هڪ نامياري اخبار ۾ شايع ٿيندڙ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي مرتب ڪيل انگن اکرن مطابق اهو ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025ع ۾ پاڪستان ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ تجارتي خسارو 7.37 سيڪڙو واڌ سان 13.974 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو گذريل سال 13.014 ارب ڊالر هو. ان خساري ۾ اضافي جو بنيادي سبب پيٽروليم مصنوعات جي اضافي درآمد آهي.
جيئن ته يو اي اِي پاڪستان جو سڀ کان وڏو تيل فراهم ڪندڙ ملڪ آهي. مالي سال 2025 ۾ پاڪستان يو اي اِي مان 25.75 سيڪڙو وڌيڪ تيل درآمد ڪيو آهي. مالي سال 2025ع ۾ ڪچي تيل جي درآمدن ۾ مقدار جي لحاظ کان 15 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن جي ڪري واپاري عدم توازن وڌيو آهي. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ جي سي سي ملڪن تي گهڻو ڀاڙي ٿو، جنهن ۾ يو اي اِي به شامل آهي. پاڪستان هڪ وڌندڙ آبادي ۽ ترقي ڪندڙ معيشت وارو ملڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ کي توانائي جي گهرج ۾ مسلسل اضافو ٿيندي نظر اچي ٿو ۽ ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ تيل جي درآمد ناگزير آهي.
پاڪستان سعودي عرب کانپوءِ ٻئي نمبر تي يو اي اِي کان وڌيڪ تيل درآمد ڪري ٿو، پر ان جي نسبت پاڪستان مان شين جي يو اي اِي روانگي ۾ ان نسبت سان اوتري واڌ نه ٿي آهي جنهن جي ڪري تجارتي خسارو وڌيو آهي. ان کان علاوه عالمي مارڪيٽ ۾ جڏهن به تيل جي قيمتن ۾ اٿل پٿل اچي ٿي ته ان سان به پاڪستان جي تجارتي بلن ۾ گهٽ وڌائي اچي ٿي جيئن هن وقت خساري جي صورت کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. پاڪستان جي معيشت ٻاهران گهرايل يا درآمد ڪيل شين تي وڌيڪ ڀاڙي ٿي، جنهن جي ڪري اسان کي آءِ ايم ايف کان قرض به وٺڻو پوي ٿو ۽ پرڏيهي ناڻي جي کوٽ کي هميشه منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهي نقصان ملڪ جي معيشت کي متاثر ڪن ٿا. تيل جي وڌيڪ درآمد لاءِ وڌيڪ پرڏيهي ناڻو ڏيڻو پوي ٿو.
جيئن ته پاڪستان وٽ اڳيئي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽ آهن ان ڪري پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي وڌيڪ دٻاءُ پيدا ٿئي ٿو، جيڪا صورتحال پاڪستاني رپئي جي قدر کي گهٽ ڪري ٿي. جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وڃي ٿي ۽ عام کائڻ پيئڻ جون شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. ڇو ته سڄي معيشت جو دارو مدار پيٽروليم، ڊيزل ۽ گئس جي قيمتن تي هوندو آهي. شين جي آمد و رفت جا ذريعا اهو ٻارڻ استعمال ڪري شين کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائين ٿا ۽ آخر ۾ مهانگائي جو بار هڪ غريب صارف تي پوي ٿو.
هن وقت تيل جي درآمد جي ڪري جيڪو خسارو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي پيو ان سان يقينن تيل جي وڌندڙ قيمت سان حڪومت کي پيٽروليم جي شين تي قيمتون وڌائڻيون پونديون. جڏهن ته تازو ئي ٻه دفعا پيٽروليم جي مصنوعات جي قيمتن ۾ حڪومت اضافو ڪري چڪي آهي، جڏهن عوام جي مٿان اهو بار اڃان وڌيڪ پوندو ته عوام جون رڙيون نڪرڻ قدرتي عمل آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت اهڙا قدم کڻي جنهن سان توانائي جي بچت ٿئي. حڪومت کي توانائي جي بچت لاءِ متبادل توانائي جي منصوبن تي غور ڪرڻو پوندو. توانائي جي بچت جي لاءِ قومي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گهرن کان وٺي صنعتن ۽ سرڪاري ادارن تائين توانائي کي بچايو وڃي ۽ ان جو بهتر ۽ سمارٽ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن اسان کي تيل جي درآمد تي گهڻو ڀاڙڻو نه پوي.
ان کان علاوه گورنمينٽ کي شمسي، هوائي ۽ پن بجلي جهڙن ٻيهر استعمال ٿيڻ جهڙن ذريعن تي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ڪجهه عرصي کان پاڪستان حڪومت تيل تي گهڻو ڀاڙي رهي آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ گدلاڻ ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ادائگين جي خساري ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه اسان کي پنهنجي برآمدات ۾ به اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ کان وڌ شيون ٺاهي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي سگهجن. جنهن ۾ صرف ٽيڪسٽائل تي ڀروسو ناهي ڪرڻو، پر هاڻي اسان کي ٻين صنعتن تي به توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ٽيڪنالاجي، فارماسيوٽيڪل، انجنيئرنگ جو سامان، آءِ ٽي سروسز ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتون وڌائي اسان ٻين ملڪن ڏانهن پنهنجون سروسز ۽ سامان موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهون ٿا.
اهڙي پاليسي ٺاهي تجارتي خساري کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهون ٿا. هن وقت پاڪستان صرف چند ملڪن سان درآمد ۽ برآمد جو سلسلو جاري رکيو اچي ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان پنهنجي پيدا ڪيل مصنوعات جي لاءِ نئين مارڪيٽن جي ڳولها به ڪري، جتي پاڪستان جي مصنوعات کي اماڻي سٺو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي. مختصر طور تي اهو چئي سگهجي ٿو ته واپاري خساري کي گهٽائڻ جي لاءِ حڪومت کي هڪ ڊگهي ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنهن سان توانائي جي بچت، متبادل ذريعن جو استعمال پاڪستان جي مصنوعات پرڏيهه اماڻڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ لاءِ حالتن کي بهتر ڪرڻ شامل آهي.
ضروري آهي ته حڪومت انهن سڀني شين تي سنجيدگي سان جلد کان جلد قدم کڻي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، نه ته ان سڄي صورتحال جو نقصان صرف غريب عوام کي ڀوڳڻو پوندو.