪنه جوابي قدمن تي بحث ڪيو ويو. جيتوڻيڪ مودي سرڪار اڃان تائين پاڪستان تي سڌو سنئون الزام ناهي هنيو، پر اهو ضرور چيو آهي ته پهلگام حملي جو تعلق سرحد پار سان ڳنڍيل آهي. پوءِ به سارڪ معاهدي تحت پاڪستاني شهرين کي ڏنل ويزا پڻ منسوخ ڪيا پيا وڃن ۽ پاڪستاني شهري جيڪي ان وقت هندستان ۾ هئا انهن کي 48 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو. افغانستان جي واپاري سلسلن جي بند ٿيڻ جي ڪري هندستان کي وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻو پوندو، پهلگام حملي کانپوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا ٽٽڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن کي تجارتي نقصان ٿيندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا توڻي جو گهٽ آهن يا صرف ڪجھه شين جي واپار سان پاڪستان ۾ پرڏيهي واپار جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا واپاري لاڳاپا خاص آهن. پاڪستان کان هندستان ڏي ڪو گهڻو سامان نٿو وڃي، تنهنڪري واپاري لاڳاپن جي خاتمي کانپوءِ پاڪستان جي پرڏيهي واپار جي شعبي ۾ برآمدات کي ڪنهن به نقصان جو ڪوبه خوف ناهي. دوائن لاءِ ڪچو مال هندستان کان پاڪستان ايندو آهي، جيڪو هندستان سڄي دنيا ۾ موڪليندو آهي. هندستان دنيا ۾ دوائن لاءِ ڪچو مال موڪليندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون به اهو ڪچو مال هندستان کان وٺي رهيون آهن. هندستان کان ڪچو مال جي نه پهچڻ جو سبب اهو به هوندو آهي ته پاڪستان کي دوائن جي پيداوار لاءِ اهي ڪچو مال ٻئي ملڪ کان آرڊر ڪرڻا پوندا، جيڪي مهانگا هوندا، جنهن سان دوائن جون قيمتون وڌنديون. پاڪستان هندستان کان ٿوري مقدار ۾ ڪپھه به وٺندو آهي. واپاري لاڳاپا ختم ٿيڻ سان پاڪستان کي نقصان گهٽ ٿيندو، پر هندستان کي افغانستان جي مارڪيٽ ۾ وڏو نقصان ٿيندو، ڇو ته هندستاني سامان افغانستان جي مارڪيٽ ۾ پاڪستان ذريعي وڃي رهيو آهي، جيڪو هاڻي بند ٿي ويندو. هاڻي هندستان کي اهي سامان ايران کان سمنڊ ذريعي موڪلڻا پوندا، جنهن جي قيمت وڌيڪ هوندي. ساڳئي طرح هندستاني مسافر جهازن پاران پاڪستان جون هوائي حدون بند ٿيڻ جي ڪري ان جي ايئر لائنن کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. پاڪستان جا ڪجھه مريض علاج لاءِ هندستان ويندا آهن، خاص طور تي ميڊيڪل جي شعبي ۾ جتي هندستان کي فائدو آهي، پر هاڻي ويزا بند ٿيڻ کانپوءِ هندستان کي اتي به نقصان ٿيندو. اپريل جنوري 2025-2024 ۾ هندستان جي پاڪستان ڏانهن برآمدات 447.65 ملين آمريڪي ڊالر هئي، جڏهن ته درآمدات 0.42 ملين آمريڪي ڊالر جي معمولي هيون. 2023-24 ۾ برآمدات ۽ درآمدات ترتيب وار 1.18 بلين ۽ 2.88 ملين آمريڪي ڊالر هيون.