بلاگنئون

سفر نامون: نسيمه سان نيويارڪ ۾…

زندگي ته آهي ئي جاکوڙ ۽ جستجو جو نالو. ڳالهه ڪجي پنهنجي جاکوڙ ۽ معمولي ڪاميابي جي ته ان ۾ منهنجي جيون ساٿيءَ جو سورنهن آنا ڪردار آهي. هيل تائين زندگيءَ جي گڏ گذاريل لڳ ڀڳ 40 بهارن ۾، هن قدم قدم تي ساٿ ڏنو آهي. تيل ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو جي ته اڌ زندگي گھر کان ٻاهر گذري ٿي، اُن مرحلي ۾ ٻارن جي تربيت ۽ تعليم، گھر جا ڪم ڪار سڀ هو پاڻ ڪندي رهي. ڏهرڪي جي نِج ڳوٺاڻي ماحول کان وٺي، حيدرآباد، لاهور ۽ نيويارڪ تائين هن ئي سنڀاليو آهي. مسئلا آيا ته گڏجي حل ڪيا.

زندگي تيز، بهت تيز چلي هو جيسي

رب پاڪ جي رحمت سان ٻار جيڪڏهن اڄ ڪنهن منزل تي آهن ته سڄو سندن ماءُ جو ئي پورهيو آهي. ماءُ ئي پهرين درسگاهه هوندي آهي. اهڙيءَ طرح تعليمي ميدان ۾ به هن جو وڏو ڪردار آهي. سهولتن جي اڻهوند ڪري کڻي پاڻ ڪڏهن تعليم حاصل نه ڪري سگهي، پر اڄ به جيڪڏهن اسان جي زندگيءَ جي جوائنٽ اڪائونٽ ۾ پنهنجي ٻارن جيان ٻين جي ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ وارو خواب ئي آهي.

 اڄ به اسان اسڪول جي سرگرمين ۾ هڪ جيترو حصو وٺون ٿا. ٻار صبح سوير جڏهن دعا پڙهن ٿا ائين ٿو لڳي جو جيئري جنت ۾ آهيون. ڇو ته ڪنھن کي صحيح راهه ڏيکارڻ ئي زندگي جو اهم ڪم آهي.  اسان جي سماج ۾ رشتن ۾ ويڇا تڏهن پيدا ٿيندا آهن، جڏهن اسان پنهنجين عورتن کي سندن ننڍين ننڍين ڳالهين عيوض هميشه نظرانداز ڪرڻ شروع ڪندا آهيون، پر جيڪڏھن انھن کي اعتماد ڏيون، چار ديواري ۾ قيد ڪرڻ جهڙين ڪُڌين رسمن بجاءِ انھن سان گڏ گھمون، ٻارن جي اسڪول جي  سرگرمين ۾ شامل ڪريون ته ٻارن جي تربيت تي وڏو فرق پوي ٿو. هڪ صحتمند زندگيءَ خاندان جڙي ٿو.