آمريڪا کي افغانستان پاڪستان سرحد تي ڀت جا خرچ ڀرڻ گهرجن
آمريڪا پاران مالي امداد روڪڻ کان هڪ مهينو پوءِ وزير خارجه خواجه آصف جو چوڻ آهي ته پاڪ افغان سرحد تي ڀت لڳائڻ جو خرچ آمريڪا کي ڀرڻ گهرجي. هن هڪ پرڏيهي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته آمريڪا کي اها ڀت مهانگي نه پوندي جڏهن ته آمريڪا کي افغان جنگ مهانگي پئجي رهي آهي. واضح رهي ته پاڪستان گذريل سال کان هن ڀت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت جو چوڻ هو ته هن ڀت جو مقصد دهشتگردن سميت غير قانوني ماڻهن کي ملڪ اندر اچڻ کان روڪڻو آهي. وزير خارجه جو چوڻ هو ته هن ڀت جي لڳائڻ کانپوءِ دهشتگردن کي ملڪ ۾ اچڻ کان روڪي سگهبو. 20 لک افغان پناهگيرن جي واپسي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته انهن جو واپس وڃڻ هن خطي جي امن لاءِ به ضروري آهي ڇاڪاڻ ته انهن ڪئمپن ۾ دهشتگرد به پناهه وٺي رهيا آهن. وزير خارجه چيو ته هي ڀت ٻنهي ملڪن جي امن لاءِ ضروري آهي. واضح رهي ته تازين خبرن موجب پاڪستان افغانستان سرحد تي ٺهندڙ ڀت جو 160 ڪلو ميٽر جو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي. هن سڄي ڀت جي پروجيڪٽ تي 56 ارب رپين جو خرچ ايندو. ٻئي حصي جي اڏاوت ۾ 830 ڪلو ميٽر جي حصي تي ڪم ٿيڻو آهي.